چوهڙ جمالي(ن س) دڙو بئراج تي پل نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن هڪ ٻيو جنازو تختي تي رکي بئراج پار ڪرايو ، ڳوٺ حسين ڪونجائي ۾ ڳوٺاڻي غلام مصطفي ڪونجائي جي 4 سالا نياڻي شھزادي بيماري سبب وفات ڪري ويئي. دڙو بئراج تي پل نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن هڪ تختي نما ٻيڙي تي جنازو رکي دڙو بئراج پار ڪرائي قبرستان تي پهچايو. ياد رهي ته هڪ سال اڳ پڻ هڪ پيرسن محمد سومار ڪونجائي جو جنازو پڻ اهڙي ريت پار ڪرائي قبرستان تي پهچايو ويو هو . جنهن جو وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ نوٽيس وٺي دڙو بئراج تي پل قائم ڪرڻ جو حڪم نامون جاري ڪيو هو پر ان تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو هو جنهن جي ڪري دڙو بئراج جي هن پار رهندڙ ڳوٺاڻا اڄ به ساڳئي عذاب ۾ مبتلا آھن انهن جي دردن جو ڪوبه درمان نه ٿي سگهيو آھي دڙو بئراج جي ٻئي طرف ملاح , ڪونجائي , سما , چانڊيه , داد , شيخ , خاصخيلي برادري سميت مختلف برادرين جا وڏا ڳوٺ قائم آھن جيڪي روز هن تختي تان اڪري پنهنجي ڳوٺن طرف وڃن ٿا ڳوٺاڻن پاران بار بار شڪايتون ڪرڻ جي باوجود دڙو بئراج جي آرڊي 72 تي پل قائم نه ڪئي ويئي آھي جنهن جي ڪري ڳوٺاڻا پٿر واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن.
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا