فرينچ انقلاب ۽ ان کان پوءِ

سبط حسن
فرانسي انقلاب ڪو ننڍڙو علاقائي واقعو نه هو پر تاريخ جو هڪ عظيم بين الاقوامي ڪارنامو هو، جنهن ويجهي ۽ پري جي سڀني ملڪن جي سياسي، معاشي، تهذيبي ۽ سماجي زندگيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو. انهن ڏينهن ۾ يورپ ۾ فرانس جو ئي سِڪو هلندو هو ۽ ماڻهو پيرس وارن جي رهڻي ڪهڻيءَ، لباس، کاڌي، فيشن ۽ ادب جو نقل ڪندا هئا. فرانسي دانشورن جا ڪتاب هر جاءِ وڏي شوق سان پڙهيا ويندا هئا ۽ جيڪي تحريڪون فرانس ۾ اٿنديون هيون انهن جو چَوٻول پري پري ٿيندو هو.
فرانسي انقلاب وچين دؤر جي ٽن استحصالي ٿنڀن ــــــ ملوڪيت، جاگيرداري ۽ ڪليسائي ـــــــ کي ڊاهي رکيو. سندن جهنڊي تي ”آزادي، برابري ۽ ڀائپي“ جا سونهري لفظ لکيل هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن نعرن مان سرمائيدارن جي مراد عوام جي خواهشن کان گهڻي ابتڙ هئي. سرمائيدارن وٽ مساوات مان مراد انهن جاگيري رعايتن جو خاتمو هو جيڪي نوابن ۽ درٻارين کي مليل هيون ۽ آزاديءَ مان مراد انهن پابندين جو خاتمو هو جيڪي صنعت ۽ واپار جي راهه ۾ رڪاوٽ هيون يا جن جي ڪري سرمايو گڏ ٿي نه پئي سگهيو. ان هوندي به فرانسي انقلاب جي تاريخ ٺاهيندڙ (دؤر ٺاهيندڙ، عهد آفرين) تاريخي ڪردار کان ڪو به ماڻهو ناڪار نه ٿو ڪري سگهي. ان ڪري 1648ع جي برطانوي انقلاب ۽ 1789ع جي فرانسي انقلاب تي تبصرو ڪندي ڪارل مارڪس لکي ٿو:
”1648ع ۽ 1789ع جا انقلاب رڳو برطانوي يا فرانسيسي انقلاب نه هئا، پر اهي يورپي سطح جا انقلاب هئا، اهي پراڻي سياسي نظام تي سماج جي ڪنهن هڪ طبقي جي سوڀ جو اعلان نه هئا، پر نئين يورپي سماج جي سياسي نظام جو اعلان هئا. انهن انقلابن ۾ سوڀ سرمائيدارن جي ٿي، پر ان وقت سرمائيدارن جي سوڀ هڪ نئين سماجي نظام جي سوڀ هئي ـــــــ جاگيرداراڻي ملڪيت تي سرمائيداراڻي ملڪيت جي سوڀ، صوبائيت تي قوميت جي سوڀ، گلڊ تي برتريءَ جي سوڀ، وڏي اولاد جي وراثتي حق تي جائداد جي (سڀني ۾) ورهاست تي سوڀ، زمين جي غلبي تي زمين جي مالڪ جي سوڀ، وهم پرستيءَ تي روشن خياليءَ جي سوڀ، خانداني نالي ۽ ڏيکاءَ تي خاندان جي سوڀ، سورمائي (سورمي واري) سُستيءَ تي ڪم ۽ ڪوشش جي سوڀ، وچين دؤر جي رعايتن تي ملڪي قانونن جي سوڀ ـــــ 1648ع جو انقلاب سورهين صديءَ تي سترهين صديءَ جي سوڀ هو. 1789ع جو انقلاب سترهينءَ تي ارڙهين صديءَ جو سوڀ هو. هي انقلاب، پنهنجي پنهنجي دؤر جي دنيا جي ضرورتن جو اظهار هئا، نه ڪي انهن علائقن ــــــ برطانيا ۽ فرانس ـــــ جي ضرورتن جو اظهار، جتي اهي برپا ٿيا.“
پر سماجي ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ، جيڪو عزم ۽ ارادو گهربل هوندو آهي، ان جو لازمي شرط سماج جي اڀرندڙ عنصرن ۽ انقلابي سمجهه جي تربيت آهي. ان ڪري لينن چيو هو ته سماجي انقلاب کان اڳ فڪري انقلاب آڻڻو پوندو آهي. تنهنڪري ارڙهين صديءَ جي فڪري انقلاب ۾ فرانس جا روشن خيال فلسفي اڳيان اڳيان هئا.
انهن دانشورن ۾ زان زاڪ رُوسو جو نالو سڀ کان مٿاهون آهي. کيس فرانسي انقلاب جو کاٽُو اڃا به پيغمبر چيو وڃي ٿو. روسو جنيوا ۾ 1712ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ واچون ٺاهيندو هو ۽ واندڪائيءَ جي وقت ناچ سيکاريندو هو، پوءِ به گذارو ڏاڍو ڏکيو هوس. روسو اڃا کير پياڪ ٻار ئي هو ته سندس ماءُ جو موت ٿي ويو، ان ڪري هن جي پرورش سندس چاچي ڪئي. ٻارهنِ سالن جي عمر ۾ هن تعليم ڇڏي ڏني ۽ روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر ڪنهن به ڪم ۾ دل نه لڳس. سورهنِ سالن جي عمر ۾ جنيوا کان سوائي هليو ويو پر گذر جي تنگيءَ اتي به پُٺ نه ڇڏيس، ته مجبورن هڪ ڪيٿولڪ پادريءَ وٽ پهتو ۽ کيس چيو ته مان پروٽسٽنٽ هيس پر هاڻي رومن ڪيٿولڪ ٿيڻ چاهيان ٿو. پادريءَ هن جي ڏاڍي آجيان ڪئي ۽ روسو جا ڏينهن آرام سان گذرڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ پادرين کي جڏهن خبر پئي ته مذهب جي تبديلي حقيقت ۾ هڪ مڪر هو ته هنن روسو کي خانقاه مان ڪڍي ٻاهر ڪيو. ان وقت روسو جي کيسي ۾ ڪل ويهه فرانڪ هئا.
خانقاه مان نيڪاليءَ کان پوءِ روسو مادام دُو واسيلي وٽ رهيو پر ان ڪرم فرما عورت به ٽن مهينن کان پوءِ لاڏاڻو ڪيو، ته قسمت روسو کي مادام وارنس جي پاسي ۾ آڻي ويهاريو. مادام وارنس مالدار عورت هئي، ان ڪري روسو نوَ ڏهه سال ان جي ساٿ ۾ ڏاڍي آرام سان گذاريا. ان کان پوءِ آوارگيءَ جو دؤر آيو ۽ روسو شهر شهر رلندو رهيو. 1743ع ۾ هڪ عورت جي معرفت وينس ۾ فرانسي سفير جو سيڪريٽري (منشي) ٿي ويو. اهو سفير ڏاڍو سُست ۽ ڪنجوس هو. سندس سڄي ڪم جو بار روسو تي هو، پر پگهار وقت هو بهانا پيو گهڙيندو هو. آخر تنگ ٿي روسو پيرس هليو آيو. پيرس ۾ روسو جي ملاقات هڪ عورت سان ٿي جيڪا ان هوٽل ۾ نوڪرياڻي هئي، جنهن ۾ روسو رهندو هو. روسو پنهنجي باقي عمر ان عورت سان گڏ گذاري جيتوڻيڪ اها عورت ڏاڍي بدصورت ۽ لالچي هئي ۽ لکڻ پڙهڻ به ڪو نه ڄاڻيندي هئي. ان عورت مان روسو کي پنج ٻار ٿيا.
هن وقت تائين روسو جي زندگي عشق ۽ عاشقي ۽ رول ۾ گذري هئي ۽ ڪنهن کي به شڪ ڪو نه هو ته ان جذباتي ماڻهوءَ ۾ سوچ سمجهه جي صلاحيت به آهي. 1750ع ۾ ”اڪيڊمي آف دي جان“ هڪ انعامي مقالي جو اعلان ڪيو. موضوع اهو هو ته ڇا فنون لطيفه ۽ سائنس مان انسانذات کي فيض پهتو آهي؟ چون ٿا ته دوستن روسو کي صلاح ڏني ته جيڪڏهن تون موضوع جي مخالفت ۾ لکندين ته انعام توکي ضرور ملندو. ان ڪري روسو پنهنجي مضمون ۾ علمن ۽ فنن جي سخت مذمت ڪئي ۽ لکيو ته تعليم جي ڪري آزاديءَ جو اهو احساس مري وڃي ٿو جيڪو انسان جي وراثت/بُڻ ۾ موجود آهي ۽ انسان غلاميءَ جي زنجيرن سان محبت ڪرڻ لڳي ٿو. علم نجوم وهم پرستيءَ جي تخليق آهي، خطابت لئه جي ۽ هندسه حرس ۽ هوس جي. دراصل روسو ننڍپڻ ۾ پلوٽارڪ جو ڪتاب ”يونان جا وڏا“ (مشاهير) پڙهيو هو ۽ اٿينـز تي اسپارٽا وارن کي ترجيح ڏيندو هو، ان ڪري هُو جهنگلي ماڻهوءَ جي سادي زندگيءَ جو عاشق هو. هن وٽ لطيف فنن ۽ سائنس جو سڀ کان وڏو نقص اهو هو ته انهن جي ڪري سماج ۾ نابرابري پيدا ٿئي ٿي. علمن ۽ فنن جي واڌاري جو ئي نتيجو آهي ته هينئر ڪردار جي پاڪائي احترام لائق نه آهي پر لياقت عزت لائق سمجهي وڃي ٿي.
”اسين هاڻي ڪنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ اها ڄاڻ نه ٿا وٺون ته هو ديانتدار آهي يا نه، پر اهو ڄاڻڻ ٿا گهرون ته اهو لائق فائق آهي يا نه. اسان کي ڪتاب جي اهميت (جوهر) سان واسطو ناهي، پر شرط اهو آهي ته ان جو بيان سٺو هجي. ذهن تي انعام اڪرام جو مينهن ٿو وسي ۽ پارسائي کي ڪو ڪڇي به ڪو نه. سٺن مقالن تي ته هزارين انعام ڏنا وڃن ٿا پر سٺي عمل لاءِ هڪ به انعام نه آهي.“
روسي جي عملي زندگيءَ جي شروعات ان مقالي سان ٿي. انعام مليس ته هن پراڻيون عادتون ڇڏي ڏنيون ۽ ڏاڍي سادي زندگي گذارڻ لڳو، تان جو پنهنجي واچ به اهو چئي وڪڻي ڇڏيائين ته هاڻي کيس وقت ڄاڻڻ جي ضرورت نه ٿي پوي.
1754ع ۾ هن جو ٻيو ڪتاب ”برابريءَ جي ابتدا“ شايع ٿيو. ان ڪتاب ۾ روسو تاريخ بدران تخيل ۽ عقل بدران جذبن کان مدد ورتي آهي. انسان کي مخاطب ٿيندي هو چوي ٿو ته ”ڏسو، هيءَ آهي اوهان جي تاريخ، جيئن هئڻ گهرجي، نه ڪي اها تاريخ، جيڪا ڪتابن ۾ بند آهي، ڇو ته ڪتابن جا ليکڪ ڪوڙ ٿا ڳالهائن، پر قدرت ڪوڙ نه ڳالهائيندي آهي ۽ مون قدرت جي ئي پوئواري ڪئي آهي.“
روسو جي راءِ ۾ ابتدائي انسان نهايت نيڪ، سادو سودو ۽ معصوم هو. هو غرور، حرص ۽ هوس، نفرت ۽ دشمني، لڙائي، فساد، مطلب ته سماج جي سمورين براين کان پاڪ زندگي گذاريندو هو. اڃ لڳندي هئس ته چشمي مان پاڻي پي وٺندو هو، بک لڳندي هئس ته وڻن جو ميوو کائي وٺندو، ننڊ ايندي هئس ته ڪنهن وڻ جي پاڇي ۾ پير ڊگهاري سمهي پوندو، نه ڏينهن جو ڏک، نه ماڻهن جي ڳڻتي، نه ڪو آقا ۽ نه ڪو ڪنهن جو محڪوم، پر آسودائيءَ، آزاديءَ ۽ برابريءَ جو اهو دؤر ذاتي ملڪيت جي ڪري برباد ٿي ويو.
”شهري سماج جو حقيقي باني اهو ماڻهو آهي جنهن سڀ کان اول زمين جي هڪ ٽڪري کي چئني طرفن کان ٻَنو ٻڌو ۽ دعوى ڪئي ته اهو ٽڪرو سندس آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ان ٻني کي ٽوڙيو هجي ها ۽ ماڻهن کي خبردار ڪيو هجي ها، ته ڏسو، هن ڌوڪي باز جي ڳالهين ۾ ڪڏهن نه اچجو، ڇو ته زمين ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي ملڪيت نه آهي پر زمين جو ميوو سڀني جو آهي، ته انساني نسل ڪيترين جنگين، ڪيترن ڏوهن، ڪيترن قتلن، ڪيترين مصيبتن، ڪيترين بربادين کان بچي پوي ها.“
انسان جهوپڙيون ٺاهيون، باهه جو استعمال ڄاتو ۽ ٻني ڪرڻ لڳو. خير ايترو ته ٺيڪ هو، پر انسان وٽ قناعت ڪاٿي.
”ماڻهو جيستائين پنهنجو ڪم پنهنجن هٿن سان ڪندا رهيا ۽ اهڙن هٿ-هنرن ۾ مصروف رهيا جن ۾ ٻين جي مدد گهربل نه هئي، ته هُو آزاد، تندرست، نيڪ ۽ خوش رهيا، پر جڏهن هڪ ماڻهوءَ کي ٻي ماڻهوءَ جي مدد جي گهرج پئي، جڏهن هن محسوس ڪيو ته هڪ ڏينهن جي خوراڪ بدران ٻن ڏينهن جو کاڌو گڏ ڪري، ته برابري گم ٿي وئي. گهاٽن ٻيلن کي جهولندڙ ٻنين ۾ بدلايو ويو پر انهن ٻنين کي ڍائڻ لاءِ انساني پگهر جي ضرورت پئي ۽ پوءِ انهن ٻنين ۾ غلاميءَ ۽ غربت جا ٻج ڦٽڻ لڳا ۽ فيصلن جي فراواني سان گڏ انهن (غلامي ۽ غربت) جو به واڌارو ٿيڻ لڳو.“
روسو جي راءِ ۾ اناج ۽ لوهه انسان جي حق ۾ سڀ کان وڏي لعنت ثابت ٿيا. انهن شين جي استعمال سان اڻ برابريءَ ۾ اضافو ٿيو. ذاتي ملڪيت جو واڌارو ٿيو ۽ ذاتي ملڪيت جي بچاءَ لاءِ قانون ٺاهيا ويا. انسان جي آزادي ختم ٿي وئي ۽ قناعت ۽ توڪل جي جاءِ تي نفعي خوريءَ ۽ مفاد پرستيءَ قبضو ڄمايو.
”هڪ طرف ساڙ، رِيس ۽ رقابت، ته ٻئي طرف مفادن ۾ ٽڪر ۽ مٿان لڪل خواهش ته ٻين جي پورهيي مان نفعو ڪمايو وڃي. اهي سڀ برايون ملڪيت جو پهريون ميوو آهن ۽ وڌندڙ اڻ برابريءَ جون دائمي ساٿي.“
روسو جي تنقيد تاريخي طرح صحيح نه سهي پر ان جي لکڻيءَ ۾ ايترو جوش، ايتري ڪوڙاڻ، تِک ۽ جهنجهلاهٽ آهي، جو پڙهندڙ جذبن جي وهڪري ۾ وهي وڃي ٿو. هُو پنهنجو ڪتاب هنن لفظن تي ختم ڪري ٿو ته ”اهو امر قدرتي قانون خلاف آهي ته ٻار پوڙهي تي حڪم هلائي، هڏن ويٺلُ دانشورن جي رهنمائي ڪري ۽ مُٺ جيترن ماڻهن جا پيٽ ته دنيا جي الابلا سان ڀريل هجن ۽ بکي گهڻائي زندگيءَ جي ضرورتن لاءِ سڪي.“
روسو ذاتي ملڪيت جو دشمن آهي، جاگيري نظام جو دشمن آهي، ڪليسائي اقتدار ۽ اڻ برابريءَ جو دشمن آهي. هن وٽ سڀني براين جي پاڙ ذاتي ملڪيت، خاص ڪري زمين جي ذاتي ملڪيت آهي. هو زمين ۽ ٻين سڀني شين کي سڄي سماج جي گڏيل ملڪيت ڏسڻ پسند ڪري ٿو، جيئن تاريخ جي شروعاتي دؤر ۾ هو. هن جي خيال موجب قانون حقيقت ۾ ملڪيت وارن جي هٿ جو هٿيار آهي جنهن جي مدد سان اهي ماڻهو پنهنجي مفاد کي سُڃن سکڻن (بنا ملڪيت وارن) کان بچائن ٿا، طبقاتي ورهاست، دولتمند ۽ غريب، سگھاري ۽ ضعيف، آقا ۽ غلام ئي سماج ۾ دنيا جون سڀ خرابيون پيدا ڪيون آهن.
روسو جي سڀ کان اهم تصنيف ”سماجي معاهدو“ آهي جيڪو 1764ع ۾ شايع ٿيو ۽ ايترو قبول پيو جو فرانسي انقلاب جو انجيل سڏيو ويو، پر سماجي ٺاهه جو تصور روسو جي ذهن جي تخليق نه هو، پر روسو کان گهڻو اڳ برطانيا جا مفڪر هابس ۽ لاڪ ان قسم جا نظريا پيش ڪري چڪا هئا.
هابس (1588ع-1679ع) جي دعوى هئي ته شروع ۾ سماج ”فطري حالت“ ۾ هو. حڪومت جهڙي ڪا شَي موجود نه هئي. سڀ ماڻهو برابر هئا. نه ڪو ننڍو هو نه وڏو. نه ذاتي ملڪيت هئي ۽ نه ئي انصاف يا نا انصافيءَ جا تصور پيدا ٿيا هئا، هر طرف جهنگ جو قانون رائج هو. هر ماڻهوءَ جي جان خطري ۾ رهندي هئي ۽ ڪو به ڪنهن جو همدرد نه هو. انهيءَ حالت ۾ جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهن پاڻ ۾ معاهدو ڪيو ۽ پنهنجي آزادي ”اعلى اقتدار“ جي حوالي ان شرط تي ڪئي ته هُو انهن جي زندگي جي حفاظت ڪندو. ان ڪري ماڻهن جو فرض ٿيو ته اعلى اقتدار جي بنا چئه چوان اطاعت ڪن ۽ جيڪڏهن ايئين نه ڪيو ويو ته سماج ۾ ابتري پکڙجي ويندي. هابس جو لاڙو ملوڪيت طرف هو پر اهو ڪليسا ۽ ملوڪيت جي الاهي حق کي تسليم نه ڪندو هو.
جان لاڪ (1632ع-1704ع) به سماجي معاهدي جو حامي هو پر هو هابس جي ”جنگي حالت“ کي نه مڃيندو هو. هن جو خيال هو ته ابتدائي سماج ڏاڍو پُر امن هو. ”ماڻهو هڪ ٻئي سان رلي ملي رهندا هئا. ڪو به ڪنهن کان مٿي نه هو ۽ نه ڪنهن کي اهو اختيار هو ته حاڪم بڻجي فيصلو ڪري.“ پر شهري حڪومت جو معاهدو ان ڪري ڪيو ويو هو جو اعلى اقتدار ماڻهن جي ملڪيتن ۽ جائداد جي حفاظت ڪري.
”دولت مشترڪه ۾ شريڪ ٿيڻ جو بنيادي مقصد ۽ پنهنجو پاڻ کي حڪومت جي تابع ڪرڻ جي اصل غرض جائداد جي حفاظت ڪرڻ هو.“
لاڪ جي راءِ ۾ ان ماڻهو کي، جيڪو ملڪيت جو مالڪ نه هجي، شهري حق نه ملڻ گهرجن، ڇو ته حڪومت جو مقصد دولت جي حفاظت ڪرڻ آهي، ماڻهن جي نه.
لاڪ سرمائيداراڻي جمهوريت جو سچو نمائندو هو، ان ڪري 1783ع ۾ جڏهن آمريڪا ۾ آزاديءَ جي جنگ شروع ٿي، ته اعلان نامي جا شروعاتي لفظ لاڪ جي ڪتاب تان ئي ورتا ويا ۽ جمهوري رياست جو آئين به هن جي نظرين موجب تيار ڪيو ويو. مشهور فرانسي اديب والٽيئر ( 1694ع-1778ع) به لاڪ جو وڏو قدردان هو. هن لنڊن ۾ ترسڻ وارن ڏينهن ۾ لاڪ جي لکڻين کي پڙهيو ۽ فرانس موٽي لاڪ جي خيالن جي تبليغ وڏي سگهه سان شروع ڪري ڏني.
روسو جي ڪتاب ”سماجي معاهدي“ جو موضوع بظاهر شخصي آزادي آهي (انسان آزاد پيدا ٿيو آهي پر هو جتي ڪٿي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي)، پر هن کي گهڻي دلچسپي برابريءَ سان آهي. برابري قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن شخصي آزادي قربان به ٿي وڃي، ته ڪو ڏک ناهي. روسو جمهوريت جي حق ۾ هو، پر جمهوريت اها جيڪا قديم يونان جي شهري رياست ۾ رائج هئي. سرمائيداري جمهوريت کي هو ”چونڊيل اميرن جي حڪومت“ چوي ٿو.
سماجي معاهدي جو نظريو انهن نوَن طبقاتي رشتن جو فڪري جواز (نتيجو، سبب) هو جيڪي سرمائيداري پيداواري طريقي جي ڪري ظاهر ٿي رهيا هئا. جاگيري نظام ۾ زمين جي مالڪ ۽ هاريءَ جو درجو هڪ ڪرو نه هوندو آهي ۽ نه ئي انهن جي نوعيت معاهدي جهڙي هوندي آهي. هاريءَ جو زمين تي ڪو به حق ناهي پر مالڪ جڏهن چاهي تڏهن هن کي بي دخل ڪري سگهي ٿو. ان جي ابتڙ صنعت ۾ ٻنهي ڌرين جي حيثيت ظاهري طرح برابر هوندي آهي. سرمائيداراڻي نظام ۾ ڪو به ڪنهن جو غلام يا رعيت نه هوندو آهي ۽ نه ئي سرمائيدار ڪنهن مزور کان زوريءَ ڪم وٺندو آهي پر مزور ”آزاد“ آهي ته سرمائيدار جي شرطن تي ڪم ڪري يا نه ڪري. سرمائيداري جي پيشڪش ۽ مزور جي رضامندي حقيقت ۾ معاهدو ئي آهي، جنهن جي پابندي ڪرڻ ٻنهي جو فرض هوندو آهي. ان معاهدي موجب پنهنجي اٺن ڏهن ڪلاڪن جي پورهيي جي قوت سرمائيدار جي هٿن ۾ وڪڻي ٿو ۽ سرمائيدار ان جي عيوض مزدور کي مقرر رقم اجوري طور ڏئي ٿو. ٻئي ڌريون جڏهن چاهن ان معاهدي کي ختم ڪري سگهن ٿيون. زندگيءَ جي ان نئين طريقي ۾ مطلق العنان ملوڪيت، ڪليسا ۽ جاگيريت جي ڪا به جاءِ نه آهي.
مشينن جي غلبي ڪري مشيني (مڪينيڪل) ماديت جي فلسفي کي به ڏاڍي قوت ملي. ان ڪري ان دؤر جو شايد ئي ڪو سائنسدان يا فلسفي هجي جنهن سڄي ڪائنات ۽ ان ۾ لقائن، ويندي انسانن کي به، مشين سان تشبيهه نه ڏني هجي. مثال طور، نيوٽن جو خيال هو ته ڪائنات مشين جيان چرپر ڪري ٿي ۽ ان تي اهي ئي قانون لاڳو ٿين ٿا، جيڪي مشين تي ٿين ٿا. بوائل وٽ دنيا اٽراس برگ شهر جي گرجا گهر جيان هلي ٿي. ”هي هڪ عظيم مڪينزم آهي جيڪو مقرر قانونن پٽاندر چرپر ڪري ٿو.“ ڊيڪارٽ چوي ٿو ته سمورا جسم، پوءِ اهي ڌرتيءَ جا هجن يا آسماني، مشينون آهن. خود انسان جو جسم هڪ مشين آهي، جنهن جا عضوا ان مشين جا پرزا آهن. هن گرمي، چقمقيت ۽ بجليءَ جي تشريح به مشيني اصولن سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
”جيڪڏهن اسان جي علم ترقي ڪئي ته اسان ڪيمسٽري ۽ بائلاجي کي به مڪينيڪل شڪل ڏئي سگهون ٿا ۽ اهو عمل به، جنهن هيٺ ٻجُ ٻوٽي يا جانور جي شڪل وٺي ٿو، مشيني آهي.“
مابلي (1709ع-1785ع) روسو کان ٽي سال وڏو هو. جيتوڻيڪ اڄ ٿورا ماڻهو مابلي جي نالي کان واقف آهن، پر ارڙهين صدي ۾ سندس مقبوليت ۽ شهرت جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو ته هن جي لکڻين جا چوويهه جلد چئن ايڊيشنن ۾ ڇپيا ۽ هٿو هٿ وڪامي ويا. پروفيسر اليگزينڊر گري (جيڪو سوشلسٽ تحريڪ جو سخت مخالف آهي) به اعتراف ڪيو آهي ته ”ان زماني ۾ هر ماڻهو موبلي کي پڙهندو ۽ هن جي لکڻين جو حوالو ڏيندو هو.“ موسيوزا لڳ ڀڳ سَو سال پوءِ گواهي ڏني ته ”پيرس ۾ ڪتاب جي دڪانن تان سڀ کان وڌيڪ وڪرو مابلي جي ڪتابن جو ٿيندو هو.“ (ص 86)
مابلي ڌنڌي جي لحاظ کان پاڌري هو پر سندس فطري لاڙو سياست طرف هو. هن عملي سياست ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر ٺهڪي نه سگهيو جنهن کان پوءِ تصنيف ۽ تاليف ۾ مصروف ٿي ويو.
مابلي قديم يونان کان ڏاڍو متاثر هو، ان ڪري هن جا گهڻا ڪتاب افلاطوني مڪالمن واري انداز ۾ مڪالمن (گفتگوءَ) جي شڪل ۾ ئي لکيل آهن. روسو جيان هو به اسپارٽا جي فوجي سوشلزم جي تعريف ڪندڙ هو، لائي ڪرگس کي پنهنجو هيرو مڃيندو هو ۽ قدرتي قانونن ۽ انساني برابري تي پورو يقين رکندو هو. هن جو خيال هو ته انسان جي سڀني مصيبتن جو سبب ذاتي ملڪيت آهي.
مابلي وٽ انساني برابري قدرتي قانون جو ئي هڪ پهلو آهي. ”قدرت اسان کي اڻڳڻ طريقن سان چوي ٿي ته توهان سڀ منهنجا آهيو ۽ مان توهان سڀني سان هڪ جيترو پيار ڪيان ٿي. سڄي ڌرتي توهان مان هر هڪ جو ورثو آهي، جنهن وقت اوهان منهنجي چيچ ڇڏي ان وقت توهان سڀ برابر هئا.“ اسان جون (بنيادي) ضرورتون هڪ جهڙيون آهن ۽ برابري جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو ئي آهي. قدرت هر ماڻهوءَ کي آزاد ۽ برابر ڪري پيدا ڪيو آهي. قدرت نه بادشاهه پيدا ڪيا ۽ نه حاڪم، نه آقا نه غلام، نه امير نه غريب. جڏهن قدرت اسان جي تخليق جو عمل پورو ڪيو تڏهن اڻ برابريءَ جو نالو نشان ئي ڪو نه هو ۽ زندگي گڏپ جي اصولن تي هلندي هئي، پر جڏهن ذاتي ملڪيت جو رواج پيو ته اها گڏپ جي زندگي پامال ٿي وئي. ان ڪري هاڻوڪي دؤر جو اڪيلو علاج اهو آهي ته اسان گڏپ جي اصولن کي ٻيهر رواج ڏيون. ان گڏپ جي نظام کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن اسان کي ٻيهر انقلاب جي ضرورت پوي ته اسان کي ان کان به گريز نه ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايئين چوي ته طبعي حالتن جي ڪري انسانن جي وچ ۾ فرق پيدا ٿي پوي ٿو، ته مابلي ان جي جواب ۾ چوي ٿو ته قدرتي صلاحيتون سڀني ماڻهن ۾ لڳ ڀڳ برابر هونديون آهن. هي جيڪو اسان کي فرق نظر اچي ٿو، اهو حقيقت ۾ تعليم، تربيت ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي فرق جو نتيجو آهي. جيڪڏهن سڀني ماڻهن کي هڪ جيتريون سهولتون حاصل هجن ۽ انهن جي زندگي جو معيار سٺو هجي ته سندن خداداد صلاحيتون هڪ جيتريون چمڪڻ لڳن.
مابلي جي خيال ۾ سماج جي سڀني براين جي پاڙ ذاتي ملڪيت ئي آهي. بدديانتي، رشوت، چوري، ٻين جي مال متاع تي غاصباڻو قبضو، ٻين جي پورهيي مان ناجائز فائدو وٺڻ انهن سڀني جي ذاتي ملڪيت جي هوس آهي، تان جو جنگيون به ان ڪري ٿين ٿيون. قدرت ذاتي ملڪيت جي اصول کي نه ٿي ڪري، پر ذاتي ملڪيت هڪ سماجي روايت آهي. ان اعتراض جي جواب ۾ ته جيڪڏهن برابري قائم ٿي وئي ته ڪنهن کي به ترقي ڪرڻ ۽ نين نين ايجادن جي خواهش نه ٿيندي، مابلي چوي ٿو ته دنيا ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي پوءِ اها سائنسي علمن ۾ هجي يا ادب ۽ فن ۾، انهن ۾ ذاتي فائدي جو جذبو گهٽ رهيو آهي. ڇا افلاطون يا سقراط يا هومر پيسن جي ڪري لکيو هو؟
پر سماج ۾ ذاتي ملڪيت جي ڪري جيڪي خرابيون پيدا ٿي پيون آهن انهن کي ختم ڪيئن ڪيو وڃي. ٻين خيالي سوشلسٽن جيان مابلي به پورهيت طبقي جي تاريخي منصب کي نظرانداز ڪري ٿو ۽ رياست تي ٿو ڀاڙي، جڏهن ته رياست پاڻ ئي طبقاتي ادارو آهي. هن جو خيال آهي ته رياست جيڪڏهن هن جي راين کي منظور ڪري ته حالتون سڌري سگهن ٿيون. مثال طور، اهڙا قانون ٺاهيا وڃن جن سان لالچ ۽ ذاتي نفعي جو سدباب ٿي سگهي. رياست جا خرچ گهٽ ڪيا وڃن جيئن ٻين لاءِ مثال ٿي سگهن. ٽيڪس رڳو نالي ماتر هجي. مئجسٽريٽ اعزازي طرح ڪم ڪن. ٺاهه ٺوهه جي زندگي قانون خلاف قرار ڏني وڃي ۽ ماڻهن کي سادو لباس، سادو کاڌو ۽ معمولي گهرن ۾ رهڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ورثي جا قانون بدلايا وڃن جيئن دولت ڪجهه هٿن ۾ نه مِڙي سگهي. ماڻهن کي واپار جي موڪل نه هجي ڇو ته واپاري وطن دوستيءَ جي جذبي کان خالي هوندا آهن. پر سرمائيدارن جي نمائنده فرانسي رياست کان مابلي جي اها توقع، ته اها پاڻ پنهنجيءَ نـڙيءَ تي لَت ڏيندي، انتهائي درجي جي سادگي هئي. ان دؤر جا باشعور فرانسي شايد ان تي کليا به هوندا، پر مابلي جي شهرت جو سبب اهي خيالي منصوبا نه هئا. هن جنهن خلوص، جوش ۽ ڏک سان سماج جي سياسي، معاشي ۽ تهذيبي ۽ تعليمي براين جو ڍَڪ لاٿو، ان فرانسي انقلاب جي ولولي ۾ ڏاڍو واڌارو ڪيو.
ائين ٿو ڄاڻجي ته قدرتي قانون جي حوالي سان انساني برابريءَ جي تلقين ۽ ذاتي ملڪيت جي ملامت ارڙهين صديءَ جي خمير ۾ داخل ٿي وئي هئي، ان ڪري ان دؤر جا لڳ ڀڳ سڀئي مفڪر ان انداز ۾ سوچيندا هئا. رُوسو، ماريلي ۽ بابيو ان جا زبردست علمبردار هئا.
ماريليءَ جو خيال هو ته انسان فطري طرح نيڪ آهي، خراب نه. بدي انسانذات جو جزو نه آهي، پر انسان جنهن سماج ۾ پلجي ٿو، ان جون برايون کيس خراب ڪن ٿيون. سماج جي انهن براين جو سرچشمو ذاتي ملڪيت آهي ۽ اسان جيڪڏهن ڪنهن طرح ذاتي ملڪيت جي لعنت کان نجات حاصل ڪري وٺون ته سماج ۽ ماڻهو ٻئي براين کان بچي ويندا. ماريليءَ جي دعوى هئي ته قدرت جي منشا به اها ئي آهي، ڇو ته قدرتي قانون ۾ ذاتي ملڪيت جو دخل ڪونهي.
انهيءَ نظريي جي ڪري ماريلي هڪ ”ضابطهء قدرت“ ترتيب ڏنو هو، جيڪو 1755ع ۾ شايع ٿيو. ان ضابطي جو بنياد گڏيل ملڪيت تي رکيو ويو هو.
”دنيا هڪ دسترخوان آهي، جنهن تي طرحين طرحين کاڌا اهڙيءَ ترتيب سان ۽ گهڻا رکيا ويا آهن جو سڀ مهمان پيٽ ڀري کائي سگهن، پر ضيافت جو اهو سڄو سامان سڀني جي گڏيل ملڪيت آهي… بس ڪنهن ماڻهوءَ کي اهو حق ڪو نه ٿو پهچي ته ان دسترخوان جي نعمتن کي پنهنجي ملڪيت بڻائي يا بڻائڻ جي دعوى ڪري.“
ماريلي وٽ قدرت پاڻ برابريءَ جي وڏي تبليغ ڪندڙ آهي. هن اسان جي جذبن ۽ احساسن ۾ هڪ جهڙائي پيدا ڪئي آهي. اهو ٺيڪ آهي ته اسان سڀني کي هڪ ئي وقت بک ڪا نه ٿي لڳي ۽ اسان جي ٻين ضرورتن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن فرق هوندو آهي، پر ان مان قدرت جي منشا/گُهـر اها آهي ته اسان پنهنجن حقن کي ٻين لاءِ قربان ڪرڻ سکون. قدرت انسان جي ذهني صلاحيتن ۽ جسماني قوتن ۾ فرق پيدا ڪري اسان کي ورهاست جو طريقو سيکاريو آهي. ماريلي جي خيال ۾، اسان جو سماج حقيقت ۾ هڪ خودڪار مشين آهي.
اسان جي سَو براين جي هڪ برائي دولت ۽ ملڪيت جي حوس آهي. جيڪڏهن سماجي براين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي ته خبر پئجي ويندي ته انهن جو رشتو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ملڪيتن جي حوس سان ڳنڍيل آهي. بس، ثابت ٿيو ته جيڪڏهن ذاتي ملڪيت نه هوندي، ته ٻيون سڀ برايون به باقي نه بچنديون. پر افسوس آهي جو قانون ٺاهيندڙن خود غرضي ڏيکاري ۽ ملڪيت جي استعمال جي نگهبانيءَ بدران ملڪيت جي نگهبانيءَ ۾ لڳي ويا. هاڻي به ويل ڪا نه وئي آهي. جيڪڏهن ذاتي ملڪيت کي ختم ڪيو وڃي، ته نه ته ڪو چوري ڪندو، نه قتل ۽ نه ئي ڪنهن کي جَهانگيريءَ ۽ جهان بانيءَ جو جنون ستائيندو.
ماريلي اهو ڪو نه ٿو مڃي ته انسان طبعن سست ۽ ڪم چور آهي. انسان ۾ ڪم نه ڪرڻ جي تحريڪ حقيقت ۾ واندن ۽ بيڪار دولتمندن کي ڏسي ٿئي ٿي، جيڪي پاڻ چري پري پاڻي به ڪو نه ٿا پِي سگهن، پر چاهن ٿا ته ٻيا پنهنجو رت ۽ پگهر وهائيندا رهن.
ماريلي پنهنجي ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ قانون جو هڪ مسودو ٿو ڏئي، جيڪو سندس راءِ ۾ عينُ قدرتي منشا موجب آهي. ان قانون جا ٽي شرط آهن: پهريون، ته ذاتي استعمال جي شين کان سواءِ سموري ذاتي ملڪيت رياست جي هٿن ۾ هجي. ٻيو، ته هر ماڻهوءَ کي رياست (ري پبلڪ) روزگار مهيا ڪري ۽ سندس خرچن کي پورو ڪندڙ هجي. ٽيون، ته هر ماڻهو پنهنجي جسماني قوت، پنهنجيءَ عمر ۽ پنهنجي لياقت موجب سماج جي خدمت ڪري. ان کان پوءِ ماريلي افلاطون ۽ سر ٿامس مور جيان تفصيل ۾ هليو وڃي ٿو. پر اهي تفصيل سندس پيش رُو خيالي سوشلسٽن جي راين کان مختلف نه آهن.
ماريلي، مابلي ۽ روسو فرانسي انقلاب لاءِ ذهني فضا تيار ڪئي، پر انهن مان ڪو به انقلاب وقت جيئرو نه هو. اهو فخر انهن جي روحاني شاگرد ۽ انقلابي مفڪر بابيو (1760-1797ع) کي حاصل ٿيو. هن نه رڳو فرانسي انقلاب جي هلندي پورهيتن جي اڳواڻي ڪئي، پر پنهنجي سوشلسٽ سرگرمين جي ڪري جان به قربان ڪئي.
بابيو جا وڏا هيٺين وچين طبقي سان تعلق رکندا هئا. ننڍپڻ بک ۽ ڏک ۾ گذريس، مضمونَ لکڻ جو شوق شروع کان هيس، ان ڪري ايمينز (AMIENS) شهر جي هڪ اخبار ۾ ملازم ٿيو، صحافتي زندگيءَ جي تجربن ۽ سياسي مفڪرن جي مطالعي بابيو کي ڪٽر انقلابي بڻائي ڇڏيو. انقلاب برپا ٿيو ته ايمينـز ۾ نوڪري ڇڏي، پيرس هليو ويو. اتي هن هڪ اخبار ”صحافت جي آزادي“ جي نالي سان شايع ڪئي، پوءِ ان جو نالو ”عوامي عدالت“ رکيو ويو.
بابيو فرانسي انقلاب جي حمايت ڏاڍي جوش سان ڪئي، پر انقلاب جي سوڀ ٿي، ته رياست تي سرمائيدار طبقو قبضو ڪري ويٺو ۽ پورهيتن جي زندگيءَ ۾ ڪو فرق نه آيو. ”آزادي، برابري ۽ ڀائپي“ جا نعرا، جن جي بنياد تي پورهيتن کي انقلاب ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي هئي، سکڻا ٺڪاوَ ثابت ٿيا. انقلاب کان اڳ اڻ برابريءَ ۽ نا انصافيءَ جو سبب بادشاهه، جاگيردارن ۽ نوابن جي ڦرلٽ هئي. انقلاب کان پوءِ اهو ڪم سرمائيدارن سنڀالي ورتو ۽ پورهيتن جا حق مارجڻ لڳا، جڏهن ته انقلاب ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون انهيءَ ئي طبقي ڏنيون. بابيو سرمائيدار طبقي جي انهن ڪُوڙن واعدن ۽ واعدي خلافين جي خلاف پنهنجيءَ اخبار وسيلي زبردست مهم هلائي ۽ اعلان ڪيو ته اهو انقلاب اڃا پورو نه ٿيو آهي، ان ڪري پورهيتن کي گهرجي ته هو اڳتي وڌن ۽ انقلاب کي تڪميل تي پهچائن. فيبروري 1795ع ۾ بابيو کي سندس ولولي ڀرين لکڻين جي ڏوهه ۾ قيد ڪيو ويو. جيتوڻيڪ کيس اٺن مهينن کان پوءِ آزاد ڪيو ويو، پر معاشي اڻ برابريءَ خلاف سندس ڪاوڙ ٿڌي نه ٿي، پر اڃا ڪجهه وڌي وئي. هن هنرمند مزورن، عام سپاهين ۽ ترقي پسند سرمائيدارن جي هڪ تنظيم برابريءَ جي بنياد تي قائم ڪئي. حڪومت سندس اخبار بند ڪري ڇڏي ۽ تنظيم کي قانون خلاف قرار ڏنو، پوءِ به هن پنهنجون تنظيمي سرگرميون ڳجهيءَ طرح روشن رکيون. آخرڪار حڪومت بابيو جي ڳجهي تنظيم کان ايترو ته ڊڄي وئي، جو هن بابيو تي بغاوت جو الزام هنيو ۽ سندس سِر وڍي ڇڏيو.
بابيو جو چوڻ هو ته برسر اقتدار جماعت انقلاب کان انحراف ڪيو آهي ۽ ”انساني حقن“ جي تاريخي اعلان نامي کي پري ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي. انساني حقن جو اهو اعلان نامو حقيقت ۾ فرانسي انقلاب جو پڌرنامو هو. ان اعلان نامي ۾، جيڪو 26-آگسٽ 1789ع تي دستور ساز مجلس ۾ منظور ٿيو هو، فرد جي تبديل نه ڪري سگهجندڙ حقن جي ضمانت ڏني وئي هئي. انهن حقن ۾ آزاديءَ جو حق، ملڪيت جو حق، ذاتي تحفظ جو حق ۽ ظلم خلاف جدوجهد جا حق شامل هئا. ان سان گڏ تقدير، لکڻيءَ ۽ ڇپائيءَ جي آزاديءَ جي ضمانت به ڏنل هئي ۽ اهو اعلان ڪيو ويو هو ته اقتدار جو سرچشمو عوام آهي. ان اعلان نامي کي 1791ع جي آئين ۾ مهاڳ طور شامل ڪيو ويو هو.
بابيو جو مطالبو هو ته ”انساني حقن“ جي اعلان نامي ۾ 1791ع جي آئين تي لفظ به لفظ عمل ڪيو وڃي ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن جن ۾ سياسي ۽ معاشي برابريءَ کي واڌاري جو موقعو ملي، پر بابيو جو خيال هو ته ذاتي ملڪيت جي موجودي ۽ حقيقي برابري قائم ڪرڻ ناممڪن آهي. بابيو برابريءَ جي حمايت ۾ اهي دليل ڏئي ٿو، جيڪي روسو، ماريلي ۽ مابلي ڏنا هئا يعني قدرت سڀني انسانن کي سندن حقن ۽ ضرورتن جي حد تائين برابر پيدا ڪيو آهي، پر ذاتي ملڪيت جي ٺيڪيدارن قدرتي قانون جي خلاف ورزي ڪري فطري مساوات جي جاءِ تي سماجي اڻ برابريءَ جا زهريلا ٻج پوکيا آهن ۽ جتي اڻ برابري هوندي اتي نا انصافي ٿيڻ لازمي آهي. هڪ طرف شين جي گهڻائي ٿيندي ته ٻئي طرف اڻاٺ. اها گهڻائي قدرتي قانون موجب نه هوندي، پر ان کي چوريءَ جو مال چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو، جڏهن ته چورن قانون ٺاهي ان چوريءَ لاءِ سبب پيدا ڪري ورتو آهي، ان ڪري بکين ۽ بکيو رکڻ وارن جي وچ ۾، دولتمندن ۽ مفلسن جي وچ ۾، ملڪيتون رکندڙن ۽ نه رکندڙن جي وچ ۾ لاڳيتي جنگ رهي ٿي. جيڪڏهن مون اٺيتاهن ڪلاڪن ۾ ڪجهه نه کاڌو آهي، ته مون کان اعتدال ۽ قناعت جي توقع ڪرڻ فضول ٿيندي.
28 جولاءِ 1795ع تي، چارلس جرمين جي نالي هڪ خط ۾، هو فرانسي سماج تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته واپار جي بازار بيشڪ گرم آهي، پر ان جو مقصد ان کان سواءِ ڪجهه نه آهي ته پورهيتن جي پگهر ۽ رت جي ڪمائيءَ مان دولتمندن جا سونَ جا تلاءَ ڀريا وڃن. جزو ڪُل جي خلاف سازش ۾ مصروف آهي. دولت بدمعاش سَٽي بازن جي ٽجوڙين ۾ منتقل ٿيندي رهي ٿي پر جيڪي سڀ کان وڌيڪ فائديمند ۽ اهم سماجي خدمت ڪن ٿا انهن کي اجورو سڀني کان گهٽ ملي ٿو. هر طرف بي يقيني ئي بي يقيني آهي. ڪو به ماڻهو اعتماد سان چئي نه ٿو سگهي ته سڀاڻي مون تي ۽ منهنجي اولاد تي ڇا گذرندو ـــــــ کين رزق ملندو يا نه.
جيستائين عوام جو تعلق آهي، انهن لاءِ انقلاب آيو ئي ڪونهي. ان ڪري اسان کي انقلابي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي، ته جيئن عوامي انقلاب برپا ٿئي ۽ برابريءَ جو جهنڊو جهولي.
بابيو ۽ ان جي ساٿين مختصر جدوجهد دوران ڪيترائي رسالا ۽ اشتهار شايع ڪيا انهن ۾ سڀ کان مشهور ”برابريءَ جو پڌرنامو“ آهي. ان پڌرنامي جي ڪجهه ٽڪرن مان ئي فرانس جي انهن جنگي جوانن جي جوش ۽ خلوص جو اندازو ٿي وڃي ٿو.
”جيئن ته اسان برابر پيدا ٿيا آهيون ان ڪري اڄ کان اسين برابريءَ جي حيثيت ۾ جيئنداسون ۽ مرنداسون. حقيقي برابري يا موت، اهو آهي اسان جو مطالبو ۽ اسين ان کي حاصل ڪري ئي ساهي پٽينداسون، پوءِ ڇو نه اسان کي ڪيتري به قيمت ڏيڻي پوي. افسوس آهي انهن ماڻهن تي، جيڪي حقيقي برابري ۽ اسان جي وچ ۾ ايندا، افسوس آهي انهن ماڻهن تي جيڪي اسان جي ان خواهش جا ويري ٿيندا… فرانسي انقلاب هڪ نئين انقلاب جو اڳيون در آهي، فرانسي انقلاب کان وڌيڪ عظيم، وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ سٺي انقلاب جو، آخري انقلاب جو. اسان کي اها برابري رڳو ”انساني حقن“ جي دستاويز تي نه گهرجي. اسان کي اها برابري پنهنجي گهر جي ڇِت هيٺان ۽ پنهنجي وچ ۾ گهرجي. اسان ان لاءِ وڏي ۾ وڏي قرباني، وڏي ۾ وڏو امتحان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. بيشڪ هر شَي فنا ٿي وڃي پر حقيقي برابري زنده رهي.“
بابيو پهريون سوشلسٽ مفڪر هو جنهن محسوس ڪيو ته سوشلسٽ سماج رڳو ڪتابي منصوبن سان ڪامياب ٿي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي هيءُ تاريخي فرض ڪو خدا ترس حاڪم يا فلسفي حڪمران پورو ڪري سگهي ٿو، پر پورهيت عوام ئي پنهنجي جدوجهد وسيلي سوشلسٽ نظام کي نافذ ڪري سگهي ٿو. ان ڪري ئي اسان بابيو کي ڪارل مارڪس جو پيشرو چئي سگهون ٿا. ان ڪري ئي ڪارل مارڪس ڪميونسٽ پڌرنامي ۾ سينٽ سائمن، فوريئر ۽ رابرٽ ۽ اووين کي ته خيالي سوشلسٽن جي قطار ۾ شامل ڪري ٿو پر بابيو کي خيالي سوشلسٽ ڪو نه ٿو چوي، پر سندس لکڻين طرف اشارو ڪندي انهن کي ”مزدورن جي مطالبن جو آواز“ سمجهي ٿو.
۽ فريڊرڪ اينجلس فرانسي انقلاب جي سرمائيداراڻي ڪردار جو جائزو وٺندي لکي ٿو ته:
”ان هوندي به هر وڏي بورجوا تحريڪ ۾ ان طبقي، جيڪو هاڻوڪي پورهيت طبقي جو پيشرو هو، پنهنجي ڌار تحريڪ به هلائي. مثال طور، جرمنيءَ ۾ ”دين جو سڌارو“ ۽ هارين جي جنگ جي زماني ۾ ٿامس ميونـزر جون تحريڪون، 1648ع جو برطانوي انقلاب ۾ ليولرز ۽ فرانس جي عظيم انقلاب ۾ بابيو جون تحريڪون.“
ڪارل ڪائوٽسڪي جي نالي لکيل هڪ خط ۾ اينجلس ان ڳالهه کي اڃا چٽو ڪيو آهي. اهو خط (20 فيبروري 1889ع) ڪائوٽسڪي جي هڪ مقالي تي تبصرو هو، جيڪو فرانسي انقلاب جي سَو ساله جشن لاءِ لکيو ويو هو:
”1794ع ۾ فرانس جي عوامي برادرين جو نعرو هو ”پورهيي جي بنياد تي سڀني جي خوشحالي“ پر اها خبر نه ٿي پوي، ته اهي ماڻهو حقيقت ۾ ڇا ٿا گهرن. پر ڪَميون جي خاتمي کان گهڻا ڏينهن پوءِ بابيو هنن جي خواهشن کي ٺوس شڪل ڏني پر جيئن ڪميون ۽ ان جي ڀائپيءَ جون خواهشون گهڻو وقت اڳ هيون تيئن بابيو ڏاڍو دير سان ظاهر ٿيو.“
مطلب هي آهي ته بابيو جي تحريڪ جي ناڪاميءَ جو سبب اهو هو ته فرانس ۾ ان وقت تائين صحيح معنى ۾ پورهيت طبقو وجود ۾ نه آيو هو جيڪو سرمائيداري انقلاب کي سوشلسٽ انقلاب جي سطح تائين وٺي وڃي ها. پورهيت عوام جي حالت نيم پورهيت جهڙي هئي. بابيو ۽ سندس ساٿي پنهنجي گهڻي قوت سازشي سرگرمين ۾ ضايع ڪندا رهيا ۽ لڪل بغاوتن جا منصوبا سٽيندا رهيا. انهن سرگرمين کي ”برابريءَ لاءِ سازش“ جو لقب ڏنو ويو. ان عجيب ۽ غريب سازش جون تياريون ڳجهيون نه، پر کلي عام ٿينديون هيون. ان جا اعلان ۽ هدايتون شايع ٿينديون هيون. انهن جو هڪ باقاعدي انتظامي ادارو هو ۽ هڪ ”بغاوت جو قانون“ به جوڙيو ويو هو. ان قانون جي دفعه 13-14 ۾ نانوائين (ماني پچائي کپائيندڙن) کي هدايت ڪيل هئي ته اهي ماني پچائڻ ۾ دير نه ڪن. دفعه 17 ۾ اهو اعلان درج هو ته دشمن جي سموري ملڪيت وطن جي محافظن ۾ ورهائي ويندي. هڪ اعلان ان مضمون جو تيار ڪيو ويو هو ته بي گهر شهرين کي اميرن جي گهرن ۾ رهايو ويندو.
بابيو کي يقين هو ته پورهيت ئي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ انقلابي طبقو آهي ۽ سماجي انقلاب ان طبقي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ان ڪري هو ۽ سندس ساٿي مزدورن جي تعليم ۽ تنظيم ۾ مصروف رهندا هئا، پر انقلاب جي تڪميل جي لاءِ هُو ملڪ گير سطح تي عوامي جدوجهد جا قائل نه هئا پر انهن جو خيال هو ته اهو تاريخي فرض ٿورن معتبر مزدورن جي ڳجهيءَ سازش وسيلي پورو ٿي سگهي ٿو ۽ اها ئي بابيو جي طريقيڪار جي سڀ کان وڏي خامي هئي.
بابيو جي تحريڪ سندس قتل کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هلندي رهي ۽ هن جا پوئلڳ فرانس جي مزور حلقن ۾ بدستور ڪم ڪندا رهيا. ان ڪري ڪارل مارڪس پيرس اچڻ کان پوءِ جن انقلابي ڪارڪنن سان رابطو قائم ڪيو، انهن ۾ بابيو کي مڃڻ وارا به هئا. ڪارل مارڪس انهن جي سياسي نظرين سان اتفاق ڪندو هو. هو انهن جي خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ جي تعريف به ڪندو هو پر انهن جي سازشي حڪمت عمليءَ کي مزور تحريڪ جي حق ۾ نقصانڪار سمجهندو هو. بابيو جا ڪيترائي معتقد هوري هوري ڪارل مارڪس جي ڪميونسٽ ليگ ۾ شامل ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو