لطيف سائين جا تقدير بابت بيتَ….!

ناشاد شوڪت شنباڻي
هن جهان ۾ ڪيتريون ئي شيون آھن، جيڪي انسان جي هٿ ۾ ناهن، جن کان نه هو لنوائي سگهي ٿو نه ئي وري انهن شيئن کان بچي سگهي ٿو. جيڪي به لکَي جو ليک هوندو آھي، اُن کي نه چاهيندي به قبول ڪرڻو پوي ٿو. ڏک، تڪليف، يا غم يعني جيڪا به شئي تقدير ۾ لکيل هوندي آھي، اُها ضرور ملي ٿي، جيڪو قادر پنهنجي قلم سان لکيو آهي، اهو ضرور ٿيڻو آهي. تقدير جي معني آھي ڌڻيءَ طرفان مقرر ڪيل حصو، ڀاڳ، بخت، قسمت، الاھيءَ جو حڪم. انساني زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجهہ به ٿيندو آھي اهو، ڌڻيءَ طرفان مقرر ٿيل هوندو آھي. جيڪا شئي انسان جي هٿ ۾ نه هجي اُن کي تقدير جو نانءُ ڏيون ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. انهيءَ ئي تقدير جو زڪر لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ به ملي ٿو، سر سهڻي هجي، سر سسئي هجي يا سر مارئي، يعني لطيف سائينءَ جن سورمين کي پنهنجي شاعري ۾ امر ڪيو آھي، اُهي سڀئي تقدير جون ماريل آھن. اُها مومل هجي سهڻي هجي سسئي هجي ليلا هجي يا مارئي، سڀئي قادر جي قلم جون ڪٺل آھن. سسئيءَ جي تقدير بابت لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
توڻي وِلاڙُون ڪَرِين، توڻي ھَلِين وِکَ؛
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايعَ نہ ٿِئي.
سر معذوري
اي سسئي! تون ڀڄندي سٽون هڻندي هلين يا وکون کڻندي هلين، پر جيڪو به تقدير ۾ قادر لکيو آھي، جيڪو تقدير ۾ لکجي ويو آھي، اُن جو ذرو به ضايع نه ٿيندو، اهو ئي ٿيندو جيڪو تنهنجي لاءِ تقدير ۾ لکجي ويو آهي.قلم قادر جي هٿ آھي ڏک، سک، ڀاڳ، رئڻ، رلڻ، پور، سور سڀ جيڪي به ڪاتب لوح قلم سان لکيا آھن اُهي اچڻا ۽ ٿيڻا آھن. واڳ ڌڻين هٿ ۾ آھي جيڪي جاڏي واڳ وارين.
ڏُونگَر! تُون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايُون ڪَرين،
مُون تَنَ اَندر تِيئَن وَهي، جِئَن وَڻُ وَڍي واڍو،
اِيءُ ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نا ته پَٿرِ ڪيرِ پَندُ ڪَري!
هي سڀ ڪرم جو ڪاڍو ڪريم جي خواهش ۽ تقدير جو لکيو آھي، جو توهان ڏاڍن ڏونگرَن سان پيچ پيو، منهنجو اندر وڻن جي واڍن جيان وڌو ٿا، اهو سڀ تقدير جو وهيل قلم آھي، جو اوهان ڏاڍن ڏونگرن مان گذران پئي، نه ته بنا تقدير جي پٿرن جا پنڌ ڀلا ڪير ڪندو.. لطيف جي سٽ سٽ حقيقت جي راهہ ڏسيندڙ آھي، لطيف سائينءَ وٽ تقدير جو وڏو بيان آھي ۽ وري اُن کي سهڻ جو به درس ڏنل آھي.
لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙيءَ نه ٿِئي؛
پاڙِيو ويٺِي پاڙِ، جيڪي لالَنَ لِکِيو لوحَ ۾.
سر معذوري
جيڪو به انگ جيڪو به لکيو نراڙ پيشانيءَ تي لکجي ويو آهي، اهو انگ ڪياڙيءَ ڏانهن نه ٿو ٿئي، تقدير نه ٿي ميسارجي نه ئي اُها پيشاني کان ميٽجي ڪياڙي ڏي ٿي اچي. بس پيو پاڙج جيڪو تقدير جي مالڪ تولاءِ لکيو آھي.لطيف جو هي وڏو پيغام آھي، تقدير ڪڏهن به نه ٿي ميٽجي سگهي، ڇو جو جهانن جي والي جڏهن جهان تخليق ٿي ڪيا ته انسانن لاءِ اُهي سڀئي شيون اُن وقت ئي خلقي ڇڏيون هيون.لاکيڻي لطيف جي شاعريءَ ۾ موضوعاتي لامحدودي ۽ اڻ ڳڻيائي ايتري آھي جو لکڻ تمام گهڻو ڏکيو آھي، لطيف جي شاعريءَ ۾ اهڙا ته رنگ آھن جيڪي صدين تائين به ڳڻبا يا لکبا تڏهن به جيئن جو تيئن برقرار رهندا بلڪہ ڪاٿو ئي نه لڳائي سگهبو. لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ صبر تقدير کي سهڻ جو ڏس آھي جيڪو ڏس انسان جي ڀلائي لاءِ آھي..

پهنجو تبصرو موڪليو