ماسڪو (ويب ڊيسڪ)روس لڳ ڀڳ 5 ڏهاڪن کانپوءِ چنڊ تي پنهنجو مشن موڪلڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي خلائي جهاز لونا 25 11 آگسٽ تي هڪ مشن تي روانو ٿيندو جيڪو چنڊ جي ڏکڻ قطب مان نمونا گڏ ڪندو ته جيئن چنڊ تي پاڻي جي امڪاني موجودگي جو پتو لڳائي سگهجي.روسي خلائي ايجنسي ROSCOSMOS موجب لونا 25 پنجن ڏينهن ۾ چنڊ تي پهچندو ۽ پوءِ چنڊ جي مدار ۾ 5 کان 7 ڏينهن گذارڻ بعد چنڊ جي مٿاڇري تي لهندو.ياد رهي ته روسي مشن هڪ اهڙي وقت شروع ڪري رهيو آهي جڏهن ڀارت جو چندريان 3 مشن چنڊ جي مدار ۾ آهي ۽ تازو ئي چنڊ جي پهرين تصوير جاري ڪئي آهي جيڪا چنڊ جي سطح کي ڏيکاريندي آهي.چندريان 3 مشن 14 جولاءِ تي لانچ ڪيو ويو ۽ لانچ ٿيڻ کان پوءِ 10 ڏينهن تائين ڌرتيءَ جي مدار ۾ رهيو ۽ پوءِ 5 آگسٽ تي ڪاميابيءَ سان چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿيو. اهو 23 آگسٽ تي چنڊ جي ڏکڻ قطب تي لينڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.جيڪڏهن چندريان 3 مشن ڏکڻ قطب تي لينڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، هندستان پهريون ملڪ بڻجي ويندو جيڪو چنڊ جي ڏکڻ قطب تي مشن لينڊ ڪندو. بهرحال، جيڪڏهن روس جو لونا-25 چنڊ جي مٿاڇري تي پنهنجي شيڊول مطابق لينڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، اهو شايد هندستان کي ڏکڻ قطب تي لينڊ ڪرڻ جي مقابلي ۾ هارائي سگهي ٿو.ياد رهي ته 1976ع کان پوءِ چنڊ ڏانهن روس جو هي پهريون مشن آهي. آخري دفعو LUNA-24 ڪاميابيءَ سان چنڊ جي مٿاڇري تان موٽيو هو سوويت دور ۾، 170 گرام مٽي کڻي ويو هو، پر پوءِ مشن جي ناڪامي ۽ مالي مسئلن جي ڪري اهو پروگرام بند ڪيو ويو.
