ملڪ مان انسانيت ڄڻ ته موڪلائي وئي!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

قصور ۾ جڏهن معصوم زينب سان دردناڪ واقعو پيش آيو هو ته ان جي خلاف پوري ملڪ ۾ شديد ردعمل سامهون ڏٺو ويو هو، نتيجي ۾ حڪومت نه رڳو تڪڙا قدم کڻي جوابدارن کي گرفت ۾ آندو پر ٻارن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ سنجيدگي سان قدم کڻڻ به شروع ڪيا ويا پر معاملو تڏهن وڃي اٽڪي پيو، جڏهن سينيٽ ۾ ٻارن سان جنسي زيادتيون ڪندڙ وحشي صفت جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو بل پيش ته ڪيو ويو هو پر افسوس ته جنهن سياسي جماعت جي ميمبر ڄاڻايل بل پيش ڪيو هو، ان ئي ساڳي جماعت جي هڪ ٻئي ميمبر ان بل جي مخالفت ڪئي، بل پيش ڪرڻ وقت عوام خاص ڪري والدين کي اهو سُڪون مليو هو ته شايد هاڻ ڪو اهڙو قدم کڄي رهيو آهي، جنهن سان مستقبل ۾ ٻارن جي تحفظ کي يقيني بنائي سگهبو ۽ سندن معصوم ٻارڙا وحشي درندن جي ور نه چڙهبا پر افسوس ته ائين نه ٿي سگهيو، ملڪ ۾ ويتر ٻارن سان جنسي زيادتين جا واقعا وڌندا ويا، خاص ڪري جيڪو پنجاب ۾ راڪاس ڦري رهيو هو، ان کان به وڌيڪ ڀيانڪ صورتحال سنڌ ۾ بڻجندي پئي وڃي، جتي ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي توڙي تشدد جا واقعا گهٽجڻ بدران وڌي ويا آهن. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هي سماج وڏي بحران مان گذري پيو، جيڪو صرف معاشي ۽ سياسي ناهي پر اخلاقي ۽ نفسياتي پڻ آهي، ان ڪري جيستائين اهي بحران ختم نه ڪبا، ٻارن سان ڏاڍائي، تشدد توڙي نياڻين سان ٿيندڙ ظلم بدقسمتي سان روڪي نه سگهبو.

قصور ۾ زينب واري واقعي کانپوءِ رياست تمام گهڻي دلچسپي ۽ ڦڙتيلي ڏيکاري ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حڪومت ۽ سڄاڻ ڌرين کي خبر ناهي ته اها ڳالهه ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته صرف قانون کي سخت، ان جي نفاذ کي يقيني بنائڻ سان گڏ سماجي سڌارا ۽ جنسي تعليم کي هٿي ڏيڻ به ضروري ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ تي جتي اخلاقي بحران ۽ تعليمي محروميون وڌي وينديون آهن، اتي اهڙي قسم جا دهشت ڀريا واقعا ٿيندا رهندا آهن ۽ هڪ ڏينهن اهو سماج بي حس ٿي ويندو آهي، جيئن اسان جو سماج بلڪل اهڙي ئي صورتحال جي عڪاسي ڪري رهيو آهي، انتهائي افسوس ته ان ڳالهه تي به ٿئي ٿو ته اسان جي سماج ۾ جڏهن ٻارن سان ڀيانڪ قسم جون زيادتيون ٿين ٿيون ته حڪمران ۽ پوري سماج جا اسٽيڪ هولڊرز آخر خاموش ڪيئن ٿا ويهي رهن!؟

ڪجهه ڏينهن اڳ دادو ۾ معصوم ٻارڙي سان جيڪو واقعو ٿيو، تنهن ته پوري سماج تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي ته اسين اهڙي معاشري جو حصو آهيون، جتي آئين، قانون، پارليامينٽ، جمهوري نظام، عدليا، ميڊيا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ته موجود آهن، پر انهن هوندي به اسان جا معصوم ٻار محفوظ ناهن، ٻين واقعن کي ڇڏي ڪري دادو واري سانحي جو ئي ذڪر ڪجي ته هنياءُ ڏري ٿو پوي، اهو واقعو بيان ڪرڻ سان انسان جو ڪنڌ شرم ۾ جُھڪي ٿو وڃي، جڏهن مون پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ان ننڍڙي جي حوالي سان خبرون پڙهيون ۽ تصويرون ڏٺيون ته پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، جتي پاڻو شاھ پاڙي ۾ ھڪ وحشي درندي ٽن سالن جي ابھم ٻارڙي کي هوس جو نشانو بنائي سڄي انسانيت کي جنجھوڙي ڇڏيو، اھڙي درندگي جي ڪيتري به مذمت ڪجي، سا گھٽ سمجهان ٿو.

هن وقت سنڌ سميت پوري پاڪستان اندر معصوم گلن جهڙين نياڻين سان جنسي ڏاڍائين جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، هاڻ ته اهو ڏينهن خالي نه آهي، جنهن ڏينهن ڪنهن نياڻي جي عزت نه لٽي وئي هجي، ڪنهن عورت کي ڪارو ڪري نه ماريو ويو هجي يا ڪنهن ٻار کي هوس جو نشانو نه بنايو ويو هجي، اهڙيون خبرون روز اخبارن ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جي معاشري ۾ هوس جا پوڄاري انسانيت جي روپ ۾ وحشي درنده بڻجي ويا آهن، جن کان نه ٻار محفوظ آهن ۽ نه ئي نياڻيون، جن جي لڄ لٽي وڃي ٿي، پر انهن درندن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نٿا کنيا وڃن، نتيجي ۾ اهڙي قسم جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿيڻ بجاءِ اضافو ٿيندو پيو وڃي، وحشي جوابدار نياڻين جي عزتن سان کيڏي رهيا آهن، بحيثيت هڪ وڪيل ۽ والد جي، جڏهن آئون اهڙا واقعا ڏسان ٿو يا ٻڌان ٿو ته جيءَ جهُري ٿو پوي، بلڪه اهڙي قسم جي واقعن مان محسوس ٿئي ٿو ته انسانيت اسان جي سماج مان ڄڻ ته موڪلائي وئي آهي.

اها ڳالهه منهنجي بلڪه هر باشعور فرد جي مشاهدي ۾ آئي هوندي ته ڏوهه ڪيڏو به سنگين هجي پر جيڪڏهن ان ۾ سماج جا طاقتور ۽ بااثر ماڻهو ملوث هجن ٿا ته رياست به انهن آڏو ڪجهه نٿي ڪري سگهي، اسان وٽ به شايد ائين ئي ٿي رهيو آهي، رياستي ادارن، جهڙوڪ پوليس ۾ ڪرپشن ۽ سياسي مداخلت ۽ ان سان گڏ ڪورٽن ۾ تڪڙو انصاف نه ملڻ ڪري به ڪيترائي متاثر مايوس ٿي ظلمن خلاف آواز نٿا اٿارين، ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو اهڙو ڏوهه ڪندڙن کي سزا نٿي ملي ۽ اهڙا ڪيس به اسان جي سامهون ايندا رهن ٿا، بلڪه اسين ڪجهه ڪرڻ بجاءِ صرف تماشائي ئي رهجي ٿا وڃون. بهرحال، آئون سمجهان ٿو ته ٻارن سان جنسي ڏاڍائي هجي يا تشدد، اهو مسئلو هن سماجي حقيقتن سان ڳنڍيل آهي، جيستائين انهن حالتن کي تبديل ڪرڻ طرف ڪو قدم نه کنيو ويندو ته اهڙا واقعا ظاهر ٿيندا رهندا، گڏوگڏ اسان کي اهو به ڏسڻو پوندو ته جن ٻارن سان زندگي ۾ جنسي تشدد ڪيو ويندو آھي انهن جي زندگي تي ھاڃيڪار اثر ٿين ٿا، ٻار پنھنجي تعليم تي ڌيان نٿو ڏيئي سگھي، ٻار جو معاشري ۾ ڪو نمايان ڪردار نٿو رھي، بلڪه متاثر ٻارن تي نفسياتي اثر پون ٿا ۽ پوءِ سڄي عمر لاءِ هو محرومين جو شڪار بڻجندو ويندو آهي.

پاڪستان ٻارن جي حقن واري قانون تي صحيح ڪندڙ ملڪن ۾ پڻ شامل آھي، جنهن تحت پاڪستان کي ھر پنجن سالن ۾ ٻارن جي حقن بابت گڏيل قومن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻي ھوندي آھي پر الميو اھو آھي جو پاڪستان ۾ ٻارن سان جنسي تشدد ۽ ٻين حقن جي لتاڙ جي حوالي سان 90 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ئي نٿا ٿين، جيڪي رپورٽ ٿين ٿا، انهن ۾ به گهڻن کي انصاف ئي نٿو ملي. هڪ عالمي رپورٽ مطابق پاڪستان ٻارن جي حوالي سان هڪ غيرمحفوظ ملڪ سمجهيو وڃي ٿو ۽ دنيا ۾ پاڪستان ٻيون نمبر خطرناڪ ملڪ آهي، اهڙي طرح ملڪ ۾ پنجاب پهرين نمبر تي، جتي راولپنڊي ۽ قصور جي علائقن ۾ وڌيڪ واقعا پيش اچن ٿا، ساڳي ريت سنڌ ٻئي نمبر تي خطرناڪ سمجهي وڃي ٿي، جتي ٻارن سان جنسي زيادتيون، قتل ۽ انهن تي تشدد جا واقعا ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ اهڙا واقعا انسانيت جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏين ٿا، جيڪي واقعا اسان جي امن واري ڌرتي مٿان به هڪ سواليه نشان بڻجي ويا آهن. ان کان علاوه سنڌ ۾ تقريبن 4 ملين ٻار اسڪولن ۾ آھن، جڏھن ته 6.6 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن، ان جي حفاظت لاءِ حڪومت کي سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ 2011ع تي عمل ڪرڻ گهرجي، اٿارٽي جي ٻيهر جوڙجڪ ڪري ان ۾ چائلڊ پروٽيڪشن جي ماھرن کي حصو بڻايو وڃي، سنڌ ۾ ضلعي سميت تعلقي ۽ يوسي سطه تي به چائلڊ پروٽيڪشن جا يونٽ کوليا وڃن ته جيئن سنڌ جي ٻارن کي جنسي تشدد کان بچائي سگھجي.

ملڪ ۽ سڄي سنڌ ۾ هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان وفاقي توڙي صوبائي حڪومت اک کولي، جيڪڏهن اسان هن وقت نه اٿياسين ته شايد پوءِ دير ٿي وڃي ۽ اڳتي هلي اسان ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهون، تنهن ڪري بهتري ان ۾ ئي آهي ته پنهنجي ضمير کي جاڳائي پنهنجي گلن جي حفاظت جي لاءِ ڪو اهڙو قانون آڻيون، جنهن سان معاشري جي سونهن بڻيل ٻارن جو تحفظ يقيني بڻجي سگهي. advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو