سنڌ مان افغانين جي نيڪالي وارو سوال..!!

حسن ناز سومرو
سالن کان ٻڌنڌا پيا اچون ته سنڌ هڪ انٽر نيشنل يتيم خانو آهي جتي دنيا جا ڌڪاريل ۽ ڪنا ٿي نڪتل ماڻهو يا دنيا جا بدنام ترين ماڻهو سنڌ ۾ آزادي سان زندگي گذاريندا آهن، ڪوبه پاڪستاني جڏهن دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو سفر ڪرڻ چاهيندو آهي ته ان جي مڪمل هسٽري معلوم ڪري ۽ پاڪستان جي سمورن خفيه ادارن کان رپورٽس وٺي ڪليئر هجڻ جي صورت کان پوءِ وڃي ويزا ڏني ويندي آهي پر جڏهن ڪوبه غير ملڪي پاڪستان اچڻ چاهيندو آهي ته ان غير ملڪي کي جيڪو بنا ڪنهن پاسپورٽ جي بنا ڪنهن شناختي ڪارڊ جي اسان جي ملڪ ۾ داخل ٿئي ٿو ته جنهن کي سرڪاري پروٽوڪول ڏيئي ان جي جاني توڙي مالي سپورٽ ڪئي ويندي آهي هن وقت سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ غير ملڪي ترسيل آهن جيڪي وڏي ٽاٽ ۽ باٽ سان سان زندگي گذاري رهيا آهن جڏهن ته انهن جي خدمت اسان جا سنڌي ماڻهوئي ڪري رهيا آهن جيڪي نه فقط پنهنجي ايندڙ نسل جا دشمن آهن پر پنهنجي ملڪ سان غداري به ڪري رهيا آهن.
هن وقت پوري پاڪستان ۾ افغان پناه گيرن جي نيڪالي جي ڳالھ ڪئي پيئي وڃي ۽ پوري پاڪستان مان وڏي تعداد ۾ افغاني واپس وڃڻ جي تياريون ڪري رهيا آهن پر افسوس جي ڳالھ اها آهي ته سنڌ مان افغانين جو واپس وڃڻ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جون 90 سيڪڙو سياسي جماعتون افغانين کي تڙڻ کان انڪار ڪري رهيون، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، جميعت علماءِ اسلا۾ (ف)، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ ۽ ٻيون ڪيتريون ننڍيون وڏيون سياسي پارٽيون افغان پناه گيرن جي حمايت ڪري رهيون آهن، سياسي پارٽين جي لاءِ هر ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته انهن کي ووٽ گهرجي ۽ ووٽ جي لالچ ۾ هو ڪجھ به ڪري سگهن ٿا پر انهن جي ووٽ واري لالچ سنڌ سان جيڪا جٺ ڪري رهيا آهن اها تاريخ جي ورقن لکي ويندي.
سنڌ ۾ رهندڙ رفيوجيز جهڙي طريقي سان سنڌ کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي اڄ ڪيتريون ئي اهڙيون ويڊيو شاهدي طور پيو آهن جن ۾ افغاني پٺاڻ پاڪستان جي جهنڊي کي ڪيترا ڀيرا ساڙي چڪا آهن، انڊيا ۽ افغان جي ڪرڪيٽ ميچ ۾ افغاني پاڪستان کي کٽڻ بدران انڊيا جي کٽڻ کي اهميت ڏيندا رهيا آهن، سنڌ اندر سرعام سنڌي ماڻهن جو قتل عام ڪندا رهيا آهن، سنڌي ماڻهن جي زمينن پلاٽن تي زبردستي قبضو ڪري انهن جا مالڪ بڻجي ويهي رهيا آهن، سنڌ مان معصوم ٻارڙن جي اغواءَ کان وٺي معصوم ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي جهڙا واقعا رونما ٿيندا رهيا آهن پر افسوس جو ڪنهن به افغاني کي ڪا سخت سزا نه ڏني ويئي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيترائي اهڙا افغانين جا علائقا آهن جتي پوليس ۽ فوج جو وڃڻ ناممڪن آهي مطلب ته هتي مني افغانستان ٺاهيون ويٺا آهن، هر قسم جي اسلحي کان وٺي هر قسم جي منشيات تائين، عورتن جي فحاشي جي اڏن کان وٺي وياج خوري تائين هر ڌنڌي ۾ توهان کي افغاني ملوث نظر ايندا.
افغانستان ۾ جڏهن جنگ هلي رهي هئي ته اسان جو اهو اخلاقي فرض هيو ته افغانين کي پناه ڏجي سو اسان پنهنجو اخلاقي فرض پورو ڪيو سو هاڻي افغانين جو به اهو فرض آهي ته جڏهن هن وقت افغانستان جو حالتون بهتر آهن ته پنهنجي ملڪ هليا وڃن پر افسوس جي ڳالھ اها آهي ته سنڌ ۾ آيل افغاني هاڻي واپس وڃڻ لاءِ تيار ناهن ۽ الٽو ڌمڪين تي لهي آيا آهن.
سعودي عرب ۾ جڏهن دنيا جا ماڻهو حج ڪرڻ يا زيارتن لاءِ ويندا آهن ته انهن کي به مخصوص ڏينهن لاءِ ويزا جاري ڪئي ويندي آهي ۽ انهن مقرر ٿيل ڏينهن اندر واپس وڃڻو پوندو آهي پر جي ڪي ماڻهو واپس وڃڻ نه چاهيندا آهن يا لڪي ويندا آهن ته اتان جي پوليس ڇاپا هڻي انهن کي گرفتار ڪري موچڙا هڻي پنهنجي پنهنجي ملڪ روانو ڪندي آهي سو ان جي ابتڙ جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪوبه ڌاريا جڏهن داخل ٿيندا آهن ته هو واپس نه وڃڻ جو قسم کڻي ايندا آهن ۽ پوءِ اهو ڌاريا پٺيان ٻين کر گهرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ائين ئي ڏسندي ئي ڏسندي هزارين ۽ لکين ڌاريا سنڌ ڄاوا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ اچي سنڌي ماڻهن کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
سنڌ ۾ آيل افغانين لاءِ سنڌ سرڪار ايتري ته راضي ٿي پيئي آهي جو رات جي پيٽ ۾ افغانين جا شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۾ رڌل آهي جيڪو ڪم نه فقط غير انساني آهي پر پنهنجي ملڪ سان غداري به آهي سنڌ ۾ افغانين جا حامي وڏن سرڪاري عهدن تي ويٺل آهن جيڪي پنهنجي هڪ اشاري سان افغانين جا سمورا ڪم ڪرائي رهيا آهن ايتري قدر جو اڄ به سنڌ اندر هزارين افغاني سرڪاري نوڪريون به ڪري رهيا آهن جيڪو نه فقط سنڌي ماڻهن سان زيادتي آهي پر سنڌي ماڻهن جي حقن تي ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو به هنيو ويو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو جيڪي هزارين سالن جي تاريخ رکن ٿا انهن کي سرڪاري نوڪري ته پري جي ڳالھ آهي پر سنڌي ماڻهن جي گهرن ۾ اڄ به اٽو پورو نه آهي آخر ڪار سنڌ جو ڇا ٿيندو……..؟؟
آخر ۾ ان باري ۾ اسين سنڌ ۾ نگران سيٽ اپ ۾ آيل سرڪار کي گذارش ڪنداسين ته سنڌ مٿان ڪريل افغانين جي نزلي کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن مٿان هٽايو، جڏهن ته افغانين کي جلد کان جلد افغانستان روانو ڪيو وڃي ۽ پاڪستان جا بارڊر محفوظ بڻايا وڃن ته جيئن سنڌي ماڻهو سک جو ساھ کڻي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو