راحت اشرف رند
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
هن گهايل ڌرتي جي سيني تي،
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
۽ دنيا کي بدلائي ٿي.
اڄ آئون جنهن شخص تي لکي رهي آهيان اهو ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي ۽ آئون پنهنجي عمر جي تقاضا سان هن کي بيان ڪريان، اهو ناممڪن آهي. ڇو جو لوڻ جو ذرو جيڪڏهن چاهي ته آئون سمنڊ جي اندرين تھ تائين وڃان ته اهو ناممڪن آهي. جنهن شخصيت جو آئون ذڪر ڪري رهي آهيان اهو منهنجو بابا سائين رضا بلوچ جيڪو ماما اشرف رند سان سڃاتو وڃي ٿو.
ها بابا سائين!!
توهان هڪ عظيم ڪردار انسان آهيو، ڇو ته جنهن سماج ۾ عورت جي تعليم کي عيب سمجهيو وڃي. اهڙي دقيانوس سماج ۾ توهان اسان کي علم جي روشني سان سرشار ڪيو. گرمي هجي يا سردي پر توهان مور نه مڙيا آهيو. جتي عورت جي ٻاهر نڪرڻ تي پابنديون عائد هجن ۽ جيڪا نياڻي گهر کان ٻاهر نڪري ان تي الزام تراشين جا تير وسايا وڃن ۽ غيرت ۾ ڪاري ڪري ماريو وڃي. اهڙي سماج ۾ توهان هڪ وسيع سوچ رکندڙ ۽ جرئتمند والدين آهيو، جنهن اسان کي اونداهي ۽ جهالت ۾ گهيريل سماج مان ٻاهر ڪڍي هڪ اهڙو شعور ڏنو جنهن ۾ اسان مرد ۽ عورت برابر سمجهيو ۽ اسان کي بابا سائين اهو ٻڌايو ته هي مرداڻو سماج آهي پر جيڪو ڪم مرد ڪري رهيا آهن ان کان به بهتر ڪم عورت ڪري سگهي ٿي ۽ هن اسان جي ذهنن تان ذنگ لاهي ڇڏيو ۽ اسان به اهو سوچيو ته عورت ۽ مرد برابر آهن، انهن ۾ ڪوبه متڀيد ناهي. ان جو تازو مثال عوامي تحريڪ جي محاذ سنڌي گرلس اسٽيوڊنٽ تحريڪ جو آهي جو هاڻ عورتن کي موٽرسائيڪل هلائڻ جي ٽريننگ ڏني وئي ته جيئن عورتون ڪنهن جون محتاج نه ٿين ۽ پنهنجو ڪم پاڻ ڪن. اها ڏسيل واٽ اسان جي قائد محترم رسول بخش پليجو صاحب جي آهي، جنهن جي پيروي ڪندي بابا اسان کي تعليم ڏيارڻ کان وٺي اها حوصلا افزائي ڪيائين ته ڪنهن کان ڊڄڻ جو ڪم ناهي ۽ اڄ ان جي قابل بڻجي چڪي آهيان جو آئون بنا ڊپ خوف جي تعليم پرائي رهي آهيان ۽ هڪ وسيع سوچ رکندي آهيان.
بابا سائين هميشه هي بيت چوندا آهن ته:
جي هانء نه هارين ڪوهيارل،
هي ڏينهن ٻه گهاري وينداسين،
ڇو پير پساري ويٺو آن،
اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.
بابا اشرف هن بيت وانگر صرف پنهنجي اولاد کي ئي نه پر پنهنجي پوري علائقي ۾ نياڻين کي تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ ۾ حوصلا افزائي ڪئي. اسان جي علائقي ۾ نئين صبح جي روشني وڌي، سياسي ۽ سماجي شعور ڏنو. بابا جي سوچ ھميشه اهائي رهي آهي ته جيترو حق ڇوڪرن کي ڏنو وڃي ٿو، ايترو ئي حق نياڻين کي ڏنو وڃي. هن سماج ۾ ڇوڪرين کي گهٽ سمجهيو وڃي ٿو. بابا سائين پنهنجي قائد محترم رسول بخش پليجي صاحب جي راھ ۽ فڪر تي عمل ڪندي نه صرف اسان کي علم سان روشناس ڪيو پر پنهنجي علائقي جي ماڻهن جون سوچون بدلايون جنهن سان اسان جي علائقي جي ماڻهن عورتن کي تعليم پرائڻ جي اجازت ڏني. جنهن جي ڪري اسان جي علائقي جون عورتون تعليم پرائي رهيون آهن. چوندا آهن ته جيڪو به عمل پهرين پاڻ ڪجي ته بابا پهرين پنهنجي گهر کان شروعات ڪندي پهرين مون کي ۽ منهنجي ڀينرن کي تعليم ڏياري اهو اسان جي پٺتي پيل ڳوٺ لاء ھڪ وڏو انقلاب هو ۽ ان کانپوء ٻين نياڻين جي تعليم لاء به ڪوششون سرانجام ڏنيون. بابا سائين هميشه اسان کي اها هدايت ڪندا آهن ته توهان ڀلي پنهنجي ڪورس جا ڪتاب پڙهو پر ان سان گڏ مارڪس، لينن، مائوزيتنگ ۽ هوچي منھ کي پڙهو، ويٽنامي ڪهاڻيون ۽ تاريخ پڙهو ته انهن ڪيئن انقلاب آندو ۽ ڪٿان انقلاب جي شروعات ڪئي؟
بابا سائين اسان کي ڪنهن نه ڪنهن عنوان تي ليڪچر ڏيندو آهي، ڪڏهن انگريزن جي دور تي ته ڪڏهن تاريخ تي ليڪچر ڏيندو آهي ۽ بابا آهي جنهن اسان کي رسول بخش پليجو صاحب ۽ فاضل راهو جهڙي شخصيت کان واقف ڪرايو. بابا سائين نه صرف عورتن جي حقن لاء آواز اٿاريو پر هارين جو به هڏڏوکي آهي ۽ هاري تحريڪ ۾ به ڪم ڪيائين. سنڌ تي جڏهن به ڏکيو وقت ايندو آهي ته بابا هميشه صف اول ۾ بيٺل هوندو آهي. بابا سائين جڏهن اسان کي ليڪچر ڏيندو آهي ته هو ائين محسوس ٿيندو آهي ته هو هڪ سٺو ليڪچرار هجي ۽ اها عوامي تحريڪ آهي جنهن جو هر ڪارڪن ڀلي اهو هاري هجي پر جڏهن ڳالهائيندو آهي ته هو هڪ سٺو مڪرر لڳندو آهي، اها عوامي تحريڪ جي پنهنجي ڪارڪن جي تربيت آهي. بابا سائين جي انهن ليڪچرن ٻڌڻ سان اتساھ ملي ٿو ۽ نيون سوچون جنم وٺن ٿيون ۽ ان هر نئين خيال ۾ محترم رسول بخش پليجو صاحب، مائوزيتنگ، لينن، هوچي منھ ۽ ٻين عظيم شخصيتن جا نظريا اسان جي دماغ کي جنجهوڙين ٿا ۽ ڪجھ نئون ڪرڻ لاء همٿائن ٿا.
مونکي فخر آهي ته آئون ان عظيم ڪردار بابا اشرف رند جي ڌي آهيان جنهن هميشه مظلوم ماڻهن لاء پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو ۽ هي پنهنجي قائد پليجو صاحب ۽ عوامي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو آهي، جنهن جي فڪر ۽ نظريي اسان جي رهنمائي ڪئي آهي.
آخر ۾ بابا آئون توهان سان اهو وچن ٿي ڪريان ته آئون هميشه توهان جي ڏسيل واٽ تي هلندس ۽ ڌڻي در دعا آهي ته توهان صحتمندي جون سوين بهارون ماڻيو ۽ توهان اسان مٿان هميشه ڇپر ڇانو رهو .
میں نہیں جانتی کہ بادشاھ کیا ہوتا ہے،
میرے خيال میں میرے بابا جیسا ہوتا ہے.