سنڌ،زراعت جي زبون حالي ۽ زراعت کاتو ۔!!

حمت الله ٻرڙو
سنڌ ڌرتي مالوند ماڻھن جي ڌرتي آھي ۽ مال اتي هوندو آھي جتي جي زمين زرخيز ۽ آباد هجي. ان نسبت سان جڏهن اسان سنڌ جي زراعت تي ڳالهائينداسين ته اسان کي سڀ کان اڳ ۾ ان ڳالھ ڪرڻ ۾ ڪو حرج محسوس نه ٿيندو ته سنڌ جو جو ماڻھون گهڻائيء ۾ زراعت تي پنهنجو جياپو رکيو ويٺو آھي.هاڻي جڏهن اسان جي ماڻھون ء جي صورتحال تڪليفده نذر اچي رهي آھي ته اسان کي پنهنجي بنياد سوال ڏانهن واپس وڃڻو ٿو پوي ته آخر ايئن ڇو پيو ٿئي ته اسان جي ماڻھن ۽ مالوندن کان ويندي آبادگارن تائين هن جديد ٽيڪنالوجي جي دور ۾ زرعي لحاظ کان جيڪاصورتحال بهتر ٿيڻ کپي ها سا آخرڪار ڳڻتيء جو ڇو آھي؟!ان لاء سوچيو سي ته ڇونه سنڌ جي تباه حال زراعت تي لکجي. ان لاء سڀ کان پهريان سنڌ جي زراعت کاتي بابت مليل معلومات سامهون رکجي ٿي ۽ بعد ۾ سنڌ جي زراعت ۾ بجاء بهتري اچڻ جي تباهڪاريء تي پڻ اچون ٿا.سنڌ حڪومت ۾ هڪ کاتو سنڌ زراعت کاتو آھي جنهن جا تقريبن 8 کان 10 شعبا آھن جيڪي سنڌ جي زراعت کي بهتري طرف وٺي وڃڻ ۽ جديد تقاضائن جي هم آھنگن سان روشناس ڪرائيندي بهتري آڻڻ جا پابند آھن۔سنڌ جو زراعت کاتو ڪنهن نه ڪنهن وزير موصوف ،صلاحڪار يا خود سنڌ جي وزيراعلي وٽ پڻ رهيو آھي ،جيئن هن وقت به سنڌ جي زراعت وارو کاتو نگران وزيراعلي سنڌ جسٽس باقر مقبول وٽ آھي جيستائين ڪو وزير يا صلاحڪار پڻ اچي.انکانپوء هن کاتي کي هڪ صوبائي سيڪريٽري زراعت کاتو هجي ٿو جنهن جي ماتحتي ۾ 19 گريڊ کان 20 گريڊ جا مختلف شعبن جا آفيسر پڻ آھن جنهن ۾ نمبر هڪ ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع کاتو جيڪو گريڊ 20 جو پڻ هوندو آھي اهڙي طرح سان نمبر 2 تي آھي زرعي تحقيق وارو شعبو جنهن جو به پڻ ڊائريڪٽر جنرل ٿئي ٿو ۽ اهو به گريڊ 20 جو هوندو آھي.هوڏانهن 3 نمبر تي هڪ شعبو واٽر مينيجمنٽ جو آھي جنهن کي به 20 گريڊ جو آفيسر ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت ۾ سنڀاليندي مٿي رپورٽ پيش ڪندو آھي. اهڙي ئي طريقي سان هڪ ٻيو شعبو 4 نمبر تي آھي ايگريڪلچر انجنيئرنگ جنهن جي ماتحت سنڌ ۾ موجود ورڪشاپ پڻ هوندا آھي ۽ هن شعبي کي به ساڳي گريڊ جو ڊي جي سنڀاليندڙ هوندو آھي. هونڏانهن نمبر 5 تي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن پڻ آھي ۽ هن شعبي کي هڪ ايم ڊي سنڀاليندو آھي جيڪو پڻ20 گريڊ جو هوندو آھي ۽ هن عهدي تي ٻاهرين کاتن جا ڊي ايم جي گروپ يا ڪو ٻيو برابر گريڊ جو آفيسر به پڻ سنڀاليندو رهندو آھي. نمبر 6 تي هڪ شعبو ڪين ڪمشنر جو آھي جيڪو به پڻ گريڊ 20 جو آھي هتي به ڊي ايم جي گروپ جا آفيسر به ايندا رهن ٿا۔اهري ريت زرعي مارڪيٽنگ يعني ايگريڪلچر مارڪيٽنگ آھي هتي به هن شعبي کي سنڀاليندڙ ڊي جي ٿئي ٿو جيڪو به 20 گريڊ جو هوندو آھي ۽ زراعت کاتي مان کنيو ويندو آھي. ان کان علاوه آخر ۽ 8 نمبر شعبو زرعي طور ماپ وارو شعبو به آھي جنهن جو سنڀاليندڙ ڊائريڪٽر جنرل ٿئي ٿو. اهڙي نموني هي سنڌ جو زراعت کاتو مڪمل ٿيندي اربين روپين جي بجيٽ ساڻ ڪم ڪري رهيو آھي جنهن جو خاص زميوار صوبائي سيڪريٽري ٿئي ٿو جنهن جي ماتحتي ۾ اهو کاتو انهن شعبن هجڻ ۽ انهن جي هيڏي وي گريڊ جي سربراهن هوندي سيڪريٽري زراعت کي جوابده آھي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب زراعت کاتي جي ڪجه شعبن ۾ عالمي فورمن تان به فنڊنگ ٿئي ٿي ۽ وفاقي حڪومت به فنڊنز جاري ڪري ٿي ته جيئن زراعت کي جديد بنيادن تي آراسته ڪري زرعي سيڪٽر ۾ ترقي ڪجي جنهن ۾ واٽر مينيجمنٽ،اگريڪلچر ايڪسٽينشن ۽ ايگريڪلچر ريسرچ جا شعبا اچي وڃن ٿا جنهن ۾ اربين روپيا ٻاهرين مالڪن ۽ مالياتي ادارن جي سهڪار سان اچن ٿا جنهن جي رپورٽ کاتي جي سيڪريٽري کي ڄاڻ۾ ڏني ويندي آھي ۽ ايئن کاتي جو سربراه سيڪريٽري پنهنجي وزير موصوف کي پراگريس رپورٽ ڏيڻ جو زميوار هوندو آھي ۽ پبلڪ آڏو جوابده هوندو آھي. هن وقت جي اسان فقط سنڌ جيڪا پنهنجي حيثيت ۾ هڪ پرڳڻي جي حيثيت رکندي ۽ زراعت ۾ پاڻ ڀري هوندي ٻاهرين ملڪن سان زرعي جنسون مٽاسٽا ڪندي زرعي بنيادن تي ڪاروبار ڪندي هئي سا هن وقت پاڪستان ٺھڻ بعد ڄڻ ته زراعت کي ڪا ڄور لڳي وئي آھي جنهن سنڌ جي زراعت جو رت چوسي نهام ڪڍي ڇڏيو آھي۔اسانجو ملڪ پيارو پاڪستان زرعي ملڪ هوندي هن وقت تائين پنهنجي زراعت واري شعبي ۾ جيڪا به ترقي ڪئي آھي تنهن ۾ سنڌ هن وقت تمام پوئتي آھي ۽ هن وقت زرعي فصلن جي جديد بنيادن تي جيڪا رکوالي ۽ سنڀال سرڪاري بنيادن تي ٿئي سا سنڌ ۾ ڪونه پئي يقين نه اچي ته اوهان فصلن جي پوکائي وقت زرعي جنسن ،فصلن جي واڌ ويجھ لاء زرعي دائن ۽ ٻين ٽيڪنيڪلي شين جو جائزو وٺندا ته اوهان جتي سنڌ زراعت کاتو ته نذر ڪونه ايندوپر زراعت کاتي جا مٿي بيان ڪيل 8 شعبا ۽ انهن جون سربراهن سميت ٽيمون يا عملو نظر ڪونه ايندو جي ايندو ته زرعي مارڪٽنگ،۽ زرعي دوائن وارين ڪمپنين جي ڳٺ جوڙ مافيا جي حصي طور توهان کي سامهون ايندو رهندو.!! ان ڪري اسان هتي سنڌ جي نگران وزير اعلي سنڌ جسٽس باقر مقبول ۽ سندس ٽيم آڏو اها ڳالھ رکون ٿا ته سنڌ جهڙي زرخيز زراعتي زمين کي تباھڪاريء ڏانهن پهچايندڙ زميوارن جو وڏي پئماني تي احتساب وٺڻ کپي ۽ زميوار عملدارن کي هر مهيني جي نه ته 3 مهينن تي مشتمل پراگريس رپورٽ وٺڻ کپي ته اوهان مختلف شعبن جي زميوارن جي ڇا پراگريس رپورٽ آھي ان رپورٽ جي آڌار تي کين مڃتا ۽ سزا پڻ ڏني وڃي. ٻي گوش گذار درخواست اها آھي ته اداري کي هر 3 ماهي بجيٽ به رليز ٿئي ٿي ان جي ڪا به رپورٽ پبلڪ نه ٿي ٿئي جيڪا اصولن ٿيڻ کپي ته کاتي کي ڪهڙا پئسا ڪهڙي مد ۾ مليا ۽ اهي ڪٿي ڪهڙي مد ۾ ڪيئن خرچ ٿيا . هر ٽن مهينن يا 6 مهينن اندر زرعي کاتو جي جي زميوار آفيسرن ،وزير موصوف کان ويندي آبادگارن جي هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ زرعي ڪارپوريٽ سيڪٽر جي نمائيندن کي به ويهاري ميٽنگ ڪري سگهجي ٿي ته جيئن زرعي اپت ،خدوخال کان ويندي جديد زرعي لاڙن ۽ سڌارن تي ويچاري سگهجي . اهڙي نموني مٿي ڄاڻايل زرعي کاتي جي مختلف شعبن جي سربراهن کي اهليت جي بنياد تي رکي سندن بهتر رپورٽن جي بنياد تي اڳتي هلڻ ڏنو وڃي ۽ هن کي پابند بڻايو وڃي ته هو پنهنجي شعبي جو زميوار آھي ۽ هن وٽ سياسي ۽ اقربا پروري واري مداخلت به روڪي وڃي ته جيئن ان شعبي جي سربراه کي ڪم ڪندي دقت پيدا نه ٿئي. ريسرچ مرڪز هوندي ،زرعي ورڪشاپ هوندي،۽ اڃا ٻيا شعبا هوندي بيٽ استعمال ڪندي اسان جي زراعت سڌرندي نذر نه اچي ته سمجهي ڇڏيو چور گهر جو اٿوو!! ان لاء اسان سمجهون ٿا ته اسان جي فوج جي سپھ سالار محترم عاصم منير به زرعي سبز انقلاب جي ڳالھ ڪئي آھي ۽ اسان هتي سنڌ جي زميوار نگران وزيراعلي سنڌ باقر مقبول جنهن وٽ زرعي وزارت جو قلمدان به آھي ته جيستائين اليڪشن ڪميشن اليڪشن جو اعلان ڪري تيستائين سنڌ جي حساس معاملن ۽ هتي خصوصن زرعي شعبيبه بهتري لاء بهتر اپاء ورتا ويندا ته تاريخ توهان کي بهتر لفظن ۾ ياد ڪندي.وڌيڪ سنڌ جي زرعي صورتحال اوهان سامهون آھي جيڪا سڌاري لاء واجهائي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو