مراد شاهه جي حڪم تي عمل نه ٿيو،تختي تي ٻيو جنازو

چوهڙ جمالي(ن س) دڙو بئراج تي پل نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن هڪ ٻيو جنازو تختي تي رکي بئراج پار ڪرايو ، ڳوٺ حسين ڪونجائي ۾ ڳوٺاڻي غلام مصطفي ڪونجائي جي 4 سالا نياڻي شھزادي بيماري سبب وفات ڪري ويئي. دڙو بئراج تي پل نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن هڪ تختي نما ٻيڙي تي جنازو رکي دڙو بئراج پار ڪرائي قبرستان تي پهچايو.  ياد رهي ته هڪ سال اڳ پڻ هڪ پيرسن محمد سومار ڪونجائي جو جنازو پڻ اهڙي ريت پار ڪرائي قبرستان تي پهچايو ويو هو . جنهن جو وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ نوٽيس وٺي دڙو بئراج تي پل قائم ڪرڻ جو حڪم نامون جاري ڪيو هو پر ان تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو هو جنهن جي ڪري دڙو بئراج جي هن پار رهندڙ ڳوٺاڻا اڄ به ساڳئي عذاب ۾ مبتلا آھن انهن جي دردن جو ڪوبه درمان نه ٿي سگهيو آھي دڙو بئراج جي ٻئي طرف ملاح , ڪونجائي , سما , چانڊيه , داد , شيخ , خاصخيلي برادري سميت مختلف برادرين جا وڏا ڳوٺ قائم آھن جيڪي روز هن تختي تان  اڪري پنهنجي ڳوٺن طرف وڃن ٿا ڳوٺاڻن پاران بار بار شڪايتون ڪرڻ جي باوجود دڙو بئراج جي آرڊي 72 تي پل قائم نه ڪئي ويئي آھي جنهن جي ڪري ڳوٺاڻا پٿر واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو