دادو ۾ امن جي صورتحال ۽ غير محفوظ بڻيل عوام

تحرير محمد اسماعيل لانگاهه

دادو ضلعو بدامني جي حوالي سان سنڌ جي انتهائي خوفناڪ ضلعي جي حيثيت سان سُڃاتو ويندو رهيو آهي جنهن کي ويٽنام جي نالي سان سُڃاتو به وڃي ٿو, 80  واري ڏھاڪي ۾ دادو ضلعي ۾ ڌاڙيل ڪلچر اغوا وارداتن, قتل وغارتگري, بعد دادو ضلعو امن امان جي حوالي سان انتهائي خوف رکي ٿو, هن ضلعي وڏن وڏن نامي گرامي ڌاڙيلن کي جنم ڏنو جنهن غريب, امير, کي به نه بخشيو ان وقت ايترو هئو جو ملڪ جي حڪمرانن کي احساس هو ۽ عوامي شڪايتن جو ازالو ٿيندو هو, جيئن هن وقت هٿ وٺي عوام کي ڦريو لٽيو پيو وڃي ان وقت  ايئن نه هو, دادو ضلعي ۾ ڌاڙيل ڪلچر بعد ڏوهارين ماڻھن جي ننگن دنگن جو به خيال نه رکيو ڏينهن ڏٺي ماڻھن کي ڀُنگ عيوض کنڀيو ويندو هئو, ان وقت پوليس سياست توڙي سرادري نظام جي انهن ڏوهارين کي پُٺڀرائي بنھ ڄڻ  نه هوندي هئي, دادو ضلعو, لاڙڪاڻي کان ڪراچي تائين پکڙل هئو  بدامني جو ڪارڻ ان 80 واري  ڏھاڪي ۾ پهريون قبائلي جهيڙو لنڊ۽ لغاري برادري جي ڌُرين ۾ پکڙيو هو, جنهن ۾ ذات مار تحت ٻنهي قومن جي ماڻھن ذات مار ڪري ڪيترائي بيگناه ماڻھون ڪُٺا خوف وچان سڄو علائقو لڏپلاڻ ڪري شهرن ڏانهن هليو ويو, ان دوران وڏي پئماني تي هٿيارن جي نمائش ٿيندي رهي, جنهن ۾ ان چوڻي مطابق ته سُڪن بدران ساوا به سڙن ان قبائلي جهيڙي ۾ لنڊ لغاري قبيلي جي ماڻھن علائقي جي مسڪينن کي به نه بخشيو,  ظلم جي ان ڪاري رات جي نيٺ پُڄاڻي ٿيڻي هئي پوء نيٺ سرڪار به سجاڳ ٿي 80 واري ڏھاڪي ۾ پ پ حڪومت اقتدار ۾ اچڻ بعد دادو ۾ بدامني جو فوري طور نوٽس وٺي پوليس کي پاسي تي ڪري  ڌاڙيلن کي سيکت ڏيڻ لاء ڪمانڊو آپريشن ڪري پوري ضلعي اندر فوجي ڇانوڻيون قائم ڪري باقائده ڌاڙيلن خلاف رات ڏينهن هڪ ڪري ڪاروائيون ڪري علائقي ۾ دهشت بڻيل ڏوهارين کي ماري مُڃ ڪيو, جنهن بعد عوام سُڪون جو ساه کنيو, ۽ ان وقت ملڪ جي سيڪيورٽي کي غير ملڪي سرحدن تان ايتري ڇڪتاڻ نه هئي جيتري هن وقت آهي بحرحال ان وقت ڌاڙيل ڪلچر واري عروج کي زوال تي پهچائڻ ۾ پاڪ آرمي دادو ضلعي جي عوام مٿان وڏو احسان ڪري انهن ڏوهارين کي بلڪل نيست نابود ڪيو, اهڙي خوفناڪ ماحول مان ڪڍڻ کانپوء عوام ڪافي عرصي تائين سُک جو ساه کنيو, چونداآھن ته امن واري معاشري ۾ ھميشه ترقي ٿيندي آهي جتي عوام کي هروقت پنهنجي ساه جي لڳل هجي پنهنجن ٻچن ٻارن مال ملڪيتن جي لُٽجڻ جو خطرو هجي ان معاشري جو فرد ڪيئن ترقي ڪندو, ۽ جڏھن به سنڌ ۾ سنڌين يعني پ پ يا ڪنهن ٻي پارٽي جي حڪومت اقتدار ۾ رهي آهي , غريب عوام سان ظلم انتها تي ٿيندو رهيو آهي, ۽ ن ليگ حڪومت جڏھن به حڪومت ڪئي سنڌ جي عوام سُڪون واري زندگي گذاري آهي80 واري ڏھاڪي کانپوء مختلف وقتن تي دادو ضلعي ۾ امن جي بگڙيل حالتن کي بهتر ڪرڻ لاء رينجرس, ڪمانڊوز فورس ذريعي آپريشن به ڪيا ويا ۽ آهستي آهستي امن واريون راهون روان دوان ٿيڻ لڳيون ۽ ھن وقت دادو ضلعي ۾ بدامني ماڻھن جون جهڙي نموني ننڊو حرام ڪيون آهن ان تي وڌ کان وڌ خطرو ضلعي جي غريب بي سهارا ۽ بي پهچ ماڻھن کي آهي جنهن جون عزتون هن وقت داءُ تي لڳي چُڪيون آهن هرنيئن ڏينهن توڙي رات پوري ضلعي جي عوام جون سوشل ميڊيا تي ويڊيوز بيان وائرل ٿيندي پوء اسان جي پوليس انتظاميه ايتري ته ڪاهل ٿي وئي آهي جو انهن ڏوهاري ماڻھن کان غريب عوام جي جانين توڙي مال جي حفاظت خاطر ڪابه ڪاروائي عمل ۾ نه آندي آهي, پوري ضلعي جي پوليس ڏوهي وارداتن کانپوء ايئن لڳي رهي آهي ڄڻ ھُو هٿ سان ماڻھن جون ملڪيتون لٽائڻ ۽ڦرائڻ ۾ ٻٽ بڻيل آهي, جيڪا به واردات ٿئي ٿي, اها پوليس جي اکين آڏو ٿيڻ باوجود ڪابه ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي ڏوهارين اڳيان  پوليس جي ڪمزور هئڻ جا مختلف رايا به پيش ٿيندا رهيا آهن ته سياسي اثر رسوخ پوليس کي ڪمزور ڪيو آهي جيڪي ماڻھون امن خلل ۾ وجهن ٿا اهي يا ته سياسي طاقت جو پاسي وٺي وارداتون ڪن ٿا يا ته پوليس عملدارن جي اندروني طرح پاڻ ۾ ويڙھاند وارداتن جو سبب بڻجي ٿي جيڪي جنهن ۾ ڪارين رڍن جي نالي سان سڏجندڙ عملدار ڪنهن به ايماندار پوليس آفيسرن خلاف ڏوهاري ماڻھن سان ملي ڪري هٿ سان اهڙيون وارداتون ڪرائي سندن ڪارڪردگين کي داءُ تي لڳائين ٿا, يا ته پوليس جا اعلي آفيسر سياسي ڀوتارن جي تابعداري نٿا مڃين, ته سياسي ڀوتارن وٽ اهڙن ماڻھن جا گينگ هُجن ٿا جيڪي پوليس کي پنهنجي تابع بڻائڻ ۾ مدد ڏين ٿا, پوليس جي ناقص ڪارڪردگي به امن امان جي حوالي سان انتهائي ناقص ٿيندي پئي وڃي دادو ضلعي جو ڪوبه شهر وسندي واهڻ هن وقت محفوظ ناهي رهيو, روڊ رستا شهر ٽرانسپورٽ ڏوهاري ماڻھن هن وقت نوگو ايريا بڻائي ڇڏيا آهن, پوليس ۽ قانون نالي ڪا شيء نظر نه پئي اچي غريب عوام هن مهل ايتري ته غير محفوظ ٿي وئي آهي جو کين روڊن تي سفر ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي دادو ضلعو بدامني جي حوالي سان پراڻي تاريخ ورجائي رهيو آهي چئن تعلقن تي مشتمل ضلعي ۾  هزارين پوليس اهلڪار عوام جي جانين توڙ مال ملڪيتن جي تحفظ بجاء پنهنجي ڊيوٽين تان بلڪل غائب آهن سوين پوليس اهلڪار سياسي توڙي اعلي آفيسرن جي آشيرواد سان ويزائن تي ويٺل آهن جيڪي پنهنجي ڊيوٽين تي اچڻ بجاء هر مهيني منٿليون ڏين ٿا, ۽ پوليس ٿاڻا هيڊڪوارٽر دادو کان هلايا وڃن پيا, دادو ضلعي جا ٿاڻا ڏوڪڙن ۽ ڪميشن عيوض ايس ايڇ اوز کي ڏنا وڃن, جتي ٿاڻن ۾ غريب ماڻھن کي تيل جي گهاڻن جيان پيڙهيو وڃي ٿو, جتي پوليس ڀوتارن ۽ چڱن مڙسن جي تابعداري ۽ غريبن سان ظلم ڪندي رهي ٿي آخر جيڪڏھن عوام جا محافظ پنهنجي فرض سان غداري ڪري ويهن ته انهن ڏوهاري ماڻھن تي ڪهڙو ڏوھ ڏجي جيڪي ڏينهن رات ماڻھن جي عزتن ۾ ھٿ وجهي رهيا آهن دادو ضلعي اندر ڪچي ۽ ڪاڇي جا علائقا جتي ٿاڻن جو قدر قيمت ,سياست, سرداري نظام ماتحت هلايو وڃي پيو ٿاڻا۽ پوليس عوام جي حفاظت لاء آھن يا سياسي ۽ سرداري نظام جي سيڪيورٽي لاء جيڪڏھن سنڌ سرڪار کي سنڌ جي عوام سان مُحبت آهي ته هو اٽو, لٽو, اجهو نه پر مسڪين ماڻھن کي امن ڏئي, امن سان ئي هر ماڻھون جي عزت محفوظ رهندي ۽ ترقي ٿيندي باقي سنڌ جهڙي طريقي سان بدامني جي باه ۾ ٻري پئي ان باه کي وسائڻ  لاء پوليس نه سنڌ خاص طور دادو ضلعي جو عوام 80 واري ڏھاڪي جهڙو  آپريشن ۽ امن چاهي ٿو جيڪو خواب ساڀيان ٿيڻ لاء هر باشعور ماڻھون پراميد آهي

پهنجو تبصرو موڪليو