علم، انسانيت جو معراج

پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي
تعليم جي اهميت جي حوالي سان ھڪ عام چوڻي آهي ته علم انسان جي ٽين اک آهي ليڪن اسان جي اڪثر تعليمي ‏ادارن مان ملندڙ تعليم جي معيار کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اھو شايد ڪنھن ٻئي ملڪ لاءِ چيل پھاڪو ھجي.ڪنهن لکيو ته تعليم ڪنھن به معاشري جي قومي ترقيءَ لاءِ شاهراه جو ڪردار ادا ڪندي آهي. تعليم ماڻھن ۾ ذميواريءَ جو ‏‏‏احساس پيدا ڪندي آهي. تعليم وسيلي ماڻھن کي پنھنجن توڙي سماجي ۽ قومي حقن بابت ڄاڻ ملي ٿي، تعليم ڪنھن به معاشري ۾ شعور ۽ اعتماد ۽ تعاون جو ماحول پيدا ڪرڻ جو سبب بڻبي آهي ۽ تعليم ملڪي ترقيءَ ‏‏‏جو سبب پڻ ھوندي آھي، (جنھن سان فردن جي ترقي به جڙيل ھوندي آھي). ‎‎منهنجي پنهنجي ذاتي خيال ۾ نوجوانن کي دنيا جي معياري يونيورسٽين بابت معلومات ۽ آگاهي ڏيڻ تمام ضروري آهي ته جيئن هو اتي آساني سان پهچي سگهن. ڪنهن کي دڳ جو ڏس ڏئي منزل تي پهچائڻ به نيڪي وارو عمل آهي. انسان کي هر لحاظ سان علم حاصل ڪرڻ گهرجي پوءِ اهو ڪٿان به ملي، ڏيهه مان توڙي پرڏيهه مان. اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي نوجوان غربت، سهوليتن جي غيرموجودگي يا وري ٻين سببن جي ڪري تعليم حاصل ڪري نه ٿا سگهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪي نوجوان اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پهچن ٿا ته اها انهن لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن ڪي نوجوان دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي ناليوارين يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا ته اهي به وڏا خوشنصيب ئي هوندا آهن.
اها به حقيقت آهي ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن جا نه رڳو تعليمي ادارا پر ٻيا ادارا به ڪيترن ئي ڳالهين ۾ اسان جي ادارن کان گهڻو اڳتي آهن ان جو سبب اتان جو سياسي سماجي استحڪام، سسٽم جي مضبوطي، مالي خوشحالي، جديد ٽڪينالاجي ۽ قانون جي بالادستي پڻ آهي. يورپ ۾ اهڙا به تعليمي ادارا آهن جيڪي سوين سال اڳ قائم ٿيا پر انهن ڪڏهن به تعليمي معيار تي ڪمپرومائيز ڪو نه ڪيو جنهنڪري اهي اڄ به سڄي دنيا ۾ مشهور آهن ۽ اتي سڄي دنيا مان نوجوان تعليم پرائڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. اسان جي سنڌ جون به ڪيتريون ئي شخصيتون دنيا جي انهن معياري درسگاهن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ اڄ به ڪيترا ئي سنڌي نوجوان دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن. مان پاڻ به اسڪالرشپ حاصل ڪري انگلينڊ جي مشهور ريڊنگ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي تعلم حاصل ڪئي آهي. تنهنڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته اعليٰ تعليم جي مقصد لاءِ دنيا جي ڪنهن به معياري يونيورسٽي ۾ پهچڻ ناممڪن ڪم نه آهي.
اها تحقيق ۽ تعليم ڪنهن ڪم جي ناهي جيڪا ملڪ، قوم ۽ مقامي آبادي جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين چيو ته هر اعليٰ تعليم يافته فرد کي پنهنجي شعبي جي باري ۾ بنيادي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي. ان کانپوءِ ان کي آس پاس جي ڄاڻ هجڻ کپي. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ملڪ، ملڪ جي ثقافت ۽ رهندڙن ماڻهن جي عقيدي جي باري ۾ ته ڪجهه ڄاڻ هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسانجو نصاب پراڻو آهي، جديد نصاب کانسواءِ سڌارا نه اچي سگهندا. هن چيو ته نيشنل ڪريڪيولم ڪائونسل پاران جوڙيل نصاب ۾ ڪافي ڪمزوريون آهن. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين چيو ته ڊگري ۽ سرٽيفڪيٽ جي اهميت هجڻ گهرجي، اهميت تڏهن ئي ٿيندي جڏهن ڊگري ۽ سرٽيفڪيٽ رکندڙ کي ڪجهه ڄاڻ هوندي. اها ڄاڻ پيدا ڪرڻ اسان جي ذميواري ۽ فرض آهي.
منهنجي نظر ۾ اها تحقيق ۽ تعليم ڪنهن ڪم جي ناهي جيڪا ملڪ، قوم ۽ مقامي آبادي جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. هر اعليٰ تعليم يافته فرد کي پنهنجي شعبي جي باري ۾ بنيادي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي. ان کانپوءِ ان کي آس پاس جي ڄاڻ هجڻ کپي. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ملڪ، ملڪ جي ثقافت ۽ رهندڙن ماڻهن جي عقيدي جي باري ۾ ته ڪجهه ڄاڻ هجڻ گهرجي. اسانجو نصاب پراڻو آهي، جديد نصاب کانسواءِ سڌارا نه اچي سگهندا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نيشنل ڪريڪيولم ڪائونسل پاران جوڙيل نصاب ۾ ڪافي ڪمزوريون آهن. ڊگري ۽ سرٽيفڪيٽ جي اهميت هجڻ گهرجي، اهميت تڏهن ئي ٿيندي جڏهن ڊگري ۽ سرٽيفڪيٽ رکندڙ کي ڪجهه ڄاڻ هوندي جيڪا پيدا ڪرڻ اسان جي ذميواري ۽ فرض آهي.
مان انهن ماڻهن کي کي جس ڏيان ٿو جيڪي سنڌ جي نوجوانن کي عملي طور تعليم به ڏين ٿا ته وري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سندن رهنمائي به ڪن ٿا. سندن دينا جي پاڻ مڃائيندڙ درسگاهن متعلق لکيل هي مضمون وڏا معلوماتي آهن جيڪي عالمي يونيورسٽين بابت مڪمل آگاهي ڏين ٿا. ان کان علاوه انهن مضمونن ۾ پرڏيهي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ يا اڳ پڙهي فارغ ٿيل شخصيتن جا پروفائيل ، اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ جي طريقن ۽ سندن تعليمي ڪاميابين بابت به معلومات ڏنل آهي جيڪا نوجوانن کي وڏو اتساهه مهيا ڪندي رهي آهي. اميد آهي ته هي ڪتاب پڙهي ڪيترائي سنڌي نوجوان يورپ ۾ پنهنجي پسند جي يونيورسٽي جي چونڊ ڪري اتان اعليٰ تعليم حاصل ڪري پنهنجي قوم، ملڪ ۽ عالمي انسانيت جي خدمت ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو