عزيزه حنا عباسي
خوش حال سنڌ,جي بدحال ماڻھن کي ھاڻي ته ھمت ڪري سنڌ سان ويساه گھاتي ڪندڙن کان ووٽن وٺڻ کان پهرين ڪجھ سوال ڪرڻ گهرجن ۽ پڇيو وڃي ته توھان سنڌ جو ڇا حال ڪيو آھي,انھن کان پڇيو وڃي ته خوش حال سنڌ جا ماڻھو بد حال ڇو آھن, ڇو سنڌ صوبي جا ماڻھو پنھنجي ئي ڌرتيء تي ننڌڻڪا ٿيل آھن لاوارثن جيان ڌارين ھٿان ڪٽجي رھيا آھن,ڇو پيرن ,وڏيرن کي ايتري آذادي ڏني وئي آهي جو معصوم ٻچن ۽ ماڻهن کي مارڻ جيارڻ جو ڪم به آذاديء سان ڪري رهيا آهن,ڪير به هنن کان پڇڻ وارو ناهي,هڪ پاسي سنڌ سان اها ويڌن ٿي رهي آهي ,۽ ٻئي پاسي صوبي مان نڪرندڙ تيل,گئس,ڪوئلي جي ڪمائي ڪيڏانھن وڃي رھي آھي,جنھن صوبي مان تيل نڪري ٿو اتي جا ماڻھو ڪاٺيون ڇو ٿا ٻارين,انھن کي گئس ڇو نٿي ڏني وڃي,سنڌو درياءجو پاڻي سنڌ لاءڇو نه آھي,سنڌ جا ماڻھو,بک,اڃ ,بيروزگاري سبب خودڪشيون ڇو ڪري رھيا آھن,ٿر ھن جديد دور ۾ به ڏڪاريل,بکايل ڇو آھي,جتان ڪارو سون نڪري پيو اتي جا معصوم ٻچا بکن ۾ ڇو زندگيء کان پري وڃي رهيا آهن,ڇو سنڌ جي سونهن ڪارونجهر جبل کي به نيلام پيو ڪيو وڃي ,سنڌ جون زمينون تين وال ڪري غير سنڌين کي ڇو ورھائي ڏنيون ويون آھن, سنڌ جي شھرن تي ڌاريا قابض ڇو آھن ,افغانين ,باجوڙين جي لوڌ ڇو ڪير روڪڻ وارو ناھي,ڇو سنڌ صوبي مان سينيٽر,ايم,پي,اي,ايم اين اي, جو سيٽون ڌارين غير سنڌين کي ڏنيون وينديون آھن, ڇا سنڌ جا ماڻھو اھل ڪونھي؟ سواءوڏيرن ۽ جاگيردارن کان,ڇو سنڌ جي تعليم ,صحت تباه آھي,ڇو سنڌ جي ادارن ۾ سنڌين کي نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن, ۽ اھڙا انيڪ سوال ڪرڻ گھرجن,ته سنڌ جا روڊ رستا باغ,باغيچا,وستيون واھڻ, ٻنيون ٻارا برباد آھن ,سنڌ۾ قبيلائي جھيڙن کي ھٿي ڏيڻ وارن کي ڇو کلي ڇوٽ ڏني ويئي آھي ڇو سنڌ۾ معصوم گلن کي وحشت جو نشانو بنائي مرجھايو ٿو وڃي,جنهن جو تازو مثال راڻيپور ۾ ننڍڙي فاطمه جو آهي جنهن کي هڪ پير پاران وحشت جو نشانو بنائي ماريو ويو آهي, ڇو سنڌ جي مادر علمين ۾ ڇوڪرين کي قتل ڪري خودڪشين جو رنگ ڏيئي ملزمن کي بچايو ٿو وڃي۽ نياڻين جي اعلي تعليم جا رستا بند ڪيا ٿا وڃن, اھو سڀ وفاق ته نٿو ڪري سگھي جيستائين صوبائي حڪومتون ان جو ساٿ نه ڏين,ڇو اوھان اڃان به سنڌ جي شعور کي بيوقوف ٿا سمجھو,ان کي دٻائڻ ھيسائڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو ,صحافي جان محمد مهر جو قتل ان سلسلي جي ڪڙي آهي, ڇو توھان پنھنجي ئي ڌرتيءسان سچا ناھيو ان جي ترقيءجون راھون بندڪريو ويٺا آھيو ,آھي ڪو اھي سوال پڇڻ وارو,؟,آھي ڪو جواب ڏيڻ وارو ته سنڌ ۾ قانون۽ انصاف ڪٿي آھي قانون ڇو ڪمزور آھي ڏوھارين کي سزا ڏيڻ بدران بچايو ڇو ٿو وڃي معصوم نياڻي فاطمه ڪيس ۾ ملوث حنا شاه جو خبرن موجب ضمانت به منظور ٿي وئي جڏهن ته ٿيڻ نه کپي ها,ڪاش ته منھنجي سھڻي ڌرتيءجا اھي سڀ مسئلا حل ڪرائڻ وارو ڪو سچو انسان اڲيان اچي الله جي حڪم سان نازل ٿئي ته سنڌ ماضيءوارو ساڲيو ئي عروج ماڻي ,جڏھن سنڌ دنيا۾ ڪاروبار ۽ تعليم سبب مشھور ھئي,دنيا مان ماڻھو ڪھي سنڌ ايندا ھئا ۽ سنڌ تي سفر ناما۽ ڪتاب لکندا ھئا ھاڻي اھي سڀ شيون سنڌ لاءخواب بڻجي ويون آھن,ھن حڪومت ۾ ته کڻي ڪجھ شيون وڌيڪ ٿيون آھن ,پر سنڌ سان شروع کان اھڙا رويا رکيا ويا آھن, ھاڻي انھن روين کي بدلجڻو ئي پوندو, هاڻي سنڌ جون سيٽون به سنڌ ۾ رهندڙن اصل ڌڻين کي ڏيڻ گهرجن ڪنهن افغاني يا باجوڙ وزيرستانين کي نه, اھو ئي سڀني جي حق ۾ بھتر ٿيندو ,۽ اسانجي ماڻهن کي به ووٽ ڏيڻ مهل هاڻي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ سوچي سمجهي قدم وڌائڻ گهرجن.
