طفيل مگسي
“انڱلينڊ جاسوٽ ۽ اٽلي جا بوٽ پائي ڪري غريب جي ڳالھ ڪندو ته ڪو به اوهان تي اعتبار نه ڪندو“جواهر لال نهرو جو بابا موتي لال نهرو هڪ ڪامياب وڪيل.بزنس مين ۽ سياستدان هو.جيڪو دهلي.الله آباد ۽ ڪلڪتا ۾ پريڪٽس ڪندو هو. ۽ 1990ع جي شروعات ۾ لکين رپيا ڪمائيندو هو.۽ ھو ٻه ڀيرا آل انڊيا ڪانگريس جو صدر پڻ رهيو.موتي لال نهرو صاحب پاڻ سياستدان هو.مگر هو پنهنجي پٽ جواهر لال نهرو کي سياست کان پري رکڻ چاهيندو هو ۽ هو صرف پٽ جي وڪيل ٿيڻ جا خواب ڏسندو هو.ان کي جيل کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.جواهر لال نهرو جو بابا پنهنجي پٽ کي شاهي خاندان جيان پڙھايو.نوابن جهڙي پرورش ڪئي.ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ تعليم ڏياريائينس ۽ جڏھن هو بيرسٽر بڻجي ڪري هندستان واپس اچي ويو ته هن کي الله آباد ۾ بهترين ڪلائنٽس وٺي ڪري ڏنائين.ليڪن جوهر لال نهرو ڪميونسٽ ذھنيت جو مالڪ هو.هن سياست ۾ اچي ڪري معاشري ۾ برابري ڪرڻ چاهي هئي.بابا گهڻو ئي سمجهائيس مگر دال نه ڳري ته هن هڪ ڏينهن جوهر لال نهرو جي الماڙي کان سمورا قيمتي سوٽ.جوتا ۽ سگار ڪڍيا ۽ دوستن جي ٻارڙن ۾ ورهائي ڇڏيا ۽ ان جي جاء تي کانڌي جا ٻه پاجاما ۽ ٽي ڪرتا ۽ ھٿ جي ٺھيل هڪ جتي رکي ڇڏيائين.جواهر لال جي ڪمري کان سمورو فرنيچر به هڻايو ويو .فرش تي کهري قالين ۽ چادر وڇائي وئي ۽ خدمتگار کي حڪم ڏئي ڇڏيائين ته تون سڀاڻي کان صاحبزادي کي جيل جي ماني ڏيڻ شروع ڪري ڇڏ ۽ پٽ جي کيسي جو خرچ به بند ڪري ڇڏيائين.جواهر لال نهرو جڏھن پنهنجي ڪمري جو اهو حال ڏٺو ته رات جو مرڪي بابا وٽ آيو .وڏو نهرو صاحب ان وقت اسٽڊي ۾ ٽالسٽاء جو ناول “وار اينڊ پيس“پڙھي رهيو هو.پٽ پڇيس“تون مون کان ناراض آھين“موتي لال ڪتاب کان نگاهون مٿي کنيون ۽ نرم آواز ۾ چيائين“مان توکان ناراض ٿيڻ وارو دنيا جو آخري شخص هوندس“ ننڍڙي نهرو پڇيس“پوء تو ايترو وڏو آپريشن ڇو ڪري ڇڏيو“بابا پٽ کي چيو“پٽڙا جيڪو تو رستو چونڊيو آھي ان ۾ جيل.بک ۽ خواري کانسواء ٻيو ڪجه به ناهي.مان چاهيان ٿو ته تون اڄ کان ئي انهن سمورين شين جي عادت وجهي ڇڏ.جيڪي ان رستي ۾ توکي پيش اچڻ واريون آھن.
ٻيو غريب وٽ اعتبار کانسواء ڪجه به ناهي هوندو.ان ڪري اهي نهايت سوچي سمجي ٻين تي اعتبار ڪن ٿا.تون جيڪڏھن عام ماڻھو جي ڳالھ ڪرڻ چاهين ٿو ته پوء توکي پاڻ به عام ماڻھو ٿيڻ گهرجي.تون انگريز جا سوٽ ۽ اٽلي جا بوٽ پائي ڪري غريب جي ڳالھ ڪندين ته توتي ڪو اعتبار نه ڪندو.مان نٿو چاهيان.دنيا منهنجي پٽ کي منافق سڏي.ان ڪري تون اڄ کان اهي ڪپڙا پائيندين جيڪي غريب پائين ٿا. ۽ تون ايترائي پئسا خرچ ڪندين جيترا غريب جي کيسي ۾ ھوندا آھن“جواهر لال نهرو بابا جا هٿ چميا ۽ پوء مرڻ تائين کانڌي جا ڪپڙا ۽ ديسي جوتا پاتائين.۽ غريبن جهڙو ساڌڙو کاڌو کاڌائين.ليڪن اسان جي ملڪ جو سڀ کان وڏو الميو اهو آھي ته نه هن ملڪ ۽ نه عوام کي اهڙي ليڊرشپ ملي سگهي آھي.سڄي دنيا ۾ ليڊرن جو تعلق عمومن وڏن گهرن سان هوندو آھي.اهي تعليم يافته به هوندا آھن.انهن جو گلوبل ايڪسپوزر هوندو آھي ۽ اندر کان رجيل پڻ ھوندا آھن.
ليڪن اهي ماڻھو جڏھن سياست ۾َ اچن ٿا ته اهي سادگي ۽ غريب پروري جو تحفو ساڻ ڪري اچن ٿا.اهي عام ماڻھو جي ڳاله نٿا ڪن.اهي عام ماڻھو جيان ڏيک ڏين ٿا .مگر اسان جي ملڪ ۾ ائين بلڪل ناهي.
اسان جي ملڪ جي ۽ عوام جي بدنصيبي آھي ته هن ملڪ جون ننڍيون چاهي وڏيون سياسي پارٽيون ڇو نه هجن.اهي نه ملڪ جون خيرخواه آھن ۽ نه ئي وري کين کي هن جي ملڪ سان محب يا سچائي آھي.بلڪ اهي ائين چئجي ته ملڪ ۽ قوم جون دشمن آھن ته ڪو واڌاء نه ٿيندو.ڪروڙن جي بنگلن ۾ رھڻ وارا ڪيترائي لک ماھوار پگهار ۽ دنيا سڄي جون سهوليتون وٺڻ وارا .ٻاھرين ملڪ وڏا گهر ۽ بينڪ بيلنس رکڻ وارا .جهاز ۽ ھيلي ڪاپٽرن کي گهٽيء جي موٽر سائيڪل جيان استعمال ڪرڻ وار اسان اقتدار جا مالڪ هڪ غريب ملڪ جا اڳواڻ ۽ رهبر نٿا ٿي سگهن.بلڪ اهي سفيد پوشي جي چادر ۾ لڪل دنيا جا سڀ کان وڏا ڦورو.لٽيرا ۽ ڌاڙيل آھن.ملڪن جا اهي ئي اڳواڻ يا ليڊر سچا ٿي سگهن ٿا.جيڪي ملڪ ۽ قوم تي رحم کائي ڪري ملڪي حالتن ۽ عوام جي پٽاندڙ رويا اختيار ڪن جيئن جرمن چانسلر اينجيلا مرڪل ٽن سوٽن ۽ ھڪ ئي ڪوٽ سان گڏ پنج سالن واري اقتدار جو دور پورو ڪري دنيا سڄي ۾َ ڪروڙين ئي ماڻھن کي پنهنجي ڪردار سان ئي پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏيو.۽ بارڪ اوباما جيان صدارت کان رٽائر ٿي ڪرائي جو گهر ڳوليندو رهي.مون کي ته افسوس انهيء ڳالھ جو ٿيندو آھي ته پاڪستاني عوام1947ع کان وٺي ڪري هن وقت تائين انهن چورن .ڦورن ۽ لٽيرن سياستدان کان حاصل ڇا ڪيو آھي.صرف بک.بيروزگاري.اذيتون.تڪليفون.پر جڏھن به ڪا اليڪشن ٿيئي ٿي ته اهوئي ئي عوام ساڳئين ئي سياسي ماڻھن کي ووٽ ڏئي وري ٻيهر اقتدار ۾ آڻين ٿا. جيستائين عوام اهڙن ناندان ماڻھن کي ئي ووٽ ڏيندو رهندو.تيستائين سندس حالت ڪڏھن به سڌري نه سگهندي..ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ تي جيڪي تي اقتدار تي اچن ٿا اهي سياسي ليڊر گهٽ بلڪ ڌنڌي وارا ماڻھو اچن ٿا.جيڪي اقتدار کي ڌنڌي جي نظر سان ئي ڏسن ٿا.
