طفيل مگسي
اسان جي چوڌاري ۽ وک وک تي رب العزت جون هزارين نشانيون آھن.نه صرف اهو بلڪ اسان جي سوڇ و فڪر جا دردريون پڻ کليل آھن .رب پاڪ جون ايتريون ته نعمتون آھن ته جنهن جو نه ڪي ڪو ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي شمار ڪري سگهجي ٿو.باوجود ان جي ڪنهن به ماڻھوء کي اهو احساس ئي ناهي ته عام ماڻھو يعني الله تعالي جي سڀ کان پياري مخلوق(غريب.مسڪين ۽ بيوس) تي ڇا وهي واپري رهيو آھي۽ اھو ڪهڙين ڪهڙين اذيتن ۽ تڪليفن کي منجن ڏئي رهيو آھي.اهڙي ئي قسم جي سنگدلي کي ڪهڙو نانء ڏنو وڃي.جيڪڏھن ان کي خود غرضي سان تعبير ڪجي ته ڪو واڌارو نه ٿيندو.شايد اشرافيا اهو سمجهي ٿي ته انهن سمورين نعمتن تي صرف سندن جو ئي حق آھي.يعني مال ودولت .وسيلن جا انبار.لکن ڪروڙن جي پراپرٽي .بينڪ بيلنس ۽ بهترين حالتون انهن جو ڪو ڪمال آھي جو قدرت انهن کي ان ريت نوازي رهي آھي.(بنا ڪنهن محنت ومزدوري جي) ليڪن ائين ناهي بلڪ اهو سڀ ڪجه انهن جو امتحان به ٿي سگهي ٿو.پاڪستان تي اهو موقف ناهي جيڪو ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ غربت.دهشتگردي.بيروزگاري .مهانگائي .جسم فروشي.چوريون .فرون.ڌاڙا.رهزنيون ۽ ٻين مسئلن جو سڀ کان وڏو سبب دولت جي غيربرابري واري ورهاست آھي.جنهن مسئلن پٺيان مسئلن کي جنم ڏئي ڪري عام.ماڻھن جون زندگيون دوزخ بڻائي ڇڏيون آھن.هن وقت غريب جن چيليجز کي منهن ڏئي رهيا آھن انهن جو بنيادي سبب اهو آھي ته سمورا وسيلا مٺ جيترن خاندانن تائين محدود ٿي ڪري رهجي ويا آھن.۽ اھي ئي مٺ جيترا ماڻھو جيڪي هٿرادو تقدير جا مالڪ بڻيل آھن.پنهنجين دلين کي خواهشين جو قبرستان بنائڻ فڪر جي گهڙي آھي.اخبارون پڙھي ڏسو ٽين دنيا خاص ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي بنياد تي خودڪشيون ڪرڻ وارن جي انگ ۾ خوفناڪ حدتائين واڌارو ٿيو آھي.انهن حڪومتن.سماجي تنظيمن ۽ صاحب پهچ وارن ماڻھن جي لاء ڳڻتي جو سب ٿيڻ\ هئڻ گهرجي.نه صرف اهوئي نه بلڪ هاڻي ته بک کان تنگ ٿي ڪري والدين ۾ پنهنجن ٻارڙن کي قتل ڪرڻ وارو لاڙو تيزي سان وڌي رهيو آھي.حالانڪ هر ٻار جي پيدائش هن ڳاله جو اعلان آھي.ته پرودگار هن وقت به انسان کان مايوس ناهي ٿيو بلڪ انسان انسان کان ضرور مايوس ٿيو آھي.
اسان جي آس پاس سيڪڙين اهڙا فرد يقينن موجود آھن ته جيڪي اهو سمجهن ٿا ته انهن جي زندگي جو هاڻي ڪو به مقصد ناهي رهيو.جيتري تيزي سان ماده پرستي اخلاقي قدر کي ڳڙڪائي رهي آھي.اهڙن ماڻھن جو انگ برابر وڌي رهيو آھي.جنهن سان معاشري ۾ والدين جو احترام به گهٽ ٿي رهيو آھي.مطلب جي بنا ڪو ڪمهن کي سلام ئي نٿو ڪري.جتي دولت ۽ لالچ معنائون برابر ٿي وڃن.حڪمرانن کي پنهنجو پيٽ ۽ سياستدانن کي صرف سهوليتون عزيز ٿي وڃن.جتي مذھب کي به مفاد حاصل ڪرڻ جو وسيلو بڻايو وڃي.جتي تڙپي تڙپي ۽ لڇي لڇي ڪري جيئڻ غريبن جو مقدر بڻجي وڃي.هڪ عالمي اداري دل کي ڌوڏي وجهڻ واري رپورٽ شايع ڪئي آھي.جنهن جي مطابق پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آھي.75 % کان وڌدڪ شھري غربت جي نهايت هيٺين لڪير تي پهچي چڪا آھن.جڏھن ته ڀارت ۾ صورتحال ان کان به سنگين آھي.بنگلاديش.مالديپ.ڀوثان ۽ ٻين ڪيترن ئي افريقي ملڪن ۾ عام.ماڻھو زندگي جي هر قسم جي بنيادي سهوليتن کان محروم غربت جي سبب کان جگر جا ٽڪرا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن.سيڪڙين ماڻھو پنهنجا گردا وڪڻي چڪا آھن.جڏھن ته هن وقت گردن جو واپار تيزي سان وڌندو پيو وڃي.جنهن ۾ ڪي ڊاڪٽر صاحب به ملوث آھن.اهو به چيو پيو وڃي ته انهن ملڪن ۾ جسم فروشي جو خوفناڪ حد تائين واڌارو ٿي چڪو آھي.
اهو سڀ ڪجه غربت جهڙي لعنت جي سبب کان ٿي رهيو آھي.وسيلن جي اٺاٺ.طبقاتي پريشاني ۽ ذھني پريشر جي ڪارڻ به عام خاندان جا نوجوان منشيات ڏانهن رخ ڪندي پنهنجين والدين کي وڌيڪ غربت ۾ ڌڪي رهيا آھن.انهن ئي سببن کان اسان بي دليا.پريشان ۽ مايوس رهون ٿا.سوچڻ جي لاء اھو ئي ڪافي ناهي بلڪ ماڻھو ته هن ڳاله تي به پريشان ٿي رهيا آھن ته مهانگائي.لوڊشيڊنگ.دھشتگردي ۽ بيروزگاري گهٽ ڇو نٿي ٿيئي؟ حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي ته معاشي چڪي ۾ پيٺل مهانگائي کي ختم ڪرڻ جي لاء ڪي جوڳا قدم کڻڻ جي بجاء ھڪ ٻيئي تي فضول تنقيد ڪرڻ جي.
اسان جي پياري پاڪستان جي اقتدار ڌڻين جي ڪهڙي ڪهڙي تعريف ڪجي انهن کي ته ڪنهن شيء جو فڪر ئي ناهي ته ڪنهن مامري ۾ منصوبابندي ڪري ۽ نه ئي وري ڪا وٽن حڪمت عملي آھي.گودامن ۾ پيل اناج کي اڏوهي ته کائي وڃي ٿي .ليڪن بک کان مرڻ وارن ماڻھن کي هڪ داڻو به ميسر ڪرڻ اقتدار ڌڻي گناه ڪبير سمجهن ٿا.اها حقيقت آھي ته امريڪا جهڙو سپر پاور هر سال لکين ٽن ڪڻڪ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏي ٿو.ليڪن ان اناج جي بک تائين پهچ ناهي.جنگ.گهرو ويڙھ ۽ عالمي طاقتن جي هوڏ جي سبب افغانستان.عراق.شام.لبيا سميت نه ڄاڻ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻھو اناج جي هڪ هڪ داڻي جي لاء سڪي ۽ تڙپي رهيا آھن.هتان جي ليڊرن ۾ جيڪو جيترا جوش ڀريا نعرا هڻي ٿو.ان کي ئي ڪامياب سمجهيو وڃي ٿو.غربت جهڙي لعنت کان بيزار مائرون پنهنجن ٻچڙن جون منڍيون وڍڻ تي مجبور آھن.يا نوان ڪپڙا گهرڻ تي پيء پنهنجي پياري پٽ کي قتل ڪري ڇڏي ته سوچڻ کپي ته ائين ڇو ٿي رهيو آھي؟لعنت آھي انهن ترقي پذير ملڪن جر حڪمرانن تي جيڪي غربت ختم ڪرڻ جي بجاء غريبن کي ئي ختم.ڪرڻ جي لاء ڏينهن رات هڪ ڪيون پيا آھن.اهي سبب ڪارڻ اسان جي نام نهاد حڪمرانن جون عوام دشمن عياش پرستيون آهن.
