عورت ڪائنات جي خوبصورت خوشبودار گل جيان آ

طفيل مگسي
عورت جيڪا ڪائنات ۾ ھڪ خوبصورت خوشبودار گل جيان آھي ۽ ڪائناٿ جي سموري سونهن عورت جي وجود سان ئي لاڳاپيل آھي.ليڪن ڇا اها عورت هن  معاشري  منجه اهو مقام رکي ٿي .جنهن جي هوء لائق ۽ حقدار آھي.؟ يا صرف هن سان جنسي گهرجون ئي پوريون ڪيون وڃن ٿيون ؟گند جي ڍيرن تي پيل سڙندڙ لاش جڏھن بدبوء ڇڏين ٿا ته ان وقت يا پل نينگرين جي لاشن کي ڏسي ڪري دل ۾ دردر ۽ احساس محسوس نٿو ٿيئي.جتي زيادتين جو شڪار بنجڻ واريون نينگريون ڇا معاشري کي سندس مڪروه چهرن جو آئينو نٿيون ڏيکارين.
ڇا اسان جو اڄ جو معاشرو بلڪل بيوس ۽ جاهل بڻجي چڪو آھي.ڇا عورت صرف جنسي خواهشيون پوريون ڪرڻ جي لاء ئي ضروري آھن يا ان جو معاشري ۾ ڪو مقام به آھي؟ ويچار جي قابل اها ڳاله آھي ته جڏھن ڏوھ عام ٿي رهيا آھن ۽ ان سوال جو ڪو جواب ڏيڻ وارو ناهي.روزاني ڪٿي نه ڪٿي اهي حالتون ۽ واقعا پيش اچن ٿا.ليڪن ڪو پڇاڻو ناهي.ڪنهن ڏوه جي سزا ناهي.بس وقتي طور تي اسان اهي سوال اٿاريون ٿا يا بحث مباحثا ڪيون ٿا ۽ بعد ۾ ائين وساري ڇڏيون ٿا ڄڻ ته ڪجه ٿيو ئي نه هو.هڪ عورت جو ماء.ڌيء.ڀيڻ يا زال جي حيثيت سان هن معاشري ۾ ڪهڙو مقام ومرتبو هئڻ کپي.ڪڏھن اسان ان تي سوچيو به آھي يا صرف عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائي ڪري ۽ لانگ مارچ ڪري ئي عورتن کي آٿت ڏني وڃي ٿي.
اسلام کان اڳ ٻاٽ گهگه اونداهيء جهڙي جهالت جو دور هو.ڌيء جي جنم وٺندي هئي ته فرن ئي کيس کي جيئرو قبر ۾ دفنايو ويندو هو يا کيس کي رات جي پيٽ ۾ ماريو ويندو هو.
اسلام عورتن کي حق ڏنا.زنده رهڻ جو حق ڏنائين عزت سان گڏ احترام ۽ پوء وقت سان گڏ اصول کي چٽو پڻ ڪيو.قرآن ڪريم ۾ عورتن جي حقن تي ڪافي آيتون نازل ٿيون.سوره المائده ۽ سوره النساء عورت جي حقن کي چٽو ڪن ٿيون.حضرت بي بي فاطمه رضه جنت جي عورتن جو سردار مقرر ڪيائين.حضرت خديجا رضه کي عورتن ۾ ھڪ اتمام.بخشيائين.رنڙ عورتن جاحق مقرر ڪيائين.وراثت ۾ عورت جي حقن جي نشاندهي ڪئي وئي.يعني اسلام عورتن جي حيثيت ئي بدلائي ڇڏي.ليڪن ڇا اڄ پنهنجي معاشري ۾ اهو سڀ ڪجه ڏنو وڃي ٿو جنهن جي باري ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو.
“دنيا ۾ جيڪو ٻن نياڻين جي احسن نموني پالنا ڪري ٿو.اهو قيامت جي ڏينهن مون سان گڏ جنت ۾ ان ريت هوندو ڄن منهنجي هٿ جون ٻه آڱريون“
ڇا اسان اڄ به نياڻيء جي جنم تي اهو سمجهون ٿا ته الله پاڪ رحمتن جو حساب نه وٺندو. مگر نعمتن يعني پٽ جي باري ۾ حساب ورتو ويندو. سنڌ جي راڻي پور جي شاه جي هٿان معصوم نينگر سان بدفعلي ڪرڻ کانپوء کيس کي تشدد ڪري ابدي ننڊ سمهاريو ويو ۽ پنجاب جي علائقي ميانوالي ۾ ٿيڻ واري واقعي انسانيت جون ڌڄيون ئي اڏائي ڇڏيون آھن.ستن ڏينهن جي نياڻي کي سندس وحشي بگهر صفت پيء پنج ڳوليون هڻي ڪري قتل ڪري ڇڏيو.ڇا اڄ به پيء ايترا سنگدل ۽ ڪٺور دل ٿي سگهن ٿا؟هن شخص چاهيو ته هن کي پٽ ڄمي.ليڪن جڏھن هن جي زال هڪ ڌيء کي جنم ڏنو ته جيڪا نهايت خوبصورت هئي.جنهن جو نانء جنت رکيو ويو.هن جي پيء ست ڏينهن ڌيء کي برداشت ڪيو.ستين ڏينهن پستول کڻي رات جو نائين وڳي گهر ۾ داخل ٿي ۽ پڇيائين ته ڪٿي آھي اها ڇوڪري ؟ڪنهن جي وهم.وگمان ۾ به نه هو ته اهو اهڙي بي حيائي ڪندو.نياڻي ماء جي جهولي ۾ اگهور ننڊ پئي هئي.هن نياڻي کي ماء جي جهولي کان کسي ورتو ۽ پنج گوليون نياڻي کي هڻي ڇڏيائين.نياڻي تڪليف برداشت ڪندي ابدي ننڊ سمهي پئي.ماء بيهوش ٿي وئي .حقيقت ۾ اهڙو واقعو تاردخ ۾ نه ڏٺو ويو ته ڪو سڳو پيء پنهنجي معصوم نياڻي کي ائين بيدردي سان قتل به ڪري سگهي ٿو.
اڄ جي زماني ۾َجڏھن عورت زندگي جي هر ميدان ۾ چٽو ڪردار ادا ڪري رهي آھي.تحقيق کان اها ڳاله ثابت ٿي رهي آھي ته انهن خاندانن ۾ ٻيا به ڪافي اهڙا واقعا آھن .جيڪي پنهنجي خاندان ۾ نياڻي جي جنم.کي شرمساري سمجهن ٿا.ان نياڻي جو ڪهڙو ڏوھ جنهن کي خدا هن دنيا ۾ موڪليو.ليڪن سڳي پيء هن کي قبول نه ڪيو ۽ واپس خالق ڏانهن موڪلي ڇڏيائين.ڇا مردن کي پيدا ڪرڻ واري عورت ناهي؟سڄي دنيا جي تحقيق عورت جي وجود کان ٿيئي ٿي ته پوء عورت جي پيدائش شرم جي قابل ڇو؟ پنهنجين دلين ۾ ڪشادگي پيدا ڪيو.عورت کي صرف تقريرن ۽ سوشل ميڊيا ۾ ئي نه بلڪ زندگي ۾َ به درست مقام ڏيو.ڌيء شرم.جي قابل ناهي بلڪ فخر به هوندي آھي.هن جي تعليم وتربيت تي غور ويچار ڪيو.۽ سندس تحفظ پڻ ڪيو.
“هڪ مرد ته صرف هڪ خاندان کي سنڀالي ٿو.مگر عورت ستن نسلن جي تربيت ڪري ٿي“ان ڪري عورت کي معاشري ۾َ درست مقام ڏيو ۽ ڏياريو وڃي.ڇاڪاڻ ته عورت صرف جنسي نفس جي خواهش ناهي بلڪ اها ته اها ته ڪائنات جي هڪ خوبصورت خوشبودار گل جي مثل آھي.جنهن سان ڪائنات جو سڳنڌ اڃا تائين قائم ودائم آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو