هاڪر پلاٽ ڪيس ۾ زين ملڪ جا گرفتاري وارنٽ معطل

ڪراچي ( بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾  اخباري هاڪرن کي  ڏنل 5 هزار گز قيمتي زمين غير قانوني طور بلڊر کي ليز ڪري ڏيڻ واري ڪيس ۾  جوابدار طور نامزد  بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض جي ناٺي زين ملڪ  جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا. عدالت اهڙو حڪم ڇنڇر تي زين ملڪ جي درخواست تي ڏنو. احتساب عدالت ڄاڻايل ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي زين ملڪ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا جنهن جي خلاف ان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن تي عدالت سندس گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي نيب کي نوٽيس جاري ڪري 15 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته ڄاڻايل ريفرنس ۾ ڪراچي جو اڳوڻي ناظم  مصطفيٰ ڪمال، ڪراچي جي اڳوڻي ڊي سي او لالا فضل الرحمان، ملڪ جي رياض جي ناٺي زين ملڪ ۽ ٻيا جوابدار طور نامزد ٿيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو