ٽن جھيڙن جي ڪيسن جي ٻڌڻي،ڏنڊ عيوض 14 جوابدار آزاد

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) فرسٽ سول جج ماڊل ٽرائل ڪورٽ گهوٽڪي اعجاز احمد تنيو جي عدالت ۾ جھيڙي جي ٽن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي گذري جنهن ۾ ماڊل ٽرائل ڪورٽ عدالت جهيڙي جي ٽن ڪيسن مان 14 ڄڻن کي آزاد ڪيو جڏهن ته چئن ڄڻن کي هڪ لک اڪيتاليهه هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ۽ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي هڪ ڪيس مان نادر علي شر، عبدالرزاق، گل حسن شرجڏهن ته ٻئي ڪيس مان موچارو، غلام نبي، جاويد علي شر ياسين شر، سمابو، اربيلو، خان محمد، ۽ ٽئين ڪيس مان عارف علي محمد عبيدالرحمان، ، بادشاهه ، بشير احمد کي باعزت بري ڪري ڇڏيو جڏهن ته لياقت علي شر تي به 5 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي ، ان سان گڏو گڏ اصغر علي شر تي پڻ الزام ثابت ٿيڻ تي هڪ لک 16 هزار 10 رپيا، اشرف علي مٿان 16 هزار رپيا سردار علي شر مٿان 5 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو جنهن تي جوابدارن کي ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻ بعد فرسٽ سول جج ماڊل ٽرائل ڪورٽ گهوٽڪي باعزت بري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو