غزا ۾ ٿيندڙ جنگ ۽ مسلمان ملڪن جو ڪردار‎

غزا ۾ ٿيندڙ جنگ ۽ مسلمان ملڪن جو ڪردار‎

عبدالااحد گھنڃو
7 آڪٽوبر جي ڏينهن اوچتو ھماس تنظيم اسرائيل تي حملو ڪري پوري دنيا کي ھلائي چڏيو.انھي حملي ۾ اسرائيل جا ڪيترائي ماڻهو مري ويا ۽ زخمي پڻ ٿيا.جنھن جي جواب ۾ اسرائيل وارن به فلسطين تي راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري انهن جا 1000 کان مٿي ماڻهو شھيد ڪري ڇڏيا آهن. پر افسوس جنهن ۾ ٻارن ۽ عورتن جو تعداد وڌ ۾ وڌ آھي.۽ اھا ھڪ انتھا درجي جي بيحسي آ ھي جو انسانيت جي تذليل کلي عام ٿي رهي آهي. ھن وقت غذا جو شھر جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي ۽ ھر طرف معصوم ۽ بي ڏوهي ماڻهن جا لاش ئي لاش پيا آ ھن. وري اسرائيل وارن جي ظلم جي انتها ته ڏسو جو غذا شهر وارن جو پاڻي کاڌو ۽ بجلي به بند ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري اھي ويچارا شهري وڌيڪ مصيبتن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن جي نتيجي۾ ماڻھن کي بيمارين وٺ ڪري رهيون آهن.ھن وقت ھڪ عذا وارن تي حملي جي مٿان حملا ٿي رهيا آهن ۽ ٻيو ھر طرف خوف وارو ماحول وري انهن جي فاننشلي حالت ڪمزور ته پوءِ اھا معصوم ماڻهو ڪيئن پنھنجو علاج ڪرائيندا ۽ ڪئين پنھنجي زندگي بسر ڪندا.غذا شهر وارن جي زندگي ھن وقت مڪمل طرح مفلوج ۽ بي بس ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي. ھن وقت اسرائيل سرڪار طرفان مڪمل طرح جنگ جو اعلان ڪيو ويو آھي جنھن جي ڪري ھاڻي ھر روز بي ڏوهي ماڻهو شھيد ٿين ٿا. ھوڏانھن وري يونائٽيڊ نيشن طرفان انھي جنگ کي روڪڻو لاءِ ھڪ اجلاس ڪوٺايو جيڪو بغير ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويو ۽ اھا ھڪ افسوس جي پڻ ڳالهه آهي. ۽ ٻي طرف آ مريڪا برطانيا ۽ يورپي ملڪن ھن وقت تائين ڪو به مثبت ڪردار ادا نه ڪيو آهي ۽ تاريخ گواهه آهي آمريڪا ھميشه اسرائيل جي اسلام خلاف ناجائز سپورٽ ڪئي آهي ۽ فلسطين وارن مسلمانن کي ظلم جو نشانو بڻايو آهي جنهن جي ڪري اسلام خلاف پوري دنيا ۾ سازشون وڌيون آهن ۽ انتهاپسندي دھشتگردي فرقيواريت کي پڻ غلط ھٿي ملي آھي. جيڪڏهن تاريخ تي ھڪ نظر وجھندا سين ته اسان کي خبر پوندي يھودي لابي ھميشه اسلام خلاف ئي ڪم ڪيو آهي. جڏهن کان اسرائيل رياست قائم ٿي آ ھي تڏهن کان وٺي يھودين فلسطين وارن تي ظلم ڪرڻ شروع ڪيا آهن. اصل ۾ اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ جنگ ويھين صدي جي وڏي ۾ وڏي جنگ آهي. فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ جي شروعات 1947 کان ٿي ۽ جيڪا 1949 ۾ ختم ٿي. ان نتيجي ۾ 14 مئي1948ع تي اسرائيل رياست وجود ۾ آئي.جنھن کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين فلسطين ۽ اسرائيل جي درميان وقتن با وقت جنگ جاري رھي ٿي.۽ اسرائيل وارن کي وڌ ۾ وڌ ھٿيار ۽ اسلو آ مريڪا جھڙا ملڪ سپلاءِ ڪن ٿا. ٻيو ته يروشلم جي سرزمين تي موجود مسجد اقصا تي به ھميشه يھودين جو ناجائز جھيڙو ۽ قبضو رهيو آهي. مسجد اقصا اھا مقدس ۽ تاريخي مسجد آهي جتي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم معراج جي رات سڄن پيغمبرن جي امامت ڪرائي هئي ۽ پوءِ مٿي آ سمانن جو وڃي سير ڪيائين ۽ الله سائين جو وڃين ديدار ڪيائين. ان ڪري مسجد اقصا اسان مسلمانن لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي پر يھودي ھميشه ان کي پنھنجي مسجد تصور ڪن ٿا جنهن جي ڪري اڄ ڏينهن تائين انھي تاريخي مسجد تي جھيڙو ھلندو ٿو اچي. اڄ اسان سڀ مسلمانن کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آھي ڇو جو غذا ۾ رھندڙ مسلمان به اسان جا ڀائر آھن ۽ انهن جي مٿان جيڪو ڏاڍ ٔ ٔ ۽ قلم برپا ٿي رھيو آھي اھو ناقابل قبول آهي. ھن وقت ھڪ طرف طاقت ور ملڪ خاموش تماشائي بڻيل آهن ٻي طرف قطر ۽ ترڪي ٽياڪڙي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پر جيڪو ظلم ھن وقت غذا جي مٿان ٿئي پيو ان جنگ کي روڪڻ لاءِ يونائٽيڊ نيشن کي پوري سچائي سان ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ سڄن مسلمان ملڪن کي يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو ۽ سراپا احتجاج ڪري انھيءَ جنگ کي روڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪرڻي پوندي جئين وڌيڪ معصومن جون جانيون قربان نه ٿين

پهنجو تبصرو موڪليو