سنڌ،پارلياماني قيادتون،عوام ۽ ادارا۔۔۔!!

رحمت الله ٻرڙو
سنڌ صوبو پاڪستان جو واحد صوبو آھي جنهن جو روينيو سڀني صوبن کان ملڪي بجيٽ ۾ وڃي ٿو. ڪو مڃي يا نه پر هن وقت ان صوبي سنڌ جي عام ماڻھن کان ويندي ادارن جي ڌرتيء جي ماحول جي جيڪا ٿيل خراب حالت آھي سا ڪنهن کان ڳجهي يا لڪل ڪونهي.!! اهڙي بگڙيل ۽ متاثر صورتحال ۾ سنڌ ڪٿي بيٺي آھي هتان جو عوام ڇا ٿو سوچي اهو عام ماڻھونء کان وڌيڪ ادارن کي پتو يا خبر هوندي.سنڌ جنهن قدرتي نعمتن سان نوازيل ۽ مالا مال ڌرتي آھي ان کي بهتر کان بهتر ڪرڻ بجاء جيڪا خرابز ورتاء ۽ لٽ ڦر زريعي حالت ڪئي آھي سان بلڪل به سڌرڻ کان ڄڻ ته ڪوهين ڏور يا سالن جي سفر تي بيٺل هجي.!! سنڌ مٿان پارلياماني پارٽين جون قيادتون اقتداري رمز کي حاصل ڪرڻ خاطر ڪنهن شڪاريء جيان اليڪشن جوڙ توڙ جو ڄار وڇائڻ جا سانباها ڪن پيون۔مثال جي طور تي پيپلز پارٽي پارليامنٽيرين، نوازليگ ۽ جي ڊي اي کان ويندي جي يو آء ۽ ايم ڪيو ايم توڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيء سميت سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ تائين پارلياماني پارٽين جون قياتون اليڪشني جوڙ توڙ جو حصو پڻ آھن اقتداري ڪاريڊور لاء قومي سطح جي پارٽين وٽ وڏي پئماني تي جوڙ توڙ آھي ۽ انهن لاء ھنن پنهنجيون صوبائي قيادتون ۽ سيڪنڊ ڪلاس قيادتن کي زميوارين ۽ جوڙ توڙ لاء سنڌ جي سياسي ماحول ۾ ڇڏي ڏنو آھي. سياسي پارلياماني پارٽين خصوصي طور پ پ پ پ ۽ نواز ليگ ظاهري طور ۽ پي ٽي آء خاموشيء سان مرڪزي قيادت پلس عمران خان ڪم ڪري پئي ته قومي سطح تي اقتداري اختيار حاصل ڪجن پر اتفاق سان ڪنهن به مجبوريء تحت عمران خان پي ٽي آء قيادت ڇڏڻ کان پوء پنهنجي پارٽيء قيادت ۽ سپورٽرز کي حالتن جي رحم وڪرم تي ڇڏي ڏنو باقي قومي پس منظر ۾ اقتداري حاصلات پ پ پ پ ۽ نوازليگ قيادت جو ٽارگيٽ رهي ٿي. ان ۽ اهڙيء صورتحال ۾ پيپلز پارٽي پنهجي سياسي ۽ اليڪشن ويڙھ واري هئيت ۾ ظاهري طور سنڌ ۾ ڄڻ ته اڪيلي نظر اچي پئي پر هوء پنهنجي سياسي توڙي چونڊ نتيجن ۾ اليڪشن حڪمتي عمليء سان سڀني جي سامهون ڀاري نذر اچي پئي.!! جڏهن ته نواز ليگ قيادت جي ڊي اي سميت ايم ڪيو ايم توڻي جي يو آء سان اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمنٽ ڪري به پوء به پ پ پ پ جي قيادت جي اليڪشني حڪمتي عمليء ۾ ڪمزور نذر اچي رهي آھي ان جو وڏو سبب سندس تنظيم ڪاري نه هجڻ سميت اقتدار ۾ هوندي پنهنجي پارٽيء جي حامين توڻي ڪارڪنن ۽ صوبائي قيادت تي توجه نه ڏيڻ اهم آھي.جڏهن ته خود اقتداري اتحادين کي ماضيء ۾ اها موٽ ناهي ڏيندي جيڪا نمائيندگيء جي بنياد تي ملڻ کپي.!! اهو ئي سبب آھي جو بشير ميمڻ ن ليگ سنڌ کي سنڀالي ٿو ۽ اليڪٽيبلز تي ڪم ڪري پيو پر سينيئر پارٽي عهديدار ۽ ڪاڪن گڏ ڪونه اٿس. جڏهنته ان معاملي ۾ پيپلز پارٽيء وٽ سياسي ،تنظيمي ،اتحادي بنيادن کان ويندي اليڪشني حڪمتي عمليء سميت پولنگ واري ڏينهن عوامي راء عام ڪيئن پولنگ تي آڻجي اها حڪمتي عملي سبڌ ۾ پيپلز پارٽيء کان پوء ڪٿي نذر ڪونه ايندي.!! هاڻي جنرل اليڪشن ويجهو هجڻ سبب سنڌ ۾ سياسي، پارلياماني ۽ اقتداري ڊوڙ جون شوقين ڌريون سنڌ ۾ جوڙ توڙ لاء پنهنجا واسطا ۽ مهرا استعمال ڪن پيون۔پيپلز پارٽي نواز ليگ ناراض سنڌ بيسڊ اڳواڻن ۽ متاثر ڪارڪنن جن جي اليڪشني حيثيت پنهنجي پنهنجي حلقن ۾ ڪجه وزندار آھي تي ڪم ڪري پئي جيئن، شاھ محمد شاه،سيدغوث علي شاه ،سيد اصغر علي شاه کان ويندي راحيلا مگسي جا به اطلاع آھن ته پ پ پ پ قيادت سان رابطن ۾ آھي ۔اهڙي طرح سان ن ليگ جو صوبائي صدر اڳوڻو آء جي بشيرميمڻ به کيئل داس ڪوهستاني کي ساڻ کڻي اليڪٽيبلز تي ڪم ڪري رهيو آھي جنهن ۾ تيغو خان تيغاڻي پڻ اهم وڪيٽ هو ن ليگ لاء ڪشمور کان!!! سيد علي نواز شاه لاء اطلاع آھن ته هو پيپلز پارٽي کان ٽڪيٽ ڪونه ٿو وٺي ۽ پ پ پ پ پارلياماني بورڊ جي انٽرويوز ۾ به سندس يا خاندن مان ڪوئي ڪونه آيو!! شايد آزاد طور اليڪشن وڙھي . هوڏانهن اڳوڻو وزيراعلي سنڌ ارباب غلام رحيم کان ويندي لياقت علي جتوئي پڻ جي ڊي اي جوائن ڪري چڪا آھن ۽ ايئن غلام مرتضي جتوئي به جي ڊي اي جو حصو ٿيڻ تي مجبور ٿيو آھي ۽ زريعن کان معلوم ٿيو آھي ته غلام مرتضي جتوئي جي نيو جتوئيء واري ناشتي ۾ لياقت علي جتوئي کي شامل ڪرائڻ جو فيصلوپڻ ٿيو جنهن جو مهمان پڻ پير صاحب پاڳاري جو ننڍو ڀاء پير صدرالدين شاه پڻ هو ۽ انهن جي ڳڏيل ملاقات پڻ لياقت جتوئيء کي ن ليگ کان وڌيڪ جي ڊي اي ڏانهن جهڪاء ڏياريو. عوام جي ڀلائيء لاء انهن سڀني سياسي ۽ اقتداري ڌرين وٽ ڇا پروگرام آھي؟! سو اڃا هنن ڄڻ ته ظاهر ئي ناهي ڪيو ۽ هتي هن سموري سياسي پس منظر ۾ سڀني کي اقتدار نذر پيو اچي ۽ اهو اقتدار ڪنهن به ۽ ڪهڙي به شرط تي هو آشيرواد طور وٺڻ لاء مجبور آھن پر اتي عوام ،صوبو ۽ ادارن جي سموري ۽ هر رخ کان صورتحال خراب کان خراب تر آھي ڪيئن سڌرندي سو انهن جي ڪنهن به منشور ۽ پروگرام جو اعلان اڃا ناهي ٿي سگهيو!! جيڪو پڻ ٿيڻ اشد ضروري اهو آھي صوبائي ادارن جي ٿيل خراب صورتحال جنهن ۾ رشوت راڄ جي راند کان سواء ڪرپٽ عملو ڪجه ڪونه ٿو ڪري.!! سنڌ جي زراعت کاتي کان ويندي ايڪسائيز،روينيو،روڊس کان ويندي تعليم،يونيورسٽيون،صحت،پلاننگ،خوراڪ،فنانس کان ويندي اي جي آفيسزز يا کاتن ۾ ڪروڙن نه پر ابين روپين جا فراڊ هر روز ميڊيا جي زينت بنجن ٿا. انهيء صورتحال کان ويندي عوام سان ٿيل زيادتيون اهي امن وامان جي صورت۾ هجن يا ڪجه ادارتي بنيادن تي مهانگهائيء کان ويندي صحت جي معاملن جا مسئلا هجن انهنجو حل ڪنهن اڃا سامهون ناهي آندو۔!؟ ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته مٿين سڀني سياسي،عوامي،ادارتي اهنجن جو حل وقت ۽ سچي قيادت جي منزل هجڻ کپي. اهڙيء طرح سان اليڪشن جي جوڙ توڙ کان ويندي سنڌ ۾ چونڊ اڳڪٿي ڪرڻ ايڏو وڏو ڏکيو ڪونهي ظاهري حالتن موجب باقي اسٽيبلشمنٽ کي نهارڻ ۽ نتيجا وٺڻ جي ڪوشش ڪندڙ اقتداري راند کيڏندڙ حلقا بهتر ڄاڻن ٿا جنهن ۾ پيپلز پارٽي قيادت جو سياسي ۽ اقتداري راز ڪو ڳجهو ڪونهي رهيو جنهن کان هو انڪار ڪن يا سندس مخالف واقفڪار نه هجن.!!

پهنجو تبصرو موڪليو