تعليمي درسگاھن ۾ خوفزده طالب علم ۽ تعليم کاتي جا عملدار

عاجز انور لاشاري
سنڌ ۾ اڪثر ڪري ڏٺو وڃي ته تعليمي درسگاھون سنڌ جي ھر شھر توڙي ڳوٺ ۾ سنڌ سرڪار جي بي ڌياني سبب عمارتون زبون حالي سبب کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳن ٿيون جن جو تعميراتي ڪم ڪافي سالن کان ناھي ڪرايو ويو ۽ نه ئي تعليمي وزيرن آن بابت ڪو فوري نوٽس پڻ ورتو اھا ڳاله مڃڻ جوڳي آھي ته عدالتن ۾ ويٺل معززان جج صاحبان وقتن بوقت زبون حالي اسڪولن جي خبر اخبار ۾ ڇپجڻ بعد نوٽس وٺي ان اسڪول جو جائزو وٺي تعليم کاتي کي پرسنلي رپورٽ موڪلي زبون حالي جا سبب پڻ پڇا پر اھي سموريون ڪاروايون ۽ انڪوائري ڪاغذن جي نظر ٿي پراڻي فائيلن ۾ ڌٻجي بنڌ ڪيون وڃن ٿيون جيتوڻيڪ تعليمي درسگاھون جتان کان ھر اعلي اڄ جو عملدار توڙي سياسي ليڊر وزيز منسٽر پڻ پڙھي پاس ٿي اڳتي نڪتو آھي پر پويان وري ڪڏھن به ڪنھن پنھجي ماضي واري اسڪولن جي عمارتن طرف ڪا نظر نگاھ پڻ ناھي ڪئي ڇاڪاڻ جو اڄ جو اعلي پوسٽن تي فائض مقرر بڻيل ھر اھو آفيسر مصروف ۽ خودغرضي جو شڪار پڻ آھي اھڙي طرح سان اڄ ھر سنڌ جي تعليمي درسگاھ بي يارو مددگار ڏسڻ لا۽ ملي ٿي تلھار ويجھو ڪيترائي سرڪاري اسڪول تعليم کاتي واري لسٽ مان خارج ڪيا ويا آھن پر جيڪي لسٽن ۾ شامل آھن انھن وٽ ڪا به عمارت ئي ناھي جي پي ايس عبدالرحمن نظاماڻي اسڪول جيڪو تلھار بدين روڊ کان اڀرندي طرف ھڪ ڪکاوين جھوپڙي ۾ قائم آھي اھو اسڪول ان ڪکاوين جھوپڙي کان پڻ محروم ھو نئين استاد شعيب احمد کٽي ڳوٺاڻن جي مدد ۽ ايس ايم سي فنڊ جي مليل مدد سان ڪاٺين واري ڳوٺاڻي اوطاق ٽائيپ اسڪول بڻايو آھي جتي پڙھائي زبردست نموني سان ھلي رھي آھي سوال اھو ناھي ته اتي پڙھائي زبردست آھي پر سوال اھو آھي ته ان اسڪول جي عمارت ڪٿي آھي ڇا ان جي پي ايس عبدالرحمن نظاماڻي کي ڪافي سالن کان ڪائي عمارت ئي ناھي ملي جيڪڏھن ملي ھئي ته اھا ڪٿي نست نابوت ٿي ء ان جا نانء نشان پڻ نظر نٿن اچن آئين لڳي ٿو جھڙوڪر ڪو ھن ڳوٺ ۾ اسڪول ئي نه ھو اھڙي طرح مريد گيلڙو ون ۽ ٽو ۾ پڻ ساڳي ريت اسڪولي بلڊنگ سواليه نشان ئي بڻيل آھي گذريل ڏينھن تلھار ويجھو يونين ڪائونسل پيرولاشاري ۾ ھائير سيڪيڊري اسڪول ۾ صبح ساڻ پڙھائي دوران ڇت جا ٿلھا چاپڙ شاگردن جي وچ ۾ ڊھي پيا ان دوران شاگردن جي دماغي ڪيفيت خوف م ورتل ھئي بي خوف زندگيون جيڪي گھران ڪافي ڪلوميٽر پنڌ ڪري جھڙوڪر اھڙين زبون حالي عمارتن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاء زندگيون وڃائڻ لا۽ اچن ٿيون سنڌ سرڪار توڙي وفاقي حڪومت کان ئي سوال آھي ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ زھر جا وڏا وائن شاپ جيڪي ڪاروباري مرڪز بڻيل آھن انھن مان به سرڪار پنھجو ٽئيڪس جي آڙ م حصو وٺي انھن وائن شاپن کي سيڪورٽي سھولتون ۽ آسانيون پڻ مھيا ڪري ٿي ڪافي اھڙا به ادارا آھن جيڪي غيرفعال آھن انھن جون ڪروڙن ۾ بلڊنگون تياري ڪري ڀوت بنگلا بڻائي ڪوٽائون پوريون ڪيون وڃن ٿيون پر ڇو تعليمي درسگاھون سرڪار جي نظر ۽ ڌيان کان پري آھن ڇا ملڪ ۾ فقط فحاشي اڏا توڙي وائن شاپ ئي ضروري آھن تعليمي درسگاھون نھ آخرڪار ڇو، سرڪاري آفيسون جتي ائيرڪنڊيشن سميت لکين روپين جو بي فضول فرنيچر جو خرچ جتي سرڪار ڀري سگھي ٿي اتي زبون حالي اسڪولن جون عمارتون تعمير ھزارين روپين ۾ ڇو نٿيون ڪرائي سگھجن ڇا تعليمي فقدان جو ڪارڻ ڪٿي اسڪولي بلڊنگون ته ناھن چاڪان جو معصوم ٻار توڙي استان سھولتن جي اڻھونڌ باوجود ڏکائين ۾ تعليمي عمل کي جاري رکن ٿا نئين ٺھندڙ حڪومت کي پرزور اپيل آھي ته خدارا اقتدار م اچي پھريان سنڌ جا زبون حالي جا شڪار بڻيل اسڪول نظر ۾ رکجو ۽ جيڪي بنا عمارتن جي سرڪاري اسڪول ڪکاوين جھوپڙين ۾ قائم ڪيل آھن انھن کي لازمن پڪو ھن دفعو ڪرائيجو جيئن ملڪ ۾ ملڪ جو معمار تعليم کان محروم نه رھي سگھي ۽ انھن جون زندگيون پڻ محفوظ رھن

پهنجو تبصرو موڪليو