رياض ابڙو
”اونٽونيو گوزٽوزي“ جي نئين ڪتاب ”دي طالبان ايٽ وار“ ۾ اها ڳالھ واضع چيل آهي ته ٽي ٽي پي، حقاني گروھ، القاعده پاڪستان ۽ لشڪر جهنگوي سميت لشڪر طيبه به انهن سڀني طالباني مائينڊسيٽ گروهن جي پاڪستان ۽ افغانستان اندر مڪمل آبياري ۽ پيشوائي ڪندا ٿا اچن اهي گروھ لوڪل تنظيم ڪاري جي سري هيٺ ۽ مڪمل سي آءِ اي جي آشروادن ۾ پشاور جي مجلس شورا جهڙين گڏجاڻين، ڪوئٽا جي مجلس شورا جي ترتيبوار ميٽنگس ۾ ۽ ميران شاھ جي مجلس شورا جي گڏجاڻين ۾ انهن منظم گروهن جي 2015 کان وٺي هٿياربند تربيت به ڪندا ٿا اچن ۽ اهي سڀ تنظيمون انهن طالباني گروهن جي مالي امدادن سان گڏ پوئواري به ڪندا ٿا رهن ۽ اهي طالباني گروھ انهن سڀني خوني بمبار واقعن ۽ حادثن جا زميدرا به آهن جن جي هٿيار بند تربيتن جي توسط سان اهي طالباني جٿا حملا ڪندا ٿا رهن ۽ اهي منظم تنظيمون انهن گروهن جي واضع پشت پناهي به ڪنديون ٿيون رهن جن ۾ ٽي ٽي پي، القاعده پاڪستان ۽ جيش محمد به شامل آهن اهي سڀ گروھ پاڪستان جي مخلتف شهرن خاص ڪوئٽا ۽ ڪي پي جي مختلف شهرن مان (جن شهرن ۾ پختونن جي آبادي ڳچ آ) اتان اهي تنظيمون مذهب جي نالي هزارين ماڻهن جا مائينڊ سيٽ مٽائي ۽ مڪمل برين واش ڪري انهن جي مسلسل ڀرتي به ڪندا رهن ٿا ۽ اهي طالباني ذهن اهڙي طرح انهن تنظيمن جي حوالگي ۽ آبياري ۾ رهندا ٿا اچن جيڪي مکيه تربيتون وٺندا نون حملن جي لاءِ تيار به رهن ٿا، انهن طالبانن جا مختلف هٿياربند يونٽ به ٺهيل آهن جيڪي انهن کي هٿيارن جي تربيت سان گڏوگڏ ضروري فائنائشل اسٽنٽس به ڏيندا رهن ٿا جيئن اهي هڪ خاص مقصد جي لاءِ وڙهندا رهن ۽ انهن جا برين واش رهن يا اهي اهو ڪن جيڪو انهن کي ڏسيو ۽ سمجهايو وڃي يا انهن جي دماغ ۾ رڳو جنتن جا نظار هجن اهي هن دنيا کي واقعي کي فاني ۽ پاڻ کي فنا سمجهن ته جيئن اهي دشمن (پاڪستان) سان وڙهي سگهن ان ڪري هاڻي ته سي آءِ اي جي لاءِ اسان ٿي ويو ته هو الائيڊ فورسز کي تڙي طالبان کي استعمال ڪن ۽ پنهنجي ديرينا مقصد به پورا ڪن، جن مقصدن ۾ هن ملڪ جي سالميت داوَ تي لڳي رهي، هن ملڪ ۾ خاناجنگي لڳي رهي، ماڻهن ۾ تاءُ رهندو اچي، مذهبي ڌڙابنديون ٿينديون رهن، طالبان مذهبي جنونيت جي نالي ماڻهن تي حملا ڪندا رهن ۽ اهي سڀ پنهنجي پنهنجي ڌرمي مقصدن آهر ڪم به سرانجام ڏيندا رهن، پر وري سوال اهو به آهي ته انهن کي اهي هٿيار ڪير ٿو ڏئي، اهي مالي امدادون ڪير ٿو ڏئي ڪير ايترا ڊالر ٿو وهائي اهي سڀ مقصد ڪنهن جي ڪاميابي جا حصا آهن اهي سڀ طالباني ۽ بيروني قوتون ڇا ٿيون چاهن يا آمريڪا جا بيان جنهن ۾ هو ايٽامڪ قوت کي سدائين دنيا جي لاءِ خطر ٿا ڄاڻائين يا اهي طالبان اهڙا ڪهڙا ٽارگيٽ کڻي ٿا هلن يا آرمي ۽ عسڪري ادارن جي قوت کي للڪارڻ مان طالبان جا ڪهڙا عزم ۽ ارادا پورا ٿيندا يا اهي ڳالهيون جيڪي اسان چئي يا ڳالهائي يا بحث هيٺ آڻي نه ٿا سگهون اهي سڀاڻي ٿي پونديون يا طالبان ويجهر مستقبل ۾ گهڻا سوڙها پوندا ان ڪري هن ملڪ ۾ ٻيو ڪجھ به نه ٿئي پر اشوز گهڻا ٿي ٿا پون.
پر سوال اهو آ ته انهن يونٽن جي آبياري ڪير ٿو ڪري انهن سڀني يونٽن کي فائنانشل اسٽنٽس ڪير ٿو ڏئي يا انهن کي اهي تربيتون ڏيڻ جي پويان لڪل مقصد ۽ نيتون ڪهڙيون آهن يا اهي لڪل قوتون جيڪي الائيڊ فورسز کي پالي سنڀالي 20 افغانستان ۾ رهي به ڪجھ نه ڪري سگهيون اهي قوتون هاڻي انهن ديسي دهشتگردن جي پشت پناهي پٺيان پنهنجا لڪل مقصد ڪهڙا کڻي ٿيون هلن يا پاڪستان جهڙو ملڪ جيڪو انهن حرفتن جي متحمل بلڪل به ناهي يا هن ملڪ جي پاڙون هاڻي ڪمزور ٿي ويون آهن هي ملڪ هاڻي بغاوتن جا علم کوڙي ٿو هلي سول سوسائٽي انهن ڳالهين مان هاڻي بيزار آ يا اهي قوتون انهن بارڊرن تي ڪهڙي باھ ٻارينديون جنهن ۾ انهن جا مقصد پورا ٿين يا اهي قوتون ڪهڙي چال هلڻ جي موڊ ۾ آهن جنهن ۾ اهي اهڙي خوريزي سا خاناجنگي ڪرائينديون جنهن ۾ هي ملڪ وري ڪنهن اهڙي کڏ ۾ ڪري جٿان نڪرڻ محال هجيس، ايترا سوال کڙا ٿا ٿين جو جيڪڏهن ڪير اها ڳالھ ڪري ته افغان ڌرتيءَ تان پاڪستان جهڙي ايٽامڪ ملڪ تي حملا ڪير ٿو ڪري يا جي چئون ته افغان طالبان پاڻ ان ڳالھ ۾ ملوث آهن يا جي اهي ناهن ته پوءِ ڪير آ جيڪو اهي سڀ حملا ڪرائي ٿو يا ڪري ٿو يا انهن جي ڌرتي تي بيهي ڪير اهي بم گولا ٿو هڻي يا ڪير آ جيڪو انهن کي اهي سڀ گوليون ۽ بندوقون فراهم ٿو ڪري يا مثال اهي سڀ پاڪستاني طالبان آهن به ته انهن جي هٿ اهي سڀ هٿيار ڪيئن هٿ لڳا جيڪي الائيڊ فروسز ڇڏي ويا يا اهي هٿيار جي طالبان (معني پاڪستاني طالبان) پاڻ هٿ ڪيا آهن ته اتي افغان حڪومت ڇا پئي ڪري يا جي افغان حڪومت پاڻ ان ڳالھ ۾ راضي آ ته اهي پاڪستاني برانڊ جا طالبان ڀلي پاڪستان تي حملا ڪن يا انهن طالبان کي اهي پاڻ ٿا ويڙهائن، پالن يا هٿ سان اهي ويٺا ٿا حملا ڪرائن ان ڪري ته الائيڊ فورسز جي اها اسٽريٽجي خطي جي سياست کي هاڻي سمجھ ۾ آئي هوندي ته اهي افغانستان آخر ڇو ڇڏي ويا يا ڇڏي وڃڻ جي پويان جيڪي سبب هيا اهي رڳو اهي هيا جيڪي هاڻي سمجھ ۾ ٿا اچن ته رڳو پاڪستان جي ڌرتي تپائي ڏيڻي آ جتي ماڻهو پهرين هزار مسئلن جي ورِ چڙهيل آهن جتي ماڻهو جو ساھ ٿو منجهي جو آءِ ايم ايف، آءِ اي ئي اي، سي آءِ اي، ورلڊ بئينڪ، مغربي ملڪ سان گڏ يورپي يونين، آمريڪي اسٽيٽ جا پريشر ۽ وري اندروني پريشر ان ڪري مليٽنٽ گروهن جي خلاف اعلان جنگ معني گهرو جنگ جي شروعات ان ڪري ڳالھ ڪٿان شروع ڪجي ۽ ڪٿي ختم ڪجي يا ڪير ڪنهن جي جنگ ۾ گهري پئي يا ڪيرڪنهن جي جنگ وڙهي، يا انهن گروهن جي پويان ڪير بيٺل آ حقاني گروھ جي مداخلت آ يا سي آءِ اي انهن سڀني گروهن جي ناني آ.
روس جي ڊس انٽيگريشن جي ٽائيم تائين (معني 1954 کان وٺي 1992 تائين) اها ڳالھ روس آمريڪا جي ڳچيءَ ۾ وڌي هئي ته اتي طالبان جيڪي هٿيار استعمال ٿا ڪن اهي آمريڪي برانڊ جا آهن اهي هٿيار ثبوتن سميت رشين حڪومت يونائيٽيڊ نيشنز ۾ پيش ڪيا هيا تڏهن آمريڪا پنهنجي ڳالھ تان هٽي اها ڳالھ پاڪستاني عسڪري ادارن جي هٿ وس ڏئي پاڻ تماشائي بڻجي ويهي رهيو هيو ته اصل خطرو پاڪستان کي آ ته جي افغان مجاهدن روس جي ريڊ فورسز هٿان هارايو ته اهي افغانستان سان گڏ پاڪستان تي به حملا آور ٿيندا ان ڪري روس جي اهڙي ”انويجن“ کي ٻنجو ڏيڻ جي لاءِ طالبان جي ايمان جي قوت جاڳائي انهن کي روس جي فوج جي آڏو کڙو ڪيو ويو هيو ته هاڻي پاڻ ڄاڻو پنهنجو ڪم ۽ وڙهي جان ڇڏايو ان ڪري انهن طالبان ۽ عسڪري ادارن جي عملي اهي آمريڪي هٿيار ڦٽا ڪري وري پاڪستاني برانڊ جا هٿيار کڻي جنگ کٽي ورتي هئي ته ساڳي ڳالھ هاڻي به آهي ته اهي هٿيار جيڪي هاڻِ اهي طالبان جا گروھ کڻي بيٺا آهن اهي جي ڦٽا به ڪن ته انهن جي هٿن ۾ هاڻي هٿيار ڪير ڏيندو يا هاڻي افغان سرڪار ان ڳالھ تان ئي هٿ کڻندي ته اهي سڀ جنهن ۾ حقاني گروھ کان وٺي ٽي ٽي پي، القاعده پاڪستان ۽ ڪوئٽا شورا، پشاور شورا ۽ ميران شاھ جهڙيون شورا انهن گروهن جي آبياري ڪندا ٿيون رهن ته اهي انهن هٿيارن ۽ ڊالرن جي سپورٽ ۾ ڪنهن جو نالو کڻندا يا جي عسڪري ادارا انهن گروهن سان اعلان جنگ به ڪن ته انهن طالبان برانڊ جي پويان ڪير لڪي وڙهندو يا انهن جا پنهنجا ويسٽيڊ انٽريسٽ ڇا هوندا يا اهي ڇا ڪري سگهندا يا ڪير انهن جي سپورٽ ۾ بيهي وڙهندو يا جي اهي سڀ ٽيلر آهن ۽ اصل فلم افغاني طالبان آهن ته پوءِ وري ڇا بارڊرن تي جنگ ڇڙندي جنهن ۾ افغان حڪومت ۽ افغان طالبان پاڻ لهي پوندا، وري مصيبت اها به آهي لشڪر جهنگوي ۽ لشڪر طيبه سان گڏ ٽي ٽي پي وارن ان ڳالھ جي پڪ ڏياري آهي ته اهي گروھ ڪي پي سميت ملڪ جي ٻني حصن ۾ به موجود آهن جيڪي 10 سيڪڙو کان به وڌيڪ پنهنجن گروهن ۾ لوڪل طالبان ٽائيپ ذهن (ماڻهو) ڀرٿي ڪري چڪا آهن جن جي خلاف جنگ ڪرڻ هن رياست جي وس جي ڳالھ ناهي ان ڪري انهن جي لوڪل طاقت هاڻي وڌي وئي آ ان ڪري ته انهن جي مدد ۽ مالي امداد جي لاءِ آمريڪا سان گڏ ٻيا اسلامي ملڪ به پيش پيش آهن ان ڪري انهن جون ڪاروايون وڌي سگهن ٿيون جن تي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو، ان ڪري جو هاڻي ذوب، شيراني (بلوچستان) ۽ چترال جهڙا ٻيا به حملا ڪري سگهن ٿا جن ۾ اڃان به شدت ايندي ان ڪري ته 2012 کان وٺي اٽڪ جيل ۾ بند عدنان رشيد جو جيل کان ٻاهر اچڻ ۽ اهڙا ٻيا به جهادي ٽولا جيڪي سڄي ملڪ ۾ منظم ڪم ڪن ٿا پيا انهن کي روڪڻ مشڪل آ ان ڪري هاڻي جهادي ٽولا وڌيڪ خطرناڪ ٿي اڀرندا جيئن اهي پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب وڃن.
