بلاول جي دبئي ياترا ۽ سوشل ميڊيا تي ڇڙيل بحث..!؟

شاهد علي راڄپر
خيبر پختون خواه جي دوري بعد پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ اختلافن جون خبرون سوشل ميڊيا سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ سرفهرست آھن جڏهن تہ خيبرپختون خواه ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارن جلسي جي خطاب ۾ اهي الفاظ واضع چيل آھن تہ بزرگن کي گهرجي تہ نوجوان قيادت کي موقعا ڏنا وڃن جيئن ملڪ معاملا حل ٿي سگهن ڏٺو وڃين تہ اڳوڻو صدر پ پ پ پ چيئرمين آصف علي زرداري پاڪستاني سياست جي هڪ قدآور شخصيت آھي جنهن جا تقريبن يارهن سال جيل ۾ بيگناه گذريا ھئا پر اها بہ هڪ حقيقت آھي تہ مرڪز ۾ پنج سال ۽ سنڌ ۾ لڳاتار پندرهن سال پ پ پ جي بادشاهي رهي آھي ان حساب سان ڏٺو وڃين تہ اڳوڻو صدر جيل ۾ تہ يارهن سال گذاريا پر اقتدار پندرهن سال سنڀاليو آھي ۽ ٿي سگهي ٿو تہ اڳوڻي حڪومت پ پ پ جي هجي پر جيڪڏهن مرڪز ۾ مضبوط حڪومت پ پ پ جي نہ ٺھي سگهي تہ سنڌ ۾ تہ ضرور ٺھندي پر سنڌ ۾ مضبوط حڪومت تڏهن ئي ٺھي سگهي ٿي جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي پاران نوان چھرا ميدان ۾ لاٿا ويندا ۽ تقريبن ضرورت ان ڳالھ جي بہ آھي تہ پ پ پ قيادت کي گهرجي تہ هن ڀيري ٽڪيٽون سيد سڳورن سان گڏ ٻين کي بہ ڏنيون وڃن ڇاڪاڻ تہ سيد سڳورن کان سواء ٻين برادرين جي اڳواڻن کي ٽڪيٽون نہ ملڻ سبب ٻي خلق خدا ۾ بہ احساس محرومي سان گڏ نفرت جي باھ ڀڙڪي ٿي ۽ پ پ پ ڀرپور ڪاميابي گهرجي تہ قيادت کي ان طرف توجع ڏيڻ جي پڻ ضرورت آھي تہ سنڌ اندر رهندڙ سوين برادريون آھن جن جا سردار پڻ پ پ پ کان پاسيرا آھن سنڌ ۾ پيري مريدي تہ ووٽ ملندو هئو پر هاڻي اهو وقت گذري چڪو آھي جڏهن مرشد ابا بابا ڪري ۽ قيامت جا خوف ڏئي اٻوجھ طبقي کي يرغمال بڻائي ويٺا هئا ۽ ووٽ وٺي گم ٿي ويندا هئا ۽ وٽن ملڻ جو ٽائيم بہ هوندو آھي پر هي ٽائيم ماضي کان گهڻو مختلف آھي ان لاء ھن وقت جيڪا سنڌ اندر سوچ ھلي رهي آھي هر ماڻهون چاهي ٿو تہ صوبائي ايوان سميت ايوان پاڪستان ۾ اسان جي راڄ جو ڪو ماڻهون هجي تہ جيئن اسان فخر سان چئي سگهون تہ اسان جو آواز ايوان بالا تائين پهچي سگهي ٿو حالانڪہ آھن اهي خيالي پلاء پر پوء بہ تقريبن عوامي راء جا اهي ئي ويچار آھن،
ن ليگ سربراه نواز شريف جي ڏيھ ورڻ کان پوء پاڪستاني سياست جو وايو منڊل ئي تبديل ٿي ويو آھي ۽ جيڪڏهن سنڌ جا سردار ۽ ايجيوڪيڊٽ نوجوان ميان نوازشريف پاڻ ڏي ڪري ويو تہ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ملي سگهي ٿو ان پاڪستان پيپلز پارٽي کي 2024ع جي اليڪشن ۾ بيهڻ کان پيهرين مضبوط حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ڇاڪاڻ تہ سنڌ اندر پنهنجو اثررسوخ رکندڙ ڌرين وٽ ن ليگ طرفان شموليت جون دعوتون ملي رهيون آھن ۽ جڏهن دعوتن کي موٽ ملڻ شروع ٿي وئي تہ پ پ پ کي چونڊن ۾ شديد مشڪلاتن مان گذرڻو پوندو ڇاڪاڻ تہ گذريل پندرهن سالن ۾ سنڌ جي عوام کي ڪوبہ ریلیف ناهي ملي سگهيو سٺا روڊ رستا نہ ملي سگهيا، صحت کاتي پاران پندرهن ئي سال دوائن جي کوٽ ۽ اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي غيرحاضري رهي، طاقتور ڌرين 2021ع جي برساتن دوران پنهنجن فصلن کي بچائڻ لاء ھيوي جهٽا ۽ موٽر هڻائي پاڻيء جو منهن غريب آبادين طرف ڪري ڇڏيو جڏهن تہ اگر اهو برساتي پاڻي فصلن مان ڪڍيو وڃين هان اهو برساتي پاڻي زمين جذب ڪري وڃين هونئن بہ وڏڙا چوندا آھن تہ “برساتي ۽ دٻي جو پاڻي آ سڪي ويندو ´´ ان ٻچواڻي مطابق سڪي وڃين هان مگر هنن بااثرن پنهنجا فصل بچائڻ بهتر سمجهيا ۽ غريبن کي برساتي پاڻي ۾ لوڙھائي ڇڏيو،
جڏهن تہ ان کان وڌيڪ ڪيس تہ اهو ڪيو ويو جو پاڻ تہ هٿ وٺي عوام کي ٻوڙايائون ۽ سنڌ سرڪار پاران مليل فنڊ تہ گم ڪري ڇڏيا پر عالمي ادارن تنظيمن سميت ٻين ملڪن کان مليل امداد پڻ ڪاغذن ڪاروائي ۾ مٿي ڏيکاري ڳڙڪائي ويا ۽ عوام کي اهائي امداد ۽ مدد ملي سگهي جن تنظيمن وڏيرن ۽ سياستدانن بجائي پنهنجن ماڻهن هٿا تقسيم ڪئي صرف اهائي امداد عوام تائين رسي سگهي باقي ´´ڪل پيران دا خير“ ٿي ويو.
سوچڻ جي هي ڳالھ بہ آھي تہ بلاول ڀٽو زرداري ڪافي حد تائين سٺو سوچي رهيو آھي ۽ وڏن کان بہ اهائي ڊيمانڊ ڪري رهيو آھي تہ کيس پارٽي متعلق پاڻ فيصلا ڪرڻ ڏنا وڃن ۽ موجوده حالتن ۾ صدر آصف علي زرداري کي پڻ ان طرف ڌيان ڏئي پيچيدگيء سان سوچڻ جي ضرورت آھي،
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري هڪ نجي چينل کي انٽرويو ڏيندي اهو موئقف اختيار ڪيو آھي تہ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڃان ميچوئر نہ ٿيو آھي اهو چوڻ بلڪل بہ موجوده حالتن ۾ نفي آھي ۽ ان جملي جا بلاول ڀٽو زرداري جي سياست تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اوچتو دبئي روانو ٿيڻ بہ هڪ سوال آھي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٿري پيز ۽ فور پيز جو فرق ٻڌايو ۽ چيو تہ پيءُ پيءُ هوندو آهي ۽ پٽ پٽ ھوندو آھي هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو تہ ته پ پ اليڪشن وڙهندي ۽ ان جي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جا اختيار بلاول وٽ نہ پر مون وٽ آهن، بلال کي بہ جيڪا ٽڪيٽ جاري ٿيندي ان تي بہ صحيح منهنجي هوندي آصف علي زرداري جي انٽرويو جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايڪس (ٽوِئيٽر) تي پنهنجي پروفائيل تبديل ڪري ڇڏيو ۽ نئين تصوير جيڪا پهرين پروفائيل تصوير هئي جنهن ۾ محترمہ بينظير ڀٽو کي بلاول جي ڪلهن تي هٿ رکي مرڪندي ڏسي سگھجي ٿو ۽ ڄڻ تہ بلاول ڀٽو ڪنهن کي اهو پيغام ڏئي رهيو آھي تہ منهنجي ماءُ مون سان گڏ آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دبئي پڻ روانو ٿي ويو آھي ۽ آصف زرداري جي انٽرويو جي ڪجھ ڪلاڪن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري دبئي روانو ٿيڻ سواليہ نشان آهي جنهن متعلق سوشل ميڊيا بحث پڻ شروع ٿي ويو آهن،
جڏهن تہ آصف علي زرداري پاڪستان جي سياست جي هڪ قدآور شخصيت هوندي پنهنجي ئي جانشين جي نالي اهي لفظ نٿا سونهن جيڪڏهن ائين ڪري چئي هان تہ بلاول سياست ۾ نئون آھي ۽ ساڻس صلاح ۾
مصلحت بعد قدم کڻندو آھي تہ اهو وڌيڪ بهتر ۽ سگهارو جملو هجين هان پر چوندا آھن تہ سياست ۾ ڪا بہ شئي آخري ناهي هوندي جڏهن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نجي چئنل کي اهو بہ چوندي ٻڌو ويو آھي تہ پارٽيون ٻہ آھن هڪ پ پ پ ۽ ٻي پ پ پ پ يعني هڪ پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آھي ٻي جمائت پاڪستان پيپلز پارٽي پارلياماني ۽ آخر زرداري صاحب ٻن پارٽين جو ذڪر آخر ڇو ڪيو آھي ڇا سوچڻ جي ڳالھ ھيء بہ آھي تہ ڇا واقعي ميڊيا جي مختلف ذريعن تي هلندڙ افواه حقيقت تي تہ ٻڌل نہ آھن ۽ ڇا پيء ۽ پٽ جا سياسي رستا الڳ تہ نہ ٿي چڪا آھن ۽ ڇا هن ڀيري 2024ع واري اليڪشن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ٿيندڙ بيلٽ پيپر ۾ ڪٿي تير ۽ تلوار جا نشان ٻئي شامل تہ نہ ٿيندا ؟
۽ اهو بہ هڪ سوال آھي تہ ڇا پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين هڪ ٻئي جي آمهون سامهون مد مقابل ٿي تہ نہ بيهنديون ؟
جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اميدوار بيهارين ٿا تہ ڪاميابي پاڪستان پيپلز پارٽي کي ملندي يا پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين يا هنن اختلافن جو فائدو ڪا ٽين ڌر کڻي ويندي جڏهن تہ مرڪز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جو مقابلو ن ليگ، ق ليگ، پي ٽي آئي ۽جمائت اسلامي سان آھي جڏهن تہ سنڌ صوبي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جو مقابلو پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ، ايم ڪيو ايم پاڪستان، ايم ڪيو ايم حقيقي ، جي ڊي اي ، سرداري نظام، ن ليگ، ق ليگ، پي ٽي آئي ۽جمائت اسلامي ۽ عوام جي ڏکن سان آھي جنهن لاء اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي دانشمنداڻي صلاحيت سان فيصلا ڪرڻ گهرجن تہ جيئن بلاول ڀٽو زرداري کي چونڊ مهم کان چونڊ نتيجن تائين مشڪلاتن کي حوصلي سان منهن ڏيڻ ۾ ھمت ملي ٻي صورت ۾ ڪٿي پندرهن سالن واري ڪارڪردگي جي رزلٽ نہ سامهون اچي هاڻي ڏسجي تہ بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ٽي ۽ چار پ جو فرق ختم ڪن ٿا يا هي چونڊون پاڪستان جي تاريخ جون يادگار چونڊون ثابت ٿينديون جڏهن تہ ذريعن موجب تہ بلاول ڀٽو زرداري کانپوءِ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پڻ دبئي پهتل آهي ياد رهي تہ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبر پختون خواه جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد دبئي روانو ٿي ويو هئو.

پهنجو تبصرو موڪليو