بغير کڙڪي وارا جهاز اسڪرين تي ٻاهر جا منظر ڏيکاريندا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) فضائي سفر دوران اڪثر ڪري مسافرن وچ ۾ کڙڪي واري سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ جهڳڙو ٿيندو رهندو آهي ۽ گهڻا مسافر سيٽ بُڪ ڪرائڻ وقت خصوصي طور کڙڪي واري سيٽ حاصل ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريندا آهن ته هو فضائي سفر ۾ مٿانهين کان ٻاهر جا منظر ڏسي لطف اندوز ٿين. مسافرن جي اهڙي شديد خواهش کي مد نظر رکندي هڪ برطانوي ٽيڪنالوجي فرم جدت آڻيندي مستقبل ۾ جهازن کي اهڙي طرح ڊيزائن ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي جنهن سان جهاز جي چئني پاسن کان خوبصورت منظر ڏسي سگهبا. هن نئين ٽيڪنالوجي ذريعي مستقبل ۾ جهازن جو کڙڪيون ختم ڪيون وينديون ۽ سڄو جهاز او ايل اي ڊي ٽچ اسڪرين سان ڍڪجي ويندو جنهن سان هر سيٽ تي ونڊو سيٽ بڻجي ويندي. اها ٽچ اسڪرين جهازن ۾ ٻاهر لڳل ڪئمرائن سان منسلڪ ئي ويندي جيڪا هر سيٽ تي هر طرح جا سفر ۾ ايندڙ مناظر ڏيکاريندي جڏهن ته مسافر پنهنجي مرضي مطابق ٽچ اسڪرين ڏسڻ بجاءِ انٽرٽينمينٽ سسٽم ذريعي ٻيا پروگرام ڏسي سگهندا. جيڪڏهن توهان او ايل اي ڊي جي باري ۾ نه ٿا ڄاڻو ته پوءِ توهان کي ٻڌائيندا هلون ته “آرگينگ لائٽ ايمٽنگ ڊايوڊ” جو مخفف آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته ان ۾ نامياتي مرڪبات تي مشتمل هڪ اهڙي سنهڙي فلم هوندي آهي جنهن مان بجلي گذرندي آهي ته هو روشني خارج ڪندي آهي. اها ٽيڪنالوجي ٽيلي ويزن، ٽيبليٽ ڪمپيوٽر، موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر مانيٽر ۾ استعمال ٿي رهي آهي. جيستائين اهو جهاز حقيقت ۾ تيار ڪيا ويندا اميد آهي ته تيستائين ان کان وڌيڪ جديد ۽ بهتر او ايل ڊي ڊسپلي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو