عوام جي بک ۽ بدحالي طرف تيزي سان واڌ

سمير ساگر قريشي
اسان جي ملڪ ۾ وچين طبقي وارو عوام بھتر مستقبل لاءِ ھميشه پراميد رھيو آھي. مايوس ۽ پريشان ھئڻ جي باوجود به بھتر مستقبل جي اميد دل ۾ سانڍي محنت ۽ مشقت ڪندو رھيو آھي. پر هاڻ ملڪ جي خراب حالتن جي ڪري عوام جي اُميد ڪمزور ٿيندي پئي وڃي ۽ نااميديءَ جا بادل ھر ھنڌ ڦھلجي ويا آھن. ملڪ جي مستقبل تي سواليا نشان اڀرڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آھي ته ملڪ جو بنياد ئي ڪمزور هو. هڪ راءِ اها به آھي ته مفاد پرست ماڻهو سياست ۾ شامل ٿيا جنھنڪري ملڪ جا اھڙا حال ٿي ويا آھن. ڪامورن حڪمرانن پوين 75 سالن کان ملڪ کي لٽيو ۽ هاڻي ملڪ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اڪثر وٽ گرين ڪارڊ پڻ آهن، انهن جو مقصد هاڻي سائي پاسپورٽ کان نجات حاصل ڪرڻ آهي. ھيٺين طبقي کي ته ڇڏيو، اڄڪلهه وچين طبقي واري ماڻھن کي زندگي گذارڻ ۾ مشڪلاتون اچي رھيون آھن.
پوين 4 سالن کان معيشت تاريخ جي بدترين دور کي منھن ڏئي رھي آھي. سياسي عدم استحڪام معيشت جي ٻيڙي کي ٻوڙي ڇڏيو آھي. پيٽرول ۽ روز مره کاڌي پيتي واري شين کي مهانگو ڪرڻ تي ڪامورن، زميندارن، سردارن، ۽ اميرن کي ته پرواه ناھي ڀلي پيٽرول 400 رپيا ليٽر يا اٽو 8000 ھزار ڇو نه ٿي وڃي پر سفيد پوش ماڻھو روز ڪمائڻ ۽ کائڻ وارن جي زندگي گذارڻ ايتري ته مشڪل ٿي چڪي آھي جو اھي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھن. وچين طبقي وارو عوام تيزي سان غربت جي طرف وڃي رهيو آهي ۽ ھيٺين طبقي وارو عوام بيوس بڻجي چڪو آھي. صحيح طريقي سان پوري ٽن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آھي. پيٽرول سستو يا مهانگو ڪرڻ سان وچين ۽ ھيٺين طبقي واري عوام کي ايترو فائدو ناھي جيترو اٽو ۽ روزمره کائڻ پيئڻ جي شين جو سستو ڪرڻ تي فائدو ملندو ڇو ته عوام بک ۽ بدحالي طرف تيزي سان وڌي رھيو آھي. انھن کي پيٽرول جي نه بلڪه روزمره کائڻ واري شين جو گھڻو متاثر ڪيو آھي.
جن ملڪن ۾ جمھوريت مضبوط آھي انھن جي اهم وجه اتان جي وچين طبقي جو مضبوط ۽ خوشحال ھئڻ آھي. پر جنھن ملڪ ۾ عوام کي برياني جو پليٽون کارائي ووٽ ورتا وڃن ته اتي جي جمھوريت جا بنياد خاڪ ڪمزور ھوندا. ملڪ جو حڪمران ھجي يا بيوروڪريٽ ھر ھڪ پنھنجي گھر جون الماڙيون ڀرڻ ۾ مصروف آھي. اسان جي ملڪ ۾ ھر ھڪ صرف اقتدار حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آھي. ڪنھن ماڻھو چيو آھي انسان جي خبر تڏھن پوندي آھي جڏھن اھو اقتدار ۾ اچي يا بااثر ٿي.
هن وقت پاڪستان مشڪل سياسي صورتحال مان گذري رهيو آهي. حڪومت جي نااهلي، ڪيترائي مسئلا پيدا ڪيا آھن جنھن ۾ مهانگائي، ناانصافي سر فھرست آھن. 75 سالن تائين ڪنھن به مسئلي جو حل ناھي ٿي سگھيو. پر انھن سڀني مسئلن ۾ گھڻو نقصان مزدور ۽ وچين طبقي واري ماڻھن کي ٿيو آھي. بااثر ھميشه کان خوش ۽ خرم آھي. ملڪ جو عوام عام طور تي انهن مسئلن تي ٿوريون رڙيون ڪري خاموش ٿي ويندو آھي. عوام کي اھڙن مسئلن ۾ ڄاڻي واڻي وڌو ويو آھي جئين اھي صرف انھن مسئلن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پنھنجي زندگي جي اختتام تائين رسائي حاصل ڪن.
ھن وقت وچين ۽ مزدور طبقي کي اليڪشن جي پرواھ ناھي بلڪي اھي ملڪ ۾ خوشحالي ۽ سستائپ جا منتظر آھن. ڇو ته ھن اليڪشن واري ويڙھ ۾ عوام کي فائدو ملي يا نه ملي پر نقصان ضرور ٿيندو آھي. عوام جو خيال هو ته پي ڊي ايم جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ نگران حڪومت مان فائدو ملندو جيڪي عوام کي روزگار جا موقعا فراھم ڪندا ۽ سستائپ ٿيندي. پر نگران حڪومت جي اچڻ سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. ويندي ويندي نگران حڪومت عوام جي رھيل سيل ڪسر به ڪڍي ويندي. جڏهن به عوام کي رليف ڏيڻ جي ڳالهه ايندي آهي ته حڪومت کي IMF ياد اچي ويندي آھي ۽ جڏهن پنھنجي ذاتي خرچن ۽ خواهشن جي ڳالهه ايندي آهي ته پوء IMF ياد ناھي ايندي. انھيءَ منافقت ۽ لالچ جي سزا سالن کان عوام ڀوڳي رهيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو