شھيد جي مظلوم عوام خاطر بي مثال ۽ لازوال قرباني

شھيد جي مظلوم عوام خاطر بي مثال ۽ لازوال قرباني

طفيل مگسي
اڄ به جڏھن 27ڊسمبر جو ڏينهن ياد اچي تو ته اکين منجهان ڳوڙھن جي قطار وهي نڪري ٿي.جيڪي ڏسڻ ۾ ته اکين جا ڳوڙھا آھن.ليڪن اهي اکين جا ڳوڙھا ناهن بلڪ دل جي ته منجهان نڪتل اهي ڳوڙھا آھن.جيڪي ڪنهن چشمي جيان دل منجهان اڌما ڏئي ڪري اکين جي معرفت ٻاهر نڪري اچن ٿا.ڇاڪاڻ ته اڄ جي ڏينهن يعني 27 ڊسمبر جي ڀيناڪ شام ڌاري راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ عالمي اڳواڻ .دختر پاڪستان ۽ سنڌ جي نياڻي( جيڪا ڪروڙين مظلوم.محڪوم ۽ پيڙھيل طبقي جي اميدن ۽ خواهشن جي علمبردار هئي) محترمه بينظير ڀٽو کي اسان جي اکين کان سدائين جد لاء ڏور رکندي شھيد ڪيو ويو.مگر قاتلن کي اها خبر ئي نه هئي ته عوامي اڳواڻ يا عوام جا محبوب ليڊر شھيد ٿيڻ جي باوجود به عوام جي دلين ۾ راڄ ڪندا آھن.جيتوڻيڪ محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کي ڪافي سال گذري چڪا آھن.پر پوء به سندس چاهت عوام جي دلين ۾ سندس زنده رهڻ کان به وڌيڪ گهر ڪري چڪي آھي ۽ ھر دل هن 27ڊسمبر جي مهيني ۾ ماٿم ڪندي ڏيک ڏيندي آھي.بينظير ڀٽو جنهن سياست جي ٿيوري پنهنجي شھيدبابا کان حاصل ڪئي هئي.جيئن هندستان جي اندران گانڌيء پنهنجي پيء نهرو لعل کان حاصل ڪئي هئي.بنظير ڀٽو جنهن يونيورسٽي آف ڪليوفو يا منجهان تعليم حاصل ڪئي.جتان هن جي بابا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پڻ تعليم حاصل ڪئي هئي.ليڪن سڀ کان وڏي فخر جي ڳاله اها آھي ته جنهن يونيورسٽي منجهان هن تعليم حاصل ڪئي.انهيء يونيورسٽي ۾ ليڪچر پڻ ڏنائين.جنهن منجهان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هوء هن ملڪ ۽ قوم جو ڪيڏو نه وڏو سرمايو هئي.بنظير جيڪا مصروف ترين ليڊر (يعني ڪروڙين عوام.جي نمائنده هئي) هئڻ جي باوجود به پنهنجي اولاد جي فرض نڀائڻ ۾ ڪا ڪسر نه رهڻ ڏني.جڏھن هو وطن کان جلاوطن ڪئي وئي ته اتي به هن پنهنجي ملڪ جي عوام سان ۽ پنهنجن ٻارڙن سان ساڳئي محبت نڀائي جلاوطني جي دوران به هوء سڄي دنيا سان گڏوگڏ پنهنجن جان نثار ورڪرن ۽ پارٽي جي سچن عاشق اڳواڻن سان رابطي ۾ رهندي هئي.انهن جا مسئلا ٻڌندي ۽ حل پڻ ڪندي هئي.هن جي زندگي جو اصل مقصد ئي ملڪ جي اندر جهموريت جي بالادستي ۽ انساني حقن جي حاصلات هو.هن نوجوانن.پڪن .پوڙھن ۽ خاص ڪري هن دنيا ۾ اڌ تصور ڪرڻ وارين عورتن جي لاء ھڪ لازوال ۽ بي مثال جدوجهد ڪئي.عالمي سطح تي پاڪساني عورتن جي سڃاڻپ ڪرائي.بقول سندس جي ته مردن جي هڪ هٽيء واري سوسائٽي ۾ عورت جي ڊي گريٽ وارو رجحان ختم ٿيڻ گهرجي.هن پارٽي ۾ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ عورتن کي ايم اين اي. ايم پي اي ۽ سينيٽر طورتي پڻ چونڊرايو.جڏھن ته اقليتن جي باري ۾ به هن کي اها پروڙ ھئي ته اهي بيهڻ جي باوجود به کٽي نه سگهندا.ان ڪري هن کين کي خصوصي سيٽون ڏياري ڪري اقليتن کي به اسيمبلين تائين رسايو.محترمه بينظير ڀٽو اڄوڪن ليڊرن جهڙي نه هئي جيڪي پاور گيم تي يقين رکندا آھن بلڪ هوء هن جو سمورو يقين عوام جي طاقت تي هو.هن جي سياست جو مقصد غريب عوام کي مڪمل آزادي ڏيارڻ ھو يعني اهڙي آزادي جنهن ۾ ڪو به ڪنهن جو غلام نه هجي.هر ڪنهن وٽ روزگار هجي.هرهڪ برابريء جي بنياد تي هڪ ٻيئي جي عزت ڪري ۽ ھر ڪنهن کي هڪ جيترا حق حاصل هجن.هن چاهيو هيو ته غريبن جا ٻارڙا به اميرن جي ٻارڙن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪن.
ياد رهي ته 18آڪٽومبر تي پڻ حملو ڪيو ويو هو مگر ان وقت سندس دشمن پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نه ويا.شايد انهن سوڇيو ته بينظر جاڻي خاموش ٿي ويهي رهندي.مگر ائين ڪئين ٿي ٿي سگهيو جنهن جي رنڳ رنڳ ۾َ عظيم ۽ ڀهادر پيء زلفيء جو رت شامل هو.محترمه بينظير ڀٽو حملي کانپوء به پوئتي هٽڻ جي بجاء اڃا به اڳتي وڌندي رهي.۽ ھو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وستي توڙي واهڻ ۾ پنه جي غريب ۽ پورهيت ۽ مزدورن سان ملندي رهي.هوء سنڌ جي اهڙي بهادر نياڻي هئي ته پيء جي شهادت.ماء جي بيماري ۽ جگري ڀاء جي شھادت جي باوجود به هڪ وک به پوئتي نه هٽي.هو انهن انهن انقلابي عورتن منجهان هئي.جن پنهنجي رت جا نذرانا ته ڏنا.ليڪن پنهنجي مقصدن ۽ پورهيت عوام سان نيهن جو ناتو نه ٽوڙيائون.تاريخ اهڙن بهادر ۽ عوام سان بي انتها ۽ بي حساب محبت ڪندڙن کي اهو درجو عظاڪري ڇڏي ٿي.جيڪو ڪنهن ڪنهن فرد جي حصي ۾ ايندو آھي.بينظير ڀٽو جيڪا شھادت جو جام نوش ڪري اڄ ڳڙهي خدابخش جي مٽيء ۾َدفن ته ٿيل آھي.مگر سچ اهو آھي ته اڄ به هن جو روح پ هنجي پورهيت عوام جي اڳواڻي ڪندي محسوس ٿيئي ٿو.شھيد بينظير ڀٽو ۽ عوام جو رشتو ائين هو.جيئن ڳنڍير جي ڳنڍين جو پاڻ ۾ رشو هوندو آھي.جيڪڏھن ان ڳنڍير جي هڪ ڳنڍ کي الڳ ڪري ڇڏجي ته ڳنڍير جو وجود ئي نه رهي سگهندو.بلڪل ساڳئيء ريت شھيد بينظير ڀٽو ۽ عوام.جو رشتو به ائين ئي آھي ۽ تاقياميت تائين جاري وساري رهندو؛بقول شاعر جي.
قوم.پنهنجي ۾ ڏاهي هئي
هوء سنڌوء جي نياڻي هئي
صدين تائين نه وسري سگهندي
چڻ مرشد لطيف جي وائي هئي
ڌرٿيء تان سر گهور ڪري
هن ماء جي ٿڃ ملهائي هئي
بختاور ٻاگهيل.مارئي بڻجي
هن سنڌ جي سينڌ سجائي هئي
محبت هن کي ماروئڙن جي
سا بينظير ڀيڻ بڻائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو