فاروق احمد سرگاڻي
ھي ڪتاب سنڌ جي ڏاھي، محقق، اديب سائين محمد ابراھيم جويو لکيو آھي. جنهن کي ترتيب سائين جامي چانڊيو ڏني آھي. ھن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2007ع ۾ پيڪاڪ پبلشر پاران ڇاپيو ويو آھي. سائين ابراھيم جويو سموري سنڌ جو فڪري استاد ھو، جامي چانڊيو جو بہ سائين محمد ابراھيم جويو سان تمام گهڻو ساٿ رھيو، جامي چانڊيو لکن ٿا تہ “وطن جي آزاد حيثيت، طبقاتي سماج جو خاتمو، ماديت پسندي شعور ۽ سماج جي نئين سجاڳي ۽ عقليت پسندي ۽ سيڪيولر فڪر سندس بنيادي آدرش ھئا.” هن جي شعور کي پڙهڻ کان پوءِ واقعي ائين لڳندو آهي تہ سائين ابراهيم جويو صاحب هڪ آدَرشِي انسان ھئا ۽ هُو سدائين وقتن بہ وقتن سنڌ کي بچائڻ جي واٽ ڏسيندا رھيا، “سنڌ بچايو، کنڊ بچايو” نہ صرف سنڌ کي پر ان سان گڏوگڏ سموري برصغير کي آگاھي ڏني، تہ ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو؟ پنهنجن لکڻين سان گڏ ھن ڌاري ٻولي مان بہ شاھڪار ڪتابن جو ترجمو ڪيو آھي. ابراھيم جويو جي زندگي ۾ ڪيل ڪم تمام گهڻو آھي پر هِي ھڪ جوابي ڪتاب آھي. محمد موسي ڀٽي جنهن مضمون لکي ڪري، اھو ثابت ڪيو آھي تہ” سنڌ ۾ مادي فڪر ۽ سائنسيت جو بنياد وجهي ڪري جويو صاحب وڏو ڏوھہ ڪيو آھي.”
ھاڻي بنيادي طور تي سمجھجي تہ سيڪيولرزم ڇا آھي؟ ۽ ان جو بنياد ڪئين پيو؟ ۽ عقليت پسندي جي اوسر ڪئي ٿي؟ سيڪيولرزم جو مطلب آھي تہ ڪنهن بہ ملڪ جو مذھب رياست کان جدا ھجي. سياسي ڊانچو الڳ ھجي. اتي رھندڙ سڀني مذھبن جي عزت ڪئي وڃي. جنهن کي سيڪيولر رياست چيو ويندو آھي۔ جنهن جو ڪو بہ مذھب نہ ھوندو آھي، جيتوڻيڪ اتي رھندڙ سڀني مذھبن جي ماڻهن کي ھڪڙي نظر سان ڏٺو ويندو آھي.
عقليت پسندي يورپ مان اسري جيڪا 16صدي ۾ سماجي سائنس ۽ نئين کوجنائون جي نتيجي وجود ۾ آئي، ان کان پوءِ ماڻهن ھر ھڪ شَيءِ کي شڪ جي نگاھہ سان ڏسڻ لڳا. تڏھن وڃي يورپ ترقي جي اروج تي پهتو. انهن کي سمجھڻ کان پوءِ ڪتاب ۾ ڏنل ڳالهين تي غور ڪري ڏسجي تہ ڪير زور آھي. اوھام پرستي ۽ عقليت پرستي مان ڪنهن جو پلڙو ڀاري آھي؟ محمد موسي ڀٽي جو الزام آھي تہ سنڌ ۾ جيڪا بہ ترقي پسندي ۽ ماس وادي فڪر جي پرچار ٿي آھي. اھا سنڌ ۾ صرف ۽ صرف ابراھيم جويو ڪئي آھي. جيڪو ھر ھڪ شَيءِ ۾ (انٽرپريٽيشن) چاھي ٿو، ھن جي مطابق” ھي دنيا مادي وجود رکي ٿي ۽ صدين جي مشقتن کان پوءِ وجود ۾ آئي آھي. ھر وقت تبديلي جي عمل ۾ آھي. جويو صاحب ڪتاب ۾ لکي ٿو،” گياني ماڻهن، فلسفين ۽ سائنسدانن ھزارين سالن جي لڳاتار ۽ اڻٿڪ مٿا ڪٽ، عقلي دليلن، سوچ ويچارن، مشاھدن ۽ تجربن کانپوء نيٺ اھا راءِ قائم ڪئي آھي تہ ھي دنيا ھڪ مادي دنيا آھي.”
جئين تہ ھي ڪتاب جوابي ڪتاب آھي. منهنجي راءِ اھا ھوندي تہ جديد سنڌ کي اھڙي ادب جي ضرورت آھي. جيڪو حقيقي مَعنيٰ ۾ جڙ-واد ھڪ انسان دوست سماجي نظرئي تي ٻڌل ھجي. اڄ جي جديد دور جي تقاضا مٽ آھي. ان ڪري، اسان کي مذھبي ڪٽرپڻي مان نڪري، انڌن وشواسن کي پوئتي سٽي ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي. ھر ھڪ شئي کي نئي انداز سان پرکڻ جي ضرورت آھي. مذھب جا ٺيڪيدار سدائين ترقي جي راھہ ۾ رڪاوٽ بڻيل بيٺا آھن. يورپ جي تاريخ ۾ ڪٿولڪ چرچ جي عذاب سان ڀري پئي آھي. چرچ جو زور تڏھن ٽٽي ٿو. جڏھن مارٽن لوٿر “مذھبي سڌارن” (Reformation) آڻي ٿو. انهي کان پوء سجاڳي جو دور اچي ٿو. جنهن ۾ ماڻهو چرچ جي خلاف ٿي بيھن ٿا ۽ تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا. باد ۾ (Age of Reason) جي اچڻ سان جديد خيالن ۽ کوجنائون جي نتيجن ۾ ماڻهو وڌيڪ ترقي ڪرڻ لڳا. مذھب جي ذريعي طبقاتي سماج جي اوسر ٿئي ٿي ماڻهن کي غلام ڪيو وڃي ٿو. ملن جو ھٿيار ئي اھو آھي. موجوده افغانستان ۾ طالبانن جي حڪومت ان جو چٽو ثبوت آھي. پهرين عورتن کي مذھب جي آڻ ۾ آڻي، انهن کي غلام ڪيو وڃي ٿو. ۽ انهن جي آزادي کسي وڃي ٿي. ابراھيم جويو جو فڪر سان ملن کي خوف ٿئي ٿو تہ متان اسان جو اقتدار ختم ٿئي وڃي.
