سُجاول ضلعو، بي واجبين جو گهر !

ماما منٺار دايو
اڄ ھن سڌريل دؤر ۾ تعليم انسان جي بنيادي ضرورت آھي، پر سڀ کان پهرين انسان جي وڌيڪ ضرورت ذريعو معاش آهي. اسان خصوصن سنڌ واسي ھڪ اھڙي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون جنهن مان جيترو نڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون اوترو وڌيڪ ڦاسندا وڃون پيا. اسان جا سرڪدا سڄاڻ رڳو پيناڊول گوريءَ وانگر سنڌ جي نئين نسل کي ھلائين پيا. اڄ بہ سنڌ ۾ رھندڙ ماڻھو بُک، بيروزگاريءَ جي ڪري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. جنھن سبب ماڻهو بُک کان خودڪشيون ڪرڻ تي آھن. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت يا مرڪزي حڪومت رڳو سکڻا اعلان ڪري وقت گذاري رھي آھي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان ٺھندي 76 سالَ ٿي چڪا آھن پر اڃا تائين رڳو ڄاڻ وٺڻ واري ڪم ۾ آھيون تہ ڇا ڪريون؟ ۽ ڇا نہ ڪريون؟ اھو عمل اھڙي طريقي سان ڪيو پيو وڃي جيڪو سمجھ کان ٻاهر آهي! سڄو عمل اھڙو آھي جنھن مان اندازو ٿئي ٿو تہ اڳيان ڇا ڪيو ويندو.
سنڌ جي تعليمي پاليسي پنھنجو مٽ پاڻ آهي! اڳين استادن کي باقاعدہ سکيا ڏني ويندي ھئي، ٽريننگ ڪاليج ھئا، جتان استاد ٽرينڊ ٿي نڪرندا هئا. ترقيءَ نالي اھي ڪاليج بند ڪري وري علامہ اقبال اوپن يونيورسٽيءَ ذريعي مختلف ڪورسَ ڪرايا وڃن ٿا! ڪڏهن پاليسي ٺاھيندڙ اڪابرن کان پڇو تہ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي ڪورسن جا ڪلاس ھلن بہ ٿا يا نہ؟ جي ھلن بہ ٿا تہ ڪٿي؟ ان مان اھو نقصان ٿيو آهي جو اسان جو نئون نسل ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيل لفظن جي معنيٰ نٿا سمجھن. ھاڻ تہ اھو حال آهي جو سنڌ جي گھرن ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ ۽ انھن جي نالن جي اسان جي ٻارن کي خبر ناهي! ايڏي وڏي دشمني اسان جي مادري ٻوليءَ سان ڪئي پئي وڃي پر اسان جا سنڌ سان محبت جي تہ وڏيون دعوائون ڪن ٿا، وڏا نعرا، وڏيون ڳالھيون ٻُڌائين ٿا، پر ڪڏھن ڪو ڪِٿي آواز ڪونہ ٿا اُٿارين تہ اسان جي مادري ٻولي آھستي آھستي ھڪ سازش تحت ختم ڪندا پيا وڃن.
بدقسمتيءَ سان سماج جا جيڪي سُڄاڻ ماڻھو پنھنجن ماڳن کان لڏي وڃي شھرن ۾ رھن پيا ۽ پنھنجي جنم ڀوميءَ کي ھنن ائين وساري ڇڏيو آھي ڄڻ ھي ڄاوا نپيا ئي انھن شھرن ۾ ھئا! نہ تہ اسان جي ڳوٺن، ننڍن شھرن جي ھيءَ حالت نہ ھجي ھا! ھي جيڪي اسان جي ضلعن جي ڪوٽائن تي چونڊجي جن پوسٽن تي پھتا آھن رڳو ان ڪوٽا جو حق جيڪڏھن ادا ڪن تہ ڪر اسان جا ڳوٺ يا اسان جا ننڍا شھر ھيئن ويران نہ ھجن ھا! رڳو ٻيو تہ ٺھيو اسان جي ڳوٺن ۾ قائم ڪيل صدين کان جيڪي اسڪول آھن انھن جي پوئواري ڪن ھا تہ بہ اسان جي ڳوٺن سان ھي حال نہ ھجي ھا!
ھاڻي تہ ھي حال آھي جو جنھن اسڪول ۾ ھڪ ھزار کان مٿي ٻار زير تعليم آھن ان اسڪولَ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونھي، ان ۾ بيتُ الخلاءِ ناھي، ڪو ڀنگي ناھي، ڪو صفائيءَ وارو ناھي! ان اسڪولَ ۾ نياڻيون پڙھن ٿيون جتي ھنن کي تقريبن 6 ڪلاڪ رھڻو پوي ٿو اتي جيڪڏھن واش روم نہ ھجي، ڪا سھولت نہ ھجي تہ ڇوڪرا تہ ٺھيو پر پنجن ڇھن سالن کان ڏھن سالن جون نياڻيون ڪيڏانھن وڃن!؟ ڇا تعليم کاتي ۾ ويٺل سياسي اڳواڻن جا پوڄاري نٿا ڏسن تہ ڇا حشر ھوندو انھن نياڻين سان، انھن استادن سان؟ ھنن کي ڪھڙو احساس؟ ھي صرف ۽ صرف فنڊ ھڙپ ڪرڻ جون مشينون آھن! حالت اھا آھي جو 1995ع کان اپ گريڊ ٿيل اسڪولَ جن ۾ 18 سالن کان پوءِ ائڊميشن جو سلسلو ھليو آھي، پر ڪجھ اسٽاف ڏنو ويو آھي، ڪجھ اڃا رھيو پيو آھي! پر حالت اھا آھي تہ داخلا 450 شاگردن جي ٿئي ٿي پر ھڪ ڪلاس لاءِ روم ناھي! ويھڻ لاءِ ھڪ بينچ ناھي! استادن لاءِ ڪرسي ڪونھي! سيڪنڊري ھاءِ اسڪول ھجي جنھن ۾ تيراھن سئو شاگرد، استاد ھجن، اتي ڀنگي، صفائي ڪير ڪري؟ شاگرد ڪيڏانھن وڃن؟ جي ڪنھن خاص سياسي ماڻھوءَ سان واسطو آھي تہ ان اسڪول کي فرنيچر ۽ ٻيون سھولتون بہ ملن ٿيون، پر جي سياست جي سودي کان پَري رھي ڪري پنھنجي ٻچن کي پڙھائڻ لاءِ ڪوشش ڪن ٿا تہ انھن لاءِ ھڪ بينچ بہ ناھي!
خصوصن سُجاول ضلعو تہ اھڙين بي واجبين جو گهر آھي! اسان جي ضلعي ۾ سياسي مداخلت تمام گهڻي آھي ۽ ان جي ڪري پسند ۽ ناپسند جو مرض عام آھي، جنھن لاءِ صاحب چون تنھن لاءِ سڀ ڪجھ آھي، باقي ٻيا وڃي سُمھي رھن! تازو ھڪ اھڙو واقعو ٿيو آھي جنھن ذھن کي جهنجهوڙي ڇڏيو آھي؛ وڏي پوسٽ تي آفيسر صاحب جيڪو ڪارنامُو سرانجام ڏنو آھي اھو سڀني جي اڳيان آھي، پر ڪنھن ٻڙڪ بہ ٻاھر نہ ڪڍي! سڀ خاموش ويٺا آھن! اھو آفيسر آرام سان ھتان وڃي چڪو پر ان جو اثر اھو ٿيو جو ھڪ ننڍو ملازم پنھنجي زندگي وڃائي ويٺو! ھن جا ٻچا يتيم ٿي ويا، ڪنھن اُف بہ نہ ڪئي! ڪو داد فرياد نہ ٿيو! ھو ننڍڙو ملازم جنھن جا وارث مسڪين آھن، ڪير ٻُڌندو ھنن جي؟! اسان جا معتبر ماڻھو سڀ ڪجھ ڏسندي بہ خاموش تماشائي ٿي ويا! غريب رڳو آھون ۽ دانھون ڪندا رھيا! ڇا ان کان بہ وڌيڪ ٻيو ظلم آھي ڇا جو خبر ھوندي، ڏسندي بہ خاموش ويٺا رھيا ۽ ھڪ مسڪين تڙپي پنھنجي حياتي ڏئي ويو! جيڪڏھن اسين مسلمان آھيون تہ روز محشر اسان کان جواب طلبي ٿيندي تہ توھان جي ھوندي ھي ظلم ٿيو ۽ اوھان خاموش رھيا؟! اوھان ۽ اسان بہ ايترا گنھگار آھيون، جيترو گناھ ڪبو جواب ڏيڻو پوندو…!!!

پهنجو تبصرو موڪليو