صعيم علي ڀيلار
ڪنھن به سماج ۾ فنونِ لطيف سميت ٻين سماجي پھلوئن جي ترقيءَ جو دارومدار ان دور جي حالتن تي آڌاريل ھوندو آھي، جيڪڏھن سماجَ ۾ پرامن ۽ بھتر ماحول ھوندو تہ اتان جا لوڪَ مختلف شعبن ۾ ترقي ڪندا ۽ سماجَ ۾ خوشحاليءَ جو سج اڀرندو، امن و امان ۽ معاشي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻَ سبب ان سماج ۾ فنونِ لطيف واڌ ويجهہ ڪندو، ماڻهو ڪمن ڪارين کان واندا ٿي، اوطاقن جو رخ ڪندا، جتي بيت، قصا، ڳجهارتون ۽ راڳ رھاڻ جي محفلن مان حض حاصل ڪندا.
سنڌي ادب ۾ سومرن جو دور (1050ع – 1350ع) پڻ امن و امان، معاشي ۽ خوشحاليءَ سبب لوڪ ڏاھپ ۽ ادب جو قدر شناس دور ليکيو وڃي ٿو. ھن دور ۾ سنڌي ادب جا بنياد نروار ٿيا، جن تي اڳتي ھلي خوبصورت عمارت ۽ ان خوبصورت عمارت تي حَسين چٽسالي ڪئي ويئي. سومرن جي دور (1050ع – 1350ع) جون ڇھ مشھور سورميون سنڌي ادب جي افڪَ تي نمودار ٿيون ، انھن سورمين جي داستانن منجهان ان دور جي سماجي ، معاشي ۽ اقتصادي حالتن جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي. ان دور ۾ امن جون سازگار حالتون، مذھبي رواداريءَ جا اعلى مثال ؛ محبت ، وچن ، قول تان جانِ فدا ڪرڻ ، پنھنجي ڀونءِ لاءِ انسيتَ ، حلم ، نماڻائي ۽ نھٺائيءَ جا انيڪ مثال ملن ٿا. شاھ لطيف جن ڪردارن کي پنھنجي ڪلام ۾ ھيڪاري جڳھ ڏني آھي، اھي ڪردار پھريان ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن در در، گهر گهر، ڳوٺ ڳوٺ، ۽ شھر شھر ۾ ڳائي وڄائي عام ڪري ڇڏيا ھئا. لطيف سائينءَ انھن ڪردارن جي جوھر کي وڏي مھارت سان پنھنجي ڪلام ۾ پيوست ڪيو آھي. لطيف سائينءَ سورمين ( ڪردارن) جي واتان جيڪو پيغام ڏنو آھي اھو دنيا وارن جي لاءِ ھر دور ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو پيو اچي.
سنڌو ماٿر جي چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عظيم فلسفي ۽ لاثاني صوفي شاعر شاه لطيف جيڪو سورمين جو شاعر آهي، سندس ڪلام منجهان عورت جي احساسن، جذبن ۽ امنگن لاءِ احترام هر سر ۾ پسي سگهجي ٿو.شاھ لطيف پنھنجي آفاقي ڪلام ۾ سنڌ جي مشھور ۽ معروف لوڪڪردارن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آڻيندي انھن مان مادي ، روحاني توڻي تمثيلي نقطا نروار ڪيا آھن. انھن ڪردارن ذريعي زندگيءَ جي مڙني پھلوئن ۾ جدوجھد بنيادي حيثيت رکي ٿي، جنهن کي لطيف سائينءَ وڏي مھارت سان پيش ڪيو آھي.شاھ لطيف جي مڙني ڪردارن ۾ ھڪ وحدت سمايل آھي آھي، سڀئي سورميون ڌرتيءَ سان واسطو رکندي، مادي حقيقتن کي تسليم ڪندي، پنھنجي شعوري، علمي ۽ عقلي ڪوشش سان آخري دم تائين جدوجھد، پنھنجي منزل ۽ مقصد تان ھٿ نہ ٿيون کڻن. لطيف سائينءَ جن ڪردارن کي پنھنجي آفاقي ڪلام ۾ پيش ڪيو آھي، اھي ڪردار سنڌي سماج ۾ ضرب المثل بڻجي چڪا آھن، انھن ڪردارن واتان چيل ڪيتريون ئي سِٽون اصطلاحي طور روز مرہ جي مروج سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويون آھن. مثال طور : ”وو وو! ڪندي وت، متان وو وو وسارين!“، ” تتي ٿڌي ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي“، ” الا! ڏاھي مَ ٿيان، ڏاھيون ڏک ڏسن.“، ” ھڪ سسئي ٻيو سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾“ ، ” لکيو منجهہ نراڻ، قلم ڪياڙي نہ وھي“، ” ملڪ مڙوئي منصور ڪھي ڪھندي ڪيترا“، ” آڻين ۽ چاڙھين.“
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ڪرنگهي جي ھڏي جھڙي حيثيت رکندڙ سورمين ( ڪردار) مان ڇھن جو تعلق سومرن جي دور سان آھي، انھن سورمين جا نالا ھيٺ بيان ڪجن ٿا.
سھڻي
سسئي
ليلان
مومل
مارئي
سورٺ
مٿي بيان ڪيل سومرن جي دور جي مکيہ سورمين جي ڪردار بابت جامع انداز ۾ مختصر بيان ھيٺ بيان ڪجي ٿو.
سھڻي
سھڻي تلا ڪنڀر جي ڌيءُ ھئي، مرزا علي بيگ جو پٽ عزت بيگ سير سفر جو ذوق رکندڙ ھڪ حَسين جوانُ ھيو، تُلا جي گهر مان ٿانوَن وٺڻ جي بھاني سھڻيءَ کي ڏٺائين ۽ پوءِ ھڪ ٻئي لاءِ پيار ۽ انسيت وڌندي ويئي، سدائين ٿانونِ وٺڻ جي بھاني سان سھڻيءَ جي گهر ايندو ھيو، عزت بيگ جي موڙي ختم ٿيڻ سبب تُلا ڪنڀار کان قرض ورتائين، ان قرضَ جي ادائگيءَ لاءِ وٽس ملازمت ڪيائين. تُلا ڪنڀار عزت بيگ کي مينھنِ جو ڌڻ چارڻ جي لاءِ ڏنو، اھڙي طرح ھڪ امير گهراڻي جو ٻار عزت بيگ ”ميھار“ ٿي ويو، ميھار ( عزت بيگ) ڏانھن ماني ڏيڻ جي بھاني سان سدائين سھڻي ٻاھر ملڻ ويندي ھئي. کٿوريءَ ڪڏھن بہ گهڻو وقت لڪي ناھي سگهندي آھي، نيٺ اھا خبر تلا ڪنڀار کي پيئي ،جنھن جلد ۾ پنھنجي نياڻي ( سھڻي) جي ڏم سان شادي ڪريائين، ڏم سھڻيءَ جو سوٽ ھيو. اھڙي عمل تي عزت بيگ ( ميھار) کي ويراڳ وٺي ويو، درياھ جي ڪپ تي دونھين دکائي ويھي رھيو، اھا خبر جڏھن سھڻي کي پيئي تہ سرتيون کان پُڇي پڪَ ڪري ھر رات جو دلي تي درياھ اُڪري ميھار سان ملي واپس پنھنجي گهر موٽي ايندي ھئي. ھڪ رات ( قضا سان ) سندس نڻان جاڳي (سڄاڳ) پيئي جنهن سمورو لقاءُ پنھنجي اکين سان ڏٺو، ٻيءَ رات جو پڪلَ دلي جي جاءِ تي ھڪ ڪورو، ڪچو رنگين دلو رکي ڇڏيائين، سھڻيءَ کي ان جي سمڪ نہ پيئي، جيئن ئي درياھ ۾ گهڙي ته ڪچو دلو پاڻيءَ جي تيز وھڪري ۾ ڀرڻ ۽ ڳرڻ لڳو ۽ سھڻي ٻڏڻ لڳي. ھن پنھنجي ميھار کي سڏ ڪيا، ميھار بہ ان سيرَ ۾ گهڙي پيو ۽ سھڻي سان ھڪ ٿي ويو.
شاه سائين سھڻي ( سورمي) جو ڪردار بيان ڪندي هن ريت چوي ٿو تہ
ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪنين سانگو ساه جو ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،
ساهڙ سندو تن گهاگهائي گهڙن جي.(1)
سسئي
دلوراءِ جي دور ۾ نائونءِ نالي ھڪ ٻانڀڻ کي نياڻيءَ جو اولاد ٿيو، ان ٻار جو انگ ھڪ اجنبيءَ سان لکيل ھئڻ ڪري، سندس والدين ھڪ ڪاٺ جي صندوق ۾ پنھنجي نياڻيءَ کي بند ڪري درياھ جي حوالي ڪيو. اھا صندوق ڀنڀور جي ڀر ۾ ھڪ درياھ جي ڪناري تي پھتي، جيڪا محمد کٽي نالي ھڪ مشھور ڌوٻيءَ کي ھٿ آئي، ان ڌوٻيءَ کي اولاد نہ ھيو ان ڪري وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليائين، ان ٻار جو نالو سسئي رکيائين. جنهن جي معنى آھي چنڊ. ان ئي زماني ۾ ڪيچ مڪران جا ڪافلا واپار سانگي ڀنڀور ۾ ايندا ھيا، ڪجهہ ماڻھنِ سسئي جي سونهن ۽ سوڀيا جي ڳالھ وڃي پنھونءَ سان ڪئي. پنھون بہ مُشڪ، امبر، ھيرا جواھر کڻي واپار جي بھاني سان سسئي جي سونهن ڏسڻ لاءِ ڀنڀور پھتو، ڪيچ مڪران جي شھزادو ڏسڻ جي لاءِ سسئي بہپنھنجي سَھلين سان گڏ آئي، ھڪ ٻئي کي ڏسڻ سان پاڻ ۾ پريت جو پيچ پختو ٿي ويو. پنھون، محمد کٽيءَ کان سسئي جي سنڱ جي گهر ڪئي ، محمد کٽي ڌاريو ھئڻ جو سبب ڄاڻايو، جنھن تي پنھون ڌوٻي ٿي محمد کٽيءَ جو اعتبار حاصل ڪري ورتو. آخر ٻنھي جي شادي ٿي، پنھون پنھنجي اباڻي ديس ڪيچ مڪران جو دل مان خيال لاھي ويھي رھيو. پنھونءَ جي والد جي چوڻ تي سندس ڀائر ڀنڀور پھتا تہ سندن وڏي آجيان ڪئي ويئي، عزت ۽ احترام سان پنھونءَ جي ڀائرن کي رھايو ويو، ھڪ رات پنھونءَ جا ڀائر نشي جي حالت ۾ پنھونءَ کي اٺَ تي کڻي ڪيچ مڪران روانا ٿيا، صبح جو جڏھن اھا خبر سسئي کي پيئي تہ اڪيلي جبلن، پھاڙن جو پنڌ ڪندي ڪيچ طرف رواني ٿي. رستي ۾ ھڪ پنھوار جي بد نظر کان بچڻ لاءِ رب پاڪ جي درٻار ۾ دل سان دعا گهريائين، پھاڙ ڦاٽي پيو ، سسئي اندر پيھي ويئي. ان پنھوار اھڙو ڪرشمو ڏسي حيران ٿي ويو ان پھاڙ وٽ ويھي رھيو، ھوڏانهن پنھونءَ جا خمار لٿا تہ ڀائرن کان پاڻ ڇڏائي ڀنڀور طرف واپس وريو، رستي ۾ ساڳئي پنھوار، پنھونءَ کي سمورو احوال ٻڌايو. پنھونءَ ڌڻي جي در ٻاڏايو ، ڌڻيءَ در سندس عرض اگهيو ساڳيو جبل وري ڦاٽو پنھون وڃي سسئي سان ھميشہ لاءِ ھڪ ٿيو.
شاه سائين پنهنجي سورميءَ سسئي جي واتان هن ريت چوائي ٿو تہ
سڌائتي سڀڪا بک نہ باسي ڪا،
جيهي تيهي ذات جي جنبش ڪانهي جا،
مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نہ ڪري.(2)
ليلان
سومرا دور جو حاڪم راجا چنيسر ديول ڪوٽ تي حڪومت ڪندو ھيو، ليلان سندس پٽ راڻي ھئي، جکرو خاص وزير ھيس. ان ئي زماني ۾ راڻو کنگهار ڪڇ جو ڌڻي ھيو، ان کي ھڪ ڪونرو نالي حسين نياڻيھئي. ڪونرو پنھنجي سھيليءَ جي ڏنل طعني سبب اڻ ڏٺي ۾ چنيسر تي موھت ٿي پيئي. ڪونرو پنھنجي پيءُ کان موڪلائي پنھنجي ماءُ مرڪيءَ سان گڏ واپارين وارو ويس اوڍي ديول ڪوٽ پھتيون، ليلان کي منٿون ڪري سندس گهر محل ۾ نوڪرياڻيون ٿي رھيون. ھڪ رات ڪونرو جي اکين مان نير وھي آيا ، ليلان ان جو ڪارڻ پڇيو، جنهن تي ڪونرو ھڪ من گهڙت قصو ٻڌائيندي، نوَ لکو ھار ڏيکاريو ۽ چيائين تہ اسان وڏا امير ھياسين، ھاڻي ڪجهه نہ رھيو آھي بس ھن نوَ لکي ھارَ سان دل وندرائيندي آھيان، ليلان ان نوَ لکي ھار ٿي ھرکجي پيئي. ليلان ھارَ جي طلب ڪئي، ڪونرونءَ اھو شرط رکيو تہ ” چنيسر سان ھڪ رات رھاڻ ڪرڻ ڏينم“چنيسر نشي جي حالت ۾ رات جو گهر آيو، سندس زال ليلان کيس ڪونروءَ جي ڪمري ۾ ڇڏي آئي، صبح جو جڏھن چنيسر ھوش ۾ آيو تہ ڪونروءَ جي ماءُ سڄو احوال سڻايس تہ ” تنھنجي زال ھارَ عيوض اوھان کي وڪيو آھي.“ اھو ٻڌي چنيسر ليلان سان ناراض ٿي ويو، ليلان مايوس ٿي پنھنجي مائٽن ڏانهن ھلي ويئي. قضا سان هڪ شاديءَ جي تقريب ۾ چنيسر مھان ٿي آيو هو، ان محفل ۾ ليلان ناچ ڪري رهي هئي، ناچ جي ختم ٿيڻ تي چنيسر ان نرتڪيءَ جو منهن ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ، جيئن ئي ليلان منهن ڏيکاريو تہ ٻنهي جو روح پرواز ٿي ويو.
شاه سائين، پنهنجي ڪلام ۾ ليلان جي ڪم عقلي کي سندس ئي زباني ۾ هن ريت پيش ڪري ٿو تہ
وڏيري هياس، ميڙو مون گهر سرتيين،
هٿ ڇهڻ هار جي، ڪڙي ڪانڌ ٿياس،
ڍولي ڍيليياس، آيم ڏنءُ ڏهاڳ جو.(3)
مومل
سومرا دور ۾ راجا نند، ميرپور ماٿيلي تي راڄ ڪندو ھيو، کيس نوَ ڌيئر ھيون، انھن مان سونهن ۾ سڀني کان سرس مومل ۽ سومل مڙني کان عقل ۾ اڪابر ھئي. راجا نند کي ھڪ جادوئي ڏند مليو، جنهن جي ذريعي پنهنجو سمورو خزانو درياه جي وچ سيرَ ۾ رکي آيو، ان جادوئي ڏند جو پتو هڪ سيلاني فقير کي پئجي ويو، بادشاه جي غيرموجودگيءَ جو فائدو وٺندي سندس در تي سينَ هنيائين ۽ مومل کان ان جادوئي ڏند جي گهر ڪيائين، مومل اڻڄاڻائيءَ ۾ اهو جادوئي ڏند سيلاني فقير جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ راجا نند اهو جادوئي ڏند ڳولھيو، جنهن تي مومل سڄي ماجرا سڻائي. راجا ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو، سندس عقلمند نياڻيءَ سومل ان وڃايل خزاني جيتري دولت هٿ ڪرڻ جي هام هنئي.
سومل جادوئي فن ۽ طلسم ۾ مھارت رکندي هئي. هن پنھنجون نوڪرياڻيون ۽ ڀينر ساڻ ڪري لڊاڻي شھر جي ڀر ۾ ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي هڪ جادوئي محل اڏايائون، جنهن ۾ گهڻا ٽڪساٽ رکيل هئا. مومل سان شادي ڪرڻ جي شوق ۾ ڪيترن ئي اميرن، سوداگرن ۽ فقيرن جون دولتون ۽ جانيون ضايع ٿي ويون. ان دور ۾ راڻو، هيمر سومري جو گهاٽو دوست هيو، ان کي جڏهن مومل جي ماڙيءَ جي سڌ پيئي تہ هن پنھنجي دوستن سان گڏجي مومل جي ماڙيءَ تي قسمت آزمائڻ جي لاءِ روانا ٿيو، راڻي جا ٻيا دوست بازي هارائي ويا، ليڪن راڻي محل جي ٽڪساٽن کي چڱيءَ ريت پروڙي پوءِ وک وڌائيندي آخر ڪار مومل ماڻيائين. راڻي ڪافي وقت ڪاڪ محل ۾ گذاريو ۽ پوءِ ڪاڪ محل مان پنھنجي ديس روانو ٿيو، ڪيترائي ورهيہ وهامي ويا، ليڪن راڻو نہ وريو. مومل سندس فراق ۾ پريشان ۽ ڏکاري ٿي پيئي، سندس وڏي ڀيڻ دلاسو ڏيندي راڻي جي روپ ۾ پاڻ کي پيش ڪري ريجهائي ورتو. قضا سان ان رات ئي راڻو مختلف حرفتن ۽ اٽڪلن سان پنھنجي دوستن ۽ همير سومري مان جان ڇڏائي ڪاڪ محل ۾ پھتو. مومل کي غير مرد سان گڏ آرام ڪندي ڏسي ورتائين، پنھنجي اچڻ جي نشاني ڇڏي روانو ٿي ويو. صبح جو جڏهن ڪمري ۾ مومل ، راڻي جي ڇڏيل نشاني ( لڪڻ ) ڏٺي تہ گهڻي پريشان ٿي. ان فراق، درد، پيڙا ۽ ڏک ۾ پاڻ کي چکيا جي حوالي ڪيائين، جڏهن اها خبر راڻي کي پيئي تہ مومل جي معصوميت تي ڏاڍو ڏکارو ٿيو. ۽ پاڻ کي ساڳئي چکيا ( باه) جي حوالي ڪيائين.
شاه لطيف ، راڻي ( ڪردار) جي انتظار، بيقراري ۽ فراق ۾ مومل جي واتان هن ريت چوائي ٿو تہ
شمع ٻاريندي شب، پره باکون ڪڍيون،
موٽ مران ٿي مينڌرا راڻا ڪارڻ رب،
تنهنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا.(4)
مارئي
سومرن جي دور ۾ هڪ هاڪَ وارو حڪمران عمر سومرو حڪومت ڪندو هيو، ٿر جي ڀالوا ڳوٺ ۾ پالڻي نالي هڪ غريب شخص رهندو هيو، ان کي مارئي نالي هڪ نياڻي هئي، مارئي جي ماءُ جو نالو ماڏوئي هيو، سندس گهر ۾ ڦوڳ نالي هڪ خدمتگار رهندو هيو، جيڪو، ٻڪرين کي چارڻ ۽ انهن جو گاه وغيرہ ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. ڦوڳ کي ننڍپڻ کان ئي مارئي سان انسيت ٿي ويئي هئي، نيٺ هڪ ڏينهن اها ڳالهہ مارئي جي پيءُ ( پالڻي) سان اوريائين. مارئي جو سنڱ شروع کان ئي سندس سوٽ کيت کي ڏنل هيو، پالڻي ڦوڳ کي رشتو ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو. اهڙي انڪار ڪرڻ تي ڦوڳ جو غصو ۽ ڪروڌ وڌي ويو، ان غصي، حسد ۽ ساڙ ۾ پڄرندي مارئي کي نقصان پهچائڻ جو پڪو پهہ ڪيائين ۽ اها سمورا ماجرا عمر سومري ( حاڪم) کي ٻڌايائين. عمر سومري ٻڌل ڳالهہ تي اعتبار ڪري مارئي کي ڀالوا ڳوٺ مان صبح جو کوه تان اٺ ( جانور) تي کڻي عمر ڪوٽ ۾ قيد ڪيو. عمر سومري قيد ڪيل مارئي کي شاديءَ جي لاءِ مختلف قسم جون لالچون ڏيڻ لڳو، ليڪن مارئي سون تي سيڻ مٽائڻ ڪڌي ڪُريت ڀانيو، نيٺ عمر سومرو مارئي جي اڏول ارادن اڳيان هار کائي مارئي کي آزاد ڪري ڇڏيو. مارئي جڏهن پنهنجي اباڻي ديس پهتي تہ سندس سوٽَ ( مڱيندي ) کيت شڪ جي نگاه سان ڏسڻ لڳو، ان ڳاراڻي ۾ ڳري مارئي پنهنجي مٽيءَ ۽ مارن تان قربان ٿي. سنڌي ادب ۾ مارئي جو ڪردار وطن جي حب جو ھڪ اھڃاڻ ٿي پيو آھي، شاھ لطيف کان پوءِ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ مارئي جي ڪردار کي تجديد سان پيش ڪيو ويو آھي. ھي سر نج قومپرستيءَ ڪري سنڌ واسين جي دلين ۾ جڳھ ٺاھي چڪو آھي.
مارئي پنهنجي اباڻي ريت تي قائم رهندي، بادشاه جي ڏنل لالچن کان انڪار ڪري ٿي. شاه لطيف، پنهنجي ڪلام جي ڪردار مارئي جي زباني هن ريت بيان ڪئي آهي.
سون برابر سڳڙا ماروءَ سندا مون،
پٽولا پنوهار کي، عمر! آڇ مَ مون،
ور لوئيءَ جي لون، ڏاڏاڻن ڏنيام جا.(5)
6. سورٺ
راءِ ڏياچ نالي هڪ هاڪارو بادشاه جهوناڳڙه تي حڪومت ڪندو هيو، کيس هڪ ڀيڻ هئي جنهن کي اولاد نہ هيو، ڪنهن درويش چيو هيس ته ” تو کي پٽ جو اولاد ٿيندو پر اهو تنهنجي ڀاءُ جو سر کڻندو.“ گهڻي عرصي کان راءِ ڏياچ جي ڀيڻ کي پٽ جو اولاد ٿيو ، جنهن کي هڪ صندوق ۾ بند ڪري درياه ۾ لوڙهيو ويو، اها صندوق راجا انيراءِ جي ملڪ ۾ اچي پھتي اها صندوق هڪ چارڻ کي هٿ آئي جنهن ان ابھم ٻار کي پاليو ان جو نالو ٻيجل رکيو، ٻيجل جوانيءَ ۾ وڏي درديلي انداز سان سرندو وڄائيندو هيو، ان آواز تي پکي پکڻ ۽ انسان موهت ٿي ويندا هئا. جڏهن ٻيجل ڄائو هيو ان ئي ڏينهن ۾ راجا انيراءَ کي ڌيءُ ڄائي هئي، گهڻين نياڻين هجڻ سبب اها نياڻي صندوق ۾ بند ڪري درياه جي حوالي ڪئي هئي، اها صندوق راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ رتني ڪنڀار کي هٿ آئي، ان کي رتني پالي وڏو ڪيو، ان جو نالو سورٺ رکيائين. سورٺ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي راجا انيراءَ رتني کان سنڱ جي گهر ڪئي، ان کي خبر ئي نہ هئي تہ هو پنهنجي نياڻيءَ جو سنڱ گهري رهيو هو، اها خبر جڏهن راءِ ڏياچ کي پئي تہ رتني ڪنڀار کي ڏاڍي ملامت ڪيائين ۽ سورٺ کي پنھنجي محل ۾ رکيائين. راجا انيراءَ کي جڏهن اها خبر پيئي ته راءِ ڏياچ کان بدلو وٺڻ جي لاءِ سٽ سٽڻ لڳو. هن سڄي ملڪ ۾ اعلان ڪرايو تہ جيڪو راءِ ڏياچ جو سر کڻي ايندو ان کي انعام اڪرام ڏنا ويندا. ٻيجل جي زال اهو سودو ڪري ويٺي، ٻيجل پنھنجي گهر واريءَ جي وچن کي پاڻي ڏيڻ جي لاءِ سرندو کڻي جهوناڳڙه روانو ٿيو. راءِ ڏياچ کي ٻيجل جي سرندي جو آواز وڻي ويو، ٻيجل انعام اڪرام وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ سر جي سينَ هنئي ، راءِ ڏياچ پنھنجي هٿن سان سر وڍي سُر تان جان قربان ڪئي. جڏهن ٻيجل راءِ ڏياچ جو سر کڻي انيراءِ بادشاه وٽ آيو تہ انيراءِ جي دل کي صدمو رسيو ۽ ٻيجل کي هڪ سخي مرد جو سر وڍڻ تي ملامت ڪيائين ، ٻيجل جهوناڳڙه روانو ٿيو، جتي سورٺ باه جي آڙاه ۾ پاڻ وجهي ستي ٿي، ٻيجل بہ پنهنجو جسم باه جي حوالي ڪيو.
شاه لطيف سُر سورٺ ۾ راءِ ڏياچ جو سُر تان قربان ٿيڻ کان پوءِ جو منظر هن ريت بيان ڪيو آهي.
گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،
سھسين سورٺ جھڙيون، اڀيون اوسارين،
چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
ناريون ناڏ ڪرين، راڄا رات رمگيو.(6)
مطلب ته
شاھ لطيف پنھنجي آفاقي ڪلام ۾ ڪٿي پاڻ ڪردارن کي بياني رنگ ۾ پيش ڪري ٿو، ڪٿي وري انھن ئي ڪردارن کان مڪالمي واري انداز ۾ گفتگو ڪرائي ٿو.
سماج ۾ عورت جي ڪرندڙ عزت ، وقار ۽ سماجي ڌڪار کي نظر ۾ رکندي، شاھ لطيف سڀ سورميون غريب ۽ ھيٺين طبقي مان چونڊيون، جن کي عام ۽ خاص ماڻهن ڪو ڌيان ڏيڻ جي قابل نہ سمجهيو ھيو.
نظمي ڪھاڻين ۾ نوَ ڪھاڻيون آھن، جن تي مرد کان وڌيڪ عورتون حاوي آھن.
سڀني ڪھاڻين جي رٿا جو دارومدار پنھنجي سورمين تي رکيو اٿس، سواءِ ٻن سرن جي ھڪ سر گهاتو ۽ ٻيو سر ڪيڏارو.
شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ سورمين جي سامھون سورمن کي بيان ڪندي عورت جي عظمت، عزت ، بھادري ، ايثار ، ارادي جي پختگي ايڏي تہ سچائيءَ سان بيان ڪئي آھي، جو سورما پنھنجو جوھر وڃائي ويھن ٿا.
مارئي ٿر جي غريب ۽ مسڪين پالڻيءَ جي نياڻي، نوري غريب مھاڻي جي ڌيءُ ، سھڻي ڪنڀر جي ڌيءُ ، سسئي ٻانڀڻ جي ڌيءُ، جيڪا غريب ڌوٻيءَ وٽ پلجي ٿي. لطيف سرڪار غريب گهراڻن مان سورميون چونڊي اھو ثابت ڪيو آھي تہ غريبن ۾ ئي گڻن جي کاڻ آھي.
لطيف سرڪار پنھنجي شاعريءَ ۾پيش ڪيل ڪردارن جي مکيہ گڻن ۽ اھم واقعن کي قلمبند ڪيو آھي، ھن ڪنهن قصاگو جيان مڪمل پيرائتي نموني پورو داستان يا قصو بيان نہ ڪيو آھي، ڇاڪاڻ جو اھي قصا سنڌي سماج ۾ آڳاٽي دور کان ئي گهڻا مشھور ٿي چڪا ھئا.
سسئي پنھونءَ جو داستان پنجن سرن تي مشتمل آھي ، انھن پنھنجن ئي سرن جي نالن جي معنى ۽ مفھوم سسئي سان جڙيل آھي.
جيتوڻيڪ راءِ ڏياچ واري قصي ۾ مکيہ ڪردار سورٺ ۽ راءِ ڏياچ آھن پوءِ بہ سر سورٺ سان مڪمل سر ملي ٿو.
حوالا
شاھواڻي، غلام محمد. شاھ جو رسالو (سر سھڻي، داستان پھريون ).حيدرآباد : سنڌي ساھت گهر،سال 2013ع، ص،110
شاھواڻي، غلام محمد. شاھ جو رسالو (سر سسئي آبري، داستان چوٿون ). حيدرآباد : سنڌي ساھت گهر،سال 2013ع، ص، 115
شاھواڻي، غلام محمد. شاھ جو رسالو (سر ليلان چنيسر، داستان ٻيو ). حيدرآباد : سنڌي ساھت گهر،سال 2013ع، ص، 233
شاھواڻي، غلام محمد. شاھ جو رسالو (سر مومل راڻو، داستان چوٿون ). حيدرآباد : سنڌي ساھت گهر،سال 2013ع، ص، 248
شاھواڻي، غلام محمد. شاھ جو رسالو (سر مارئي، داستان ٽيون). حيدرآباد : سنڌي ساھت گهر،سال 2013ع، ص، 266
شاھواڻي، غلام محمد. شاھ جو رسالو (سر سورٺ، داستان چوٿون ). حيدرآباد : سنڌي ساھت گهر،سال 2013ع، ص، 308
مددي ڪتاب
شاه جو رسالو : ڪلياڻ آڏواڻي
شاه جو رسالو : غلام محمد شاهواڻي











