عمارت خالي ڪريو ۽ ڪرايو ٽرسٽ کي اد ڪريو، عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سپريم ڪورٽ جي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ جسٽس قاضي امين ۽ جسٽس  امين الدين تي ٻڌل فل بئنچ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ قومي ملڪيت ۾ ورتل اربين رپين جي ماليت واري اسلاميه ڪاليج 6 کان وڌيڪ سيڪنڊري ۽ پرائمري اسڪولن واري عمارت ۾ قائم لا ڪاليج کان سواءِ سمورن تعليمي ادارن کي 31 جولاء تائين ٻي هنڌ منتقل ڪري پهرين آگسٽ تي عمارت جو  انتظام اسلاميه ٽرسٽ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  عدالت اهڙو حڪم اربع تي اسلام آباد ۾ سنڌ سرڪار پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت ڄاڻايل اپيل جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ان موقعي تي اسلاميه ٽرسٽ جي ٽرسٽي ۽ وڪيل مريد علي شاهه جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران سبطين محمود پيش ٿيو. ان موقعي تي ٽرسٽ جي وڪيل ٻڌايو ته سنڌ سرڪار عدالت جي حڪم جي باوجود گذريل 23 مهينن کان سنڌ سرڪار کي ڄاڻايل عمارتن جو ڪرايو پڻ ادا نه ڪيو آهي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سنڌ سرڪار جي وڪيل کان ڪرايو ادا نه ڪرڻ بابت پڇيو جنهن تي سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته ٿوري دير ٿي آهي پر اڄ ڪرائي وارا چيڪ کڻي آيا آهيون جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 31 جولاءِ 2020ع تائين ڄاڻايل عمارتن ۾ قائم لا ڪاليج کان سواءِ اسلاميه سائنس، آرٽس ڪاليج توڙي سيڪنڊري ۽  پرائمري اسڪولن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڄاڻايل عمارت جو انتظام پهرين آگسٽ تائين اسلاميه ٽرسٽ جي انتظاميه حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ وڌيڪ  چيو ته سنڌ حڪومت کي ڄاڻايل عمارت جو خالي ٿيڻ تائين ماهوار ڪرايو پڻ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ڄاڻايل عمارت ۾ قائم اسلاميه لا ڪاليج کي عدالت جي منع نامي تائين  خالي نه ڪرايو وڃي. ياد رهي ته قائد اعظم جي مزار ويجهو مهانگي علائقي ۾ عمارت ۾  اسلاميه سائنس، آرٽس ڪاليج، اسلاميه لا ڪاليج سميت  سيڪنڊري اسڪول ۽ چار پرائمري اسڪول هلندڙ آهن. ڄاڻايل ٽرسٽ اڳوڻي ايم اين اي، اي ايم قريشي پاران قائم ڪيو ويو هو جنهن کي شهيد ڀٽو جي دور ۾ قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو هو جنهن کان پوءِ تازو ڪجهه سال اڳ اسلاميه ٽرسٽ پاران قومي تحويل ۾ ورتل ٻين ملڪيتن وانگر اسلاميه ٽرسٽ جي ملڪيتن کي به واپس ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو