ثقافتي ۽ تعليمي ڪانفرنس جو احوال!

منٺار علي گهنڃو
سنڌ بلوچستان جي سنگم تي واقع باهو کوسو شهر هونئن ته هڙئي بنيادي مسئلن کان وانجهيل آهي پر تعليمي ميدان ۾ هي علائقو ڪنهن به طرح سان گهٽ ڪونهي, نج ٻهراڙيء ۽ انتهائي پسماندا شهر باهو کوسو تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي جنهن کي هي به اعزاز حاصل آهي ته هن نج ٻهراڙيء واري شهر انيڪ پڙهيل لکيل نوجوان پيدا ڪيا آهن جيڪي مختلف شعبن سان سلهاڙيل آهن, هن ئي علائقي ڊاڪٽر پيدا ڪري ڏنا آهن, انجنيئر پيدا ڪري ڏنا آهن, استاد وڪيل ۽ قابل شاگرد پيدا ڪري ڏنا آهن جنهن جي آبياري معياري ۽ بهترين تعليمي اداري شاھ لطيف اڪيڊمي ئي ڪئي آهي, شاھ لطيف اڪيڊميء منجهان ڦُٽي نڪتل گُل هر هنڌ خوشبو ڦهلائيندا رهن ٿا ۽ وري شاھ لطيف اڪيڊميء جو مُهندار ۽ باني استاد, اديب, شاعر ۽ سماجي سرت رکندڙ شخص اسان جو محسن سائين تبسم کوسو آهي جنهن انتهائي پٺتي پيل علائقي باهو کوسو اندر شاھ لطيف اڪيڊمي جو قيام عمل ۾ آڻي علم جو الم بلند ڪيو, علم جون ڏياٽيون روشن ڪيون آهن ۽ اوندھ ۾ لاٽ بڻيو, هي ذڪر ڪيل شاھ لطيف اڪيڊمي هر سال تعليمي ڪانفرنس ڪرائيندي رهندي آهي ۽ ٻارن منجھ لڪيل صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ کين سون ماڻهن آڏو اسٽيج تي بيهارڻ جو فن سيکاريندي رهندي آهي جنهن هر سال جيان هن سال به پنهنجي روايت کي برقرار رکندي ثقافتي ڏهاڙي جي نسبت سان ” تعليمي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ” جي عنوان سان پروگرام منقعد ڪيو آهي, ڏٺو وڃي ته سائين تبسم کوسو موقع مناسبت سان موضوع جو بهتر انتخاب ڪيو آهي ” ثقافت ۽ تعليم !” يعني ثقافت ۽ تعليم کي مرج ڪيو آهي, هونئن به ڏٺو وڃي ته ثقافت تعليم بنا اڌورو آهي, جيڪڏنهن اسان منجھ تعليم نه هوندي ته اسان ثقافت جو وجود برقرار نه رکي سگهندا سين, پر بهرحال سائين تبسم کوسو ۽ ان جي ٽيم پاران علي حسن هانڀي جي ميزبانيء ۾ ” تعليمي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ” جا انڊلٺي رنگ باهو کوسو ۾ نروار ٿيا ان ڏينهن اڪيڊمي ۾ پڙهندڙ ٻارن سنڌي پوشاڪ سفيد شلوار قميص ۽ سنڌي ٽوپي پهري آيا هئا جنهن سان سارو مانڊاڻ اجرڪ ۽ ٽوپي جي رنگن سان جرڪي پيو, پروگرام جو باقاعدا آغاز ننڍي مزمل حسين گهنڃي جي تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو, پروگرام ۾ ڪمپئيرنگ جا فرائض اڪيڊميء جي پرنسپل ساگر علي حسن هانڀي ۽ منٺار گهنڃو ادا ڪيا ان موقعي تي پروگرام ۾ شريڪ مهمانن هاء اسڪول ڳڙهي حسن جي هيڊ ماستر انور علي نوناري, هاء اسڪول باهو کوسو جي هيڊ ماستر محمد ايوب کوسو, پرائيمري اسڪول باهو کوسو جي هيڊ ماستر محمد رمضان گهنڃو , استاد اديب ۽ شاعر شاڪر کوسو, پرائيمري اسڪول عرض محمد ٽانوري جي هيڊ ماستر غلام علي ٽانوري , صدام حسين مرهيٽو , استاد فاروق احمد ڊومڪي, باهو کوسو ٿاڻي جي ايس ايچ او سليم خان پٺاڻ ۽ محمد شعبان جکراڻي کي مهمان طور اسٽيج تي ويهاريو ويو ۽ کين سنڌ جي مهمان نوازيء واري روايت موجب سنڌي اجرڪ پهرا ويا جڏنهن ته پروگرام کي ڪوريج ڪرڻ لاء پهتل مانوارن صحافين محمد حسن کوسو, نزاڪت علي ڪنراڻي , محمد موسا سرڪي, محمد علي گهنڃو , عبدالغني کوسو, ارشاد ڪنراڻي ۽ ٻين کي پڻ اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا, تهان بعد ننڍڙي شمائلا تبسم کوسو ٻاراڻو گيت ڳائي محفل کي مچائي ڇڏيو, ان بعد اسٽيج تان پروگرام جا ڪمپئير ساگر علي حسن هانڀي ۽ منٺار گهنڃو تقريري مقابلي جي نشست جو اعلان ڪيو ۽ تقريري مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ٻارن عباس رند, آصف نندواڻي, سڪندر کوسي, علي محمد ملڪ, راهب علي نندواڻي, اياز نندواڻي, خالد مبارڪ نندواڻي, اختيار نندواڻي, عرفان علي بمبل , اصغر نندواڻي, کي شاھ لطيف, شيخ اياز ۽ استاد بخاريء جي خوبصورت شاعريء سان ڊائيس تي سڏ ڪيو, تقريري مقابلي کي ججمينٽ ڪرڻ واسطي سائين تبسم کوسو جي مشوري سان اسٽيج تي ويٺل مهمانن مان ڳڙهي حسن هاء اسڪول جي هيڊ ماستر انور علي نوناري , باهو کوسو هاء اسڪول جي هيڊماستر محمد ايوب کوسو ۽ استاد , شاعر ۽ اديب شاڪر کوسو کي جج مقرر ڪيو اڪيڊميء جي شاگردن تمام زبردست تقريرون ڪيون ۽ تاڙين جي صورت ۾ داد وصول ڪيو, تقريري مقابلي واري نشست کان پو چٽا ڀيٽيء ( سوالن جواب جو مقابلو) ڪرايو ويو جنهن کي اي ۽ بي گروپ ۾ ورهايو ويو هو ٻارن تمام هوشياريء سان سوالن جا جواب ڏنا ان نشست بعد چئيرگيم ۽ ڦوڪڻا ڦوڪڻ جا مقابلا به ڪرايا ويا, حاضرين ۽ ٻارن نهايت دلچسپيء سان مقابلو ڏٺو آخر ۾ مهمانن انور علي نوناري , محمد ايوب کوسو, محمد رمضان گهنڃو , شاڪر کوسو, ايس ايچ او سليم خان پٺاڻ ,منٺار علي گهنڃو , فاروق ڊومڪي , زاهد فراز کوسو, ۽ ٻين خطاب ڪندي ٻارن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي, داد ڏنو ۽ سندن صلاحيتن کي مڃيو ۽ سائين تبسم کوسو جي محنت جي واکاڻ ڪئي هنن خطاب ۾ چيو ته باهو کوسو جهڙي پٺتي پيل نج ٻهراڙيء واري علائقي ۾ سائين تبسم کوسو ٻارن ۾ وڏي صلاحيت پيدا ڪئي آهن ۽ ٻارن جي لڪيل صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ لاء کين ههڙي قسم جا پليٽ فارم مهيا ڪري ڏنا جنهن تي هو زبردست جس لهي, هنن چيو ته واقعي ڏٺو سين ته شاه لطيف اڪيڊمي باهو کوسو جي ٻارن ۾ بي پناھ ٽيلينٽ آهي مستقبل ۾ هي ڪنهن وڏي عهدي تي پهچي سگهن ٿا, پروگرام جي آخر ۾ پوزيشن کڻندڙ ۽ سٺي ڪارگردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ ايوارڊ به ورهايا ويا

پهنجو تبصرو موڪليو