مذھب تاريخ جي روشني ۾

مذھب تاريخ جي روشني ۾

مذھب تاريخ جي روشني ۾
طفيل مگسي
مذھب جيڪو صرف ڪجه عقيدن جو نانء ناهي بلڪ هرهڪ مذھب سماجي زندگي جون ڪي شڪليون ۽ تصويرون به پيش ڪري ٿو ۽ ان عقيدي ۽ عمل جي وچ ۾ هڪ اندريون ڳوڙھو رشتو هوندو آھي.مارڪسزم جدلياتي ماديت جي فلسفي کان جتي جسمانيت.مادي ۽ روحَ.شعور ۽ وجود جي حقيقتن جو پتو هنيو آھي.اتي هن تاريخ جي مختلف منزلن ۾ سماجي رشتن جو. عقيدن جو ۽ انهن جي ڳوڙھي تعلق جو به راز دريافت ڪيو آھي. مارڪسزم ثابت ڪيو آھي ته هتي به جدليات جو اهوئي عمل ڪم ڪري رهيو آھي.جيڪو زندگي جي ٻين شعبن ۾ موجود آھي.۽ ان ريت سان مارڪسزم مذھبن کي عقيدن جو مجموعو سمجهي ڪري انهن تي حق ۽ باطل هئڻ يا فلسفياڻي نظريي کان درست يا غلط هئڻ جو گس به ڏنو.مذھبي عقيدن جي بنيادن کي انسان جي سماجي تاريخ کان الڳ ڪري نه ڏٺو بلڪ انهن کي سموري ارتقا جي ۾ ھڻي ڪري ڏٺو آھي ۽ ثابت ڪيو آھي ته ان ۾ به ساڳيو ئي ارتقا جو عمل لڪل آھي.انسان جي مادي حالتن ۽ شعور جتي پنهنجي پنهنجي ترقي جي مختلف منزلن ۾ ٻين ادارن کي جنم ڏنو آھي.اتي مذھب به ٺاھيا آھن ۽ انهن کي پنهنجي ضرورت ۽ سهوليت جي مطابق پوئيو آھي. ڪميونسٽ نظريي ۽ عمل جا دشمن( جن ۾ نادان دوست ۽ سياڻا دشمن ٻئي شال آھن) اهو ٻڌائڻ جي لاء ته ڪميونزم جي ويڙھ مذھب سان آھي.اڪثر ڪري ڪارل مارڪس جي هن جملي کي ورجائندي ٿڪجن ئي نٿا ته “مذھب عوام جي لاء آفيم آھي“بلڪل سچ آھي ته اهو جملو ڪارل مارڪس جو ئي آھي.ليڪن ان جي پٺيان تحقيق.دليلن ۽ حقيقتن جو هڪ ڊگهو سلسلو موجود آھي.مارڪس اها ڳاله هن ريت چئي آھي ته مذھب جي روپ ۾ جيڪي ڏک(Misery ) ۽ مصيبتون آھن.ان جا ٻه رخ آھن.هڪ رخ اهو آھي ته انسان تي جيڪا زيادتي ۽ ڏاڍ ٿيو آھي.جن مصيبتن کان گذرن ٿا.اهو انهن جو اظھار آھي.ٻيو رخ اهو آھي ته مذھب انهن مصيبتن جي خلاف زيادتي وڏاڍ جي خلاف احتجاج ۽ پروٽنسسٽ آھي.مذھب دٻيل چٿيل مخلوق جي هڪ آه آھي ۽ اها بيدرد دنيا جي هڪ دردمندي آھي. ۽ بي حسي وارين حالتن جو هڪ جذبو آھي.اهو عوام جو آفيم آھي.
Religions misery is on the one hand .the expresion of actual misery and on the other a protest against actual misery religion is the righ of the oppressed creatures the kindliness of a heartless word the spirit of unspritual condition.it is the peoples opium, (capitals)

انهن جو جيڪڏھن مڪمل ريت تجزيو ڪيو وڃي ته پتو پوندو ته مذھب کي هڪ پاسي“عوام جو آفيم“۽ ٻيئي پاسي“ڏک“مجبوري ۽ مصيبتن جي خلاف آواز سڏي ڪري مارڪس انساني تاريخ جي ڪيتري عظيم ۽ بي بنياد سچائي کي چند لفظن ۾ پوئي ڇڏيو.مارڪسي فلسفي ۽ ڪميونسٽ عمل جي روشني ۾ ڏٺو وڃي ته اها حقيقت چٽي نظر ايندي ته مارڪسزم يا ڪميونسٽ تحريڪ جي اصلي ويڙھ مذھب سان قطعي ناهي. ۽ ڪميونسٽن جو اصل مقصد اهو آھي ته نه مذھب کي.مذھبي ادارن کي ۽ مذھبي عقيدا رکڻ وارن کي تڪليف ڏني وڃي نه انهن سان جنگ ڪئي وڃي ۽ نه ئي انهن کي پنهنجو اصل دشمن سمجهيو وڃي.مارڪس ازم مذھب کي سماجي زندگي ۽ ان جي مختلف دورن جي تاريخ ۾ ان ريت ڏٺو آھي ته انسانن جو سماج .جڏھن کان ان جو پتو پوي ٿو.اڄڪله انهيء کي ٽن منزلن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.هڪ بلڪل شروعاتي سماج جنهن ۾ طبقن جو وجود ئي نه هو.ماڻھن کي پتو نه هو ته پيداوار ڪيئن ٿيندي آھي؟ٻيو طبقي داراڻو سماج جيڪو اڳ ۾ غلام رکڻ.ۡ ۽ انهن جي خريد و فروخت ڪرڻ کان شروع ٿيو.جاگيرداري طرز ۾ پوئيو ۽ پوء سرمائيداري نظام تائين وڃي پهتو.سرمائيداري ۽ سامراجي طبقي داري جون آخري شڪليون آھن ۽ ٽيون آھي طبقا سماج.جڏُهن ته هڪ ٻئي جا مخالف طبقا مٽجي ويندا ۽ سموري سماج ۾ هڪ ئي طبقو رهجي ويندو.انهيء بلڪل شروعاتي ۽ طبقن جي وجود کان اڳ واري سماج ۾ ماڻھو نهايت بيوس هو.ڪو ماڻھو پنهنجي سموري محنت ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري به ان قابل نه هوندو هو ته ايترو آساني سان سامان حاصل ڪري وٺي.جنهن کان هو پاڻ گذارو ڪري سگهي ۽ ڪجه بچائي به سگهي. ڇاڪاڻ ته ڪجه بچندو ئي نه هو.ان ڪري ڪو ٻيو شخص ان کي قبضو نه ڏئي سگهندو هو.ان لاء ھر شخص کي پاڻ محنت ڪرڻي پوندي هئي.ان ڪري طبقن جو وجود نه هو.۽ انسان طبقن جي وجود کان اڻواقف هو.جسماني قوت کان علاوه ماڻھن ۾ ننڍ وڏائي جو ڪو احساس نه هو ۽ ڪو شخص اهو نه سوچي سگهندو هو ته هو پاڻ مجبور آھي ۽ ٻيو ڪنهن اختيار وارو آھي.ان جي بلڪل شروعاتي سماج ۾ ماڻھوء ڏٺو ته جيڪڏھن هو ڪنهن قوت جي سامهون مجبور آھي ته اها فطرت جي قوت آھي.هو شڪار جي ڳولا ۾ سفر ڪري ٿو ته مٿان کان مسلسل برسات وسڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ ان جو ارادو اڌ ۾ رهجي وڃي ٿو.هو شڪار جو پيڇو ڪري ٿو ته انڌاري اچي ٿي ۽ شڪار اکين کان غائب ٿي وڃي ٿو.ڪڏھن اس جي تيز تيک هن جي ڪم ۾ رنڊڪ وجهي ڇڏي ٿي ۽ ڪڏھن موسم جي تبديلي پاڻ ھن وٽ شڪار ۽ ميووا گل ڦٽي نڪرن ٿا.جيتوڻيڪ پنهنجي سمجه جي مطابق هن با اختيار پنهنجي پهچ کان ٻاھر وارين طاقتن کي پنهنجو ڳيجهو بنائڻ ۽ راضي ڪرڻ جي لاء اهي حرڪتون شروع ڪيون هيون جن کي بعد ۾ جادو جو نانء ڏنو ويو.جادو جا ڪرتب اصل ۾ طاقتن کي انسان جي ضرورت ۽ خواهش جي مطابق بنائڻ جي لاء انسان جي سڀ کان پهرين ڪوشش ھئي ۽ اڄ تائين جتي جتي پراڻي کان پراڻي سماج جون جهلڪيون باقي رهجي ويون آھن.اتي جادو جي اهميت به ساڳئي ريت باقي آھي.جادو جي ڪرتبن جو مفهوم شروعات ۾ بلڪل اهو هو ته جيڪڏھن طاقت کي سازگار بنائڻ جو ارادو ۽ عمل ڪيو وڃي ته انهن کي ڪري سگهجي ٿو.اهو مفهوم ماڻھوء پنهنجي تجربي کان سکيو هو.ڇاڪاڻ ته هو ڏسي چڪو هو ته هٿن.ڄنگهن ۽ جسم جي ٻين حصن کي پنهنجي سهوليت جي مطابق پوئڻ ۾ ان ارادي جي ڪوشش کي وڏو دخل آھي.جيتوڻيڪ جادو جي زور کان سڀ ڪجه ورتو ٿي ويو .جيڪو تصور ٻن سببن کان مضبوط ٿيندو ويو.هڪ ته اهو ته ڪڏھن ڪڏھن اتفاق سان فطرت جو عمل ماڻھو جي خواهش جي مطابق ٿيو هن اهوئي سمجهيو ته هن جي جادو جو اثر آھي.ٻيو اهو ته جادو جو عمل ڪرڻَ کان پوء ھن کي پنهنجين قوتن کي وڌائڻ جو آسرو ٿيڻ لڳو ۽ ان خيال جي سبب کان هن جي قوت جي ڪارڪردگي وڌي وئي.ڄڻ جادو و منتر جيڪا پوڄا جي ريتن و رسمن جي شروعاتي شڪل آھي.اصل ۾ فطرت جي تسخير جي لاء قدرت جي بي پناه ۽ بيشمار طاقتن ۽ مظھرن کي رام ڪرڻ جي لاء ماڻھوء جي اولين ڪوشش آھي ۽ ان جي بدولت کان ئي کاڌي پيتي جو گهڻو سامان حاصل ڪرڻ جي لاء انسان جو وسيلو وڌندو ويو آھي. ان وقت نه ماڻھو وٽ خدا جو تصور هو.نه ديوي ديوتائن جو.نه قرباني جو.نه عبادت ڪرڻ جو.صرف جادو هو.ماڻھو فطرت جي قهر کان ڊپندو هو.انهن کي خوش ڪرڻ به چاهيندو هو.۽ انهن کي پنهنجي سهوليت جي مطابق پوئڻ به چاهيندو هو.انهن جذبن جي شروعات ته جادو سان ٿيندي رهي .ليڪن بعد ۾ ڪم جڏھن گهڻو ٿيڻ لڳو ماڻھو کي فطرت جي دستور ۽ ان جي طاقتن جا شروعاتي اصول معلوم ٿيڻ لڳا ته ان جي سبب کان هڪ پاسي ته پيداوار ڪجه وڌي.جانور آساني سان شڪار ٿيڻ لڳا.انهن کي پاليو ٿي ويو.انهن جو کير ڪم اچڻ لڳو.هواء گهلڻ .پاڻي وسڻ .اس پوڻ.ميووا پچڻ ۽ اڀرڻ يا اٿڻ جو وقت ۽ انهن جو شروعاتي طريقو معلوم ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو