طفيل مگسي
فلسطين جي پراڻي شھر يروشلم ۾َاها تاريخي عمارت واقعي آھي. جنهن کي بيت المقدس سڏيو وڃي ٿو.يروشلم جي پراڻي عبادت گاه هيڪل سلسماني هئي .جنهن کي حضرت سليمان عليه الاسلام پنهنجي بادشاهت جي وقت (حضرت مسيح کان اٽڪل هڪ هزار سال اڳ) ٺاهي هئي.ان کانپوء اها بني اسرائيل جي عبادت گاه بڻجي وئي.بني اسرائيل جي سمورين نبين فلسطين کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻايو.۽ ھيڪل سليماني کي توحيد جو مرڪز بڻايو.ليڪن بني اسرائيل جي بد عملن جي سبب الله تعالي ان قوم کي سزا ڏني .جنهن جي نتيجي ۾ بابل(عراق) جي حڪمران بخت نصر يروشلم.تي زبردست حملو ڪيو.هن هيڪل سليماني کي باه ڏئي ڇڏي ۽ اسرائيلين کي تباه وبرباد ڪري ڇڏيو يعني انهن جو قتل عام ڪيو ۽ جيڪي اسرائيلي سندس تلوار کان بڇي ويا.انهن کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويو.هڪ عرصي تائين بابل جي قيد کانپوء ايران جي بادشاه (سائرس) ان قوم کي عراق کان آزاد ڪرايو ۽ انهن کي وري کان يروشلم ۾ رهايائين.اسرائيلي جيڪي حضرت عزيز عليه الاسلام جي اڳواڻي ۾ ٻيهر ان عبادت گاه تعمير ڪئي.ليڪن ان جي عبادت گاه کي به (سن 70ع)ڊاهي ڪري کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.انهن ٻنهيء واقعن جو ذڪرن اشارن ۾ قرآن ڪريم جو سوره بني اسرائيل جي آيت 5 ۽ 7 ۾ به ٿيو آھي.انهن واقعن جي دوران يروشلم.اسرائيلين کان اٽڪل خالي ٿي ويو.ان کانپوء وري ڪو يهودي هتي اچي ڪري آباد ٿيڻ جي همت نه ڪئي.جيتوڻيڪ هيڪل سليماني جي کنڊرن تي وري ڪنهن عبات گاه جي تعمير نه ٿي سگهي.کنڊر جي روپ ۾ پراڻي عبادت گاه جي پاسي هڪ ڀت باقي رهجي وئي هئي.اڄ انهيء ڀت جي ڀر ۾ اچي يهودي آه وزاري ڪندا آھن.ان ڪري هن کي ڀت گريا سڏيو وڃي ٿو.اٽڪل 60فوٽ بلند اها ڀت يهودين جي لاء مڪي جو درجو رکي ٿي.ڀت سان گڏ ھتي عيسائيت جو ڪنيت القيامه به آھي.جنهن جي باري ۾ عيسائين جو عقيدو آھي ته انهيء ھنڌ تي عيسي مسيح دفن ٿيو ۽ وري زنده اٿيو.هاڻي سوال اهو آھي ته يروشلم جي اها ڪهڙي مسجد هئي.جتان کان ٿي ڪري رسول الله صلي عليه وسلم جي معراج جو واقعو پيش آيو هو.تاريخي شهادتن جي مطابق سن70ع ۾ رومين جي حملي کانپوء ڪنهن اسرائيلي جماعت هيڪل سليماني جي تعمير نه ڪئي.ايستائين ته جي وقت سن 622ع ۾ اتي صرف کنڊر هئا.ڪا عبادت گاه نه هئي.روايٿ ۾ اچي ٿو ته رسول الله جڏھن مڪي ۾ معراج جي واقعي جو ذڪر فرمايو ته قريشن ان تي يقين نه ڪيو.هنن چيو ته ڇا اوهان مسجد جو نقشو ٻڌائي سگهو ٿا.رسول الله نقشو ٻڌائڻ شروع ڪيو ته ڪجه اهم سوالن جا جواب ڏيڻ ۾َکيس کي مشڪلات پيش آئي.ان وقت الله تعالي سندس جي لاء بيت المقدس کي روشن ڪري ڇڏيو.ان کانپوء پاڻ ان کي ڏسي ڪري سمورو نقشو بيان ڪري ڇڏيو.اها حديث روايتن درست آھي.ليڪن پوء به ڌنڌلي آھي.ان ڪري ته نبي جي دور ۾ هتي ڪا مسجد تعميري ۡحالت ۾ نه هئي.معراج جي واقعي وقت اسلام مڪي دور ۾ ھو.حرم.ڪعبي کي ڇڏي ڪري دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن مسجد جو وجود نه هو.نه مديني ۾ ڪا مسجد هئي نه يروشلم ۾.رهي اسرائيلين جي عبادت گاه جي ته تاريخ اسلام جي ڪنهن ڪتاب يا موجوده تاريخي شھادتن کان ان روايت جي تصديق نٿي ٿيئي ته نبي جي دور ۾ يروشلم ۾ اسرائيلين جي عبادت گاه موجود هئي.معراج جي وقت (سن 622ع) هتي صرف کنڊر هئا.مولانا عابد درياباديء لکيو آھي ته قرآن ۾ مسجد اقصي کان مراد جڳه( SITE ) آھي نه ڪي عمارت.
ڪن علم جي ماهرن جي مطابق ان حديث جي روايت جي ٻي پاسي تي وڌيڪ تحقيق گهربل آھي.مسجد اقصي کان مراد اها عبادت گاه به ٿي سگهي ٿي جنهن کي حضرت ابراهيم ٺاهيو هو.ان ۾ بيت المقدس ( DONE OF THE ROCK )آھي ڪا مسجد ناهي.هن جي تعمير مقبري جهڙي آھي.جهڙي ريت اسان وٽ قبر جي مٿان گنبذ ٺاهيا ويندا آھن.انهيء ريت اتي صخره جي مٿان رسول صلي الله عليه وسلم جي وفات جي اٽڪل 60 سالن کانپوء گنبذ ٺاهيو ويو.ان جي اندر جماعت سان نماز نٿي پڙھي سگهجي.ها ان ته خاني ۾ زيارت ڪندڙن جي لاء مصلي جو بندوبست آھي.مولانا خالد سيف الله (مسلم پرسنل لا بورڊ) پنهنجي سفر نامي “بيت المقدس“۾ لکيو آھي ته بيت المقدس جو گنبذ انهيء پهاڙي تي ٺاهيو ويو.جتان کان رسول الله صلي عليه وسلم جي معراج جو سفر شروع ٿيو ۽ ھي ته موجوده سونهري گنبذ سلطان صلاح الدين ايوبي جو تعمير ڪيل آھي.هاڻي سوال اهو آھي ته تصويرن ۾ جيڪا بيت المقدس ۾ جيڪا جماعت سان گڏ نماز ڏيکاري ويندي آھي.اها نماز نيٺ ڪٿان جي هوندي؟جواب ته اها نماز موجوده مسجد اقصي جي هوندي آھي نه ڪي بيت المقدس جي .جيڪا بيت المقدس جي ويجهو اٽڪل سو وکن تي آھي.ان مسجد کي به اموي خليفي ٺاهيو هو.قرآن ۾ جنهن مسجد اقصي جو ذڪر آھي ان جو سائيٽ موجوده مسجد اقصي ناهي بلڪ بيت المقدس آھي.هجرت کانپوء جنهن زماني ۾ خدا جي رسول بيت المقدس کي پنهنجو قبلو بڻايو .ان وقت اتي موجوده بيت المقدس نه هو.ان وقت صرف سنگ خارا جي گول پهاڙ ھئي.اهائي پهاڙ يهودين جو قبلو به هو.۽ مسلمانن جو قبلو به.حضرت عمر رض جي خلافت واري دور ۾ جڏھن يروشلم فتح ٿيو ته هتي ڪا تعمير نه هئي.۽ بيت المقدس موجوده مسجد اقصي هئي.مڃيو ويو آھي ته رسول اڪرم جو معراج موجوده بيت امقدس جي سائيٽ کان ٿيو هو.ان ڪري خليفي ان کي يادگار ( MONUMENT ) جي طور تي ٺاهيو نه ڪي عبادت گاه جي طور تي.عبادت جي لاء انهيء ڪمپائونڊ ۾ ھڪ ٻي مسجد ٺاهي وئي.جيڪا هينئر مسجد اقصي جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.
