ايوبي آمريت جو عظيم ڪميونسٽ شھيد حسن ناصر

طفيل مگسي
اڄ ھڪ اهڙي بي مثال ۽ لازوال هستي جي ذڪر ڪرڻ جي جسارت ڪندس يعني ان عظيم انقلابي هستيء جو جنهن سماج جو ڦيثو هلائڻ واري محنت ڪش انسانن جي سوڙھين ۽ اونداهين وسندين ۽ ڌرتيء جو سينو چيري ڪري اناج اپائڻ وارن هارين جي ڌوڙ اڏائيندڙ ٻھراڙين کان ڏور هڪ سمورين آسائشين سان ٽمٽار محل ۾ اک کولي.هن کي لکين ڪروڙين محنت ڪشن جي ڀيٽ ۾ زندگيء جون سموريون آسائشيون ۽ سهوليتون ميسر هيون۽ جيڪڏھن هو چاهي ها ته زندگي کي انهن خوشين.آسائشن ۽ سهوليتن ۾ گهاري ڇڏي ها.مگر هن هڪ ٻيو رستو اختيار ڪيو يعني انقلاب جو رستو هو يعني اهڙو انقلاب جنهن کي مزدور طبقو ئي برپا ڪري ٿي سگهيو هو.يعني اهو مزدور راڄ جي قيام.جو رستو هو.۽ ھن رستي تي گلن جي سيجه وڇآيل نه هئي بلڪ هتي وک وک تي قائم ظالم طبقن ۽ انهن جي پٺوئن جا ڦاسي گهاٽ.ڪال ڪوٺڙيون.انسانيت سوز ٽارچر ڪيمپون ۽ زندان هئا.مگر هن بهادر نوجوان سڄي دنيا جي اڻ ڳڻين عظيم انسانن جيان هرقسم جي محلاتن.تخت وتاج کي ٺوڪر هڻي ڪري انهيء رستي جي چونڊ ڪئي.جتي سماج جي ڪرنگهي واري حيثيت رکندڙ يعني محنت ڪش طبقو آزاد ٿي سگهي.مڪر وفريب.ڪوڙ.ظلم و جبر ۽ هڪ انسان جي ٻيئي انسان تي استحصال تي مشتمل اها دنيا جنهن کي سرمائيدار طبقو“رنگ و نور“جي دنيا قرار ڏيئي ٿو.هن ان ۾ لڪل اونداهين کي ڄاڻي ورتو هو.ان ڪري هو انهيء رستي جي خالق مگر اونداهين گهرن جي رهواسين محنت ڪشن جي زندگين ۾ تبديلي جو علمبردار بڻجي ويا.انهيء ڏوھ جي پاداش ۾ اڄ کان 57 سال اڳ هن عظيم اڳواڻ جنهن جي عمر 32سال به نه هئي.اونداهين جي ديوتائن لاهور جي شاهي قلعي ۾ ڦاسي جو تختو تحفي ۾ ڏنو.ليڪن اها ٻي ڳاله آھي ته هو مري نه سگهيو.ڇاڪاڻ ته ھو سماج جي زندگي جي ضامن مزدور طبقي جو نمائندو هو.محنت ڪش طبقي جي هن عظيم شھيد کي اسان ڪامريڊ حسن ناصر جي نانء سان سڃاڻون ٿا.جنهن 2آگسٽ 1928ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ جنم ورتو.سندس بابا سيد علمردار مختلف وقتن ۾ حيدرآباد جي مهاراجا پرشاد بهادر ۽ مرزا اسماعيل حيدري ۽ مير لائق علي جو پرائيويٽ سيڪريٽري رهيو هو.جڏھن ته سندس امڙ زهره علمدار جو تعلق به حيدرآباد جي هڪ نواب گهراڻي سان هو.وات ۾ سون جو چمچو وٺي ڪري جنم وٺڻ واري حسن ناصر جي پرورش ھڪ اهڙي ماحول ۾ ٿي.جنهن جو برصغير جي محنت ڪش عوام جي اڪثريت ڪڏھن تصور به نه ڪيو هوندو ۽ اها طرز زندگي صرف سرمائيدارن.جاگيردارن.نوابن ۽ مهاراجائن جي اقليت سان هئي.ان ماحول ۾ پرورش حاصل ڪندي حسن ناصر شروعاتي تعليم گرامر اسڪول کان ڪئي ۽ بعد ۾ سينيئر ڪيمبريج جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيو.هن جو شمار ذھين ترين شاگردن ۾ ٿيندو هو ۽ پاڻ ھڪ سٺو مقرر پڻ ھو.انٽرميڊيئيت هن هندستان جي مشھور درسگاه علي ڳڙھ کان ڪئي.۽ پوء بي اي ڪرڻ جي لاء حيدرآباد جي نظام ڪاليج ۾ داخل ٿيو.ان زماني ۾ ھن جو ماسات ڪوڪب دري به هن سان گڏ ھو ۽ سندس ئي عمر جو هو.ڪوڪب دري هڪ انقلابي نوجوان هو.جيڪو محنت ڪش طبقي جي انقلابي تعليم ۽ نظريي کان چڱي ريت واقف هو.انهيء ڪوڪب دريء سان گڏ رهي ڪري حسن ناصر محنت ڪشن جي نظرياتي علم يعني مارڪس ازم ۽ لينن ازم کان واقف ٿيو.هاڻي هو اڳ وارو حسن ناصر نه هو بلڪ هن هندستان جي محنت ڪشن جي انقلابي پارٽي“ڪميونسٽ پارٽي“۾ شموليت اختيار ڪري ورتي ۽ سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام جي خاتمي ۽ مزدور راڄ جي قيام جي لاء عملي طور تي ڪم جي شروعات ڪئي.1946ع ۾ صرف 18 سالن جي عمر ۾ ھو حيدرآباد اسٽوڊنٽس يونين جو اڳواڻ ھو.۽ انهيء سال جڏھن برطانوي سرڪار آزادي جي تحريڪ جي عظيم اڳواڻن سڀاش چندر بوس جي“انڊين نيشنل آرمي“جي اڳواڻن تي ڪيسن جي شروعات ڪئي ته حسن ناصر ان جي خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي جلسا.جلوس.۽ مظاهرا ڪيا.1946ع جو سال هندستان جي تاريخ جو هڪ انقلابي سال هو ۽ اهوئي ئي اهڙو سال هو ته جنهن جي شروعاتي مهينن ۾َ بمبئي جي جهازين پنهنجي مشھور هڙتال جي شروعات ڪئي.جيڪا“جهازين جي بغاوت“جي نالي سان مشھور ٿي هئي.۽ ان جو دائرو سڄي هندستان تي پکڙيل هو.ان بغاوت کي برطانوي سامراج تشدد جي وسيلي دٻايو.۽ بمبئي جا رستا مزدورن ۽ انهن جي اڳواڻن جي رنگ سان رنگين ٿي ويا.سرمائيدارن وجاگيردارن جي مفادن جي ترجماني ڪرڻ وارين پارٽين“ڪانگريس“۽ “مسلم ليگ“ان موقعي تي مزدور انقلاب کان خوفزده ٿي ڪري اها هڙتال ختم ڪرائڻ جي لاء برطانوي سامراج جي بي انتها مدد ڪئي.ٻيو اهم واقعو پاڻ حيدرآباد جي ڌرتي تلنگانه تحريڪ جو ظھور هو.هارين جا انهن ڏينهن ٽي ئي نعرا“زمين.آزادي ۽ جهموريت“۽ ان تحريڪ هٿياربند رنگ اختيار ڪيو هو.اها تحريڪ هندستان جي جي ورهاست کانپوء ڪافي عرصي تائين جاري رهي.۽ اهي ئي واقعا حسن ناصر کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ راضي ڪرڻ جا سبب بڻيا.انقلابي سرگرمين جي نتيجي ۾ سرڪار هن جي دشمن ٿي وئي ته هو روپوش ٿي ويو.۽ بعد ۾ حيدرآباد دکن کان بمبئيء جي مزدورن ۾ انقلابي ڪم ڪرڻ ھليو ويو.جتي هن ڪافي عرصي تائين انقلابي فڪرن جي پرچار ڪئي.آگسٽ 1947ع ۾ برطانوي راڄ جي خاتمي ۽ برصغير جي ورهاڱي کانپوء جڏھن محنت ڪشن جي پارٽي“ڪميونسٽ پارٽي“جي اڳواڻ سجاد ظھير پاڪستان ۾ مزدورن جي جماعت منتقل ڪرڻ جي لاء هيڏانهن جو رخ ڪيو ته ان سان گڏ اچڻ وارن نوجوانن ۾ حسن ناصر پڻ شامل هو.اهو سيپٽمبر جو مهينو هو.پاڪستان اچڻ کانپوء هن انقلابي نوجوان سنڌ جي شھر ڪراچي ۾ قيام ڪيو.هو هتي جنهن انقلابي مقصد جي خاطر آيو هوان جي لاء ھن اڻٿڪ محنت ڪئي.هن جو تلنگانه جي انقلابي ڌرتي سان هو.جتان جي بهادر هارين جي تحريڪ هڪ دنيا کي متاثر ڪيو هو.جيتوڻيڪ هو سنڌ ۾ ھڪ ٻئي تلنگانه کي جنم ڏيڻ جي لاء ھاري تحريڪ ۾ سرگرم ٿي ويو.ان سان گڏوگڏ ھن صنعتي مزدورن ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو.انقلابي شاگرد اڳواڻ جي حيثيت سان مزدور سياست ۾ قدم رکڻ وارو ڪامريڊ حسن ناصر هاڻي هارين ۽ مزدون جو اڳواڻ ھو.هو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ۽ ڪراڇي جو سيڪريٽري هو.1949ع ۾ جڏھن پورٽ ٽرسٽ۽ ٽراموي جي مزدورن جي هڙتال جي سلسلي ۾ پارٽي اڳواڻ گرفتار ڪياويا ته ان موقعي تي حسن ناصر روپوش ٿي ڪري نه صرف سرگرميون جاري رکيون بلڪ پارٽي جون تنظيمي ذميواريون به پوريون ڪندو رهيو.1951ع۾ محنت ڪشن جي پارٽي جي سيگرمين کان خوفزده ٿي ڪري جاگيردارن .سرمائيدارن ۽ عالمي سامراج جي مفادن جي ترجماني ڪرڻ وارن حڪمرانن جي ايمان تي انقلابين جي خلاف ظلمن جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن ۾ ڪافي انقلابين کي“راولپنڊي سازش ڪيس “جي نالي تي جيلن ۾ وڌو ويو.جنهن ۾َحسن ناصر به شامل هو ۽ وري کان پارٽي جي انقلابي جدوجهد ۾ مصروف ٿي ويو.1951ع ۾ حڪمرانن امريڪي سامراج جي خاطر ٻيا مزدور دشمن قدم.کنيا.انهن ۾ ھنن“ڪميونسٽ پارٽي“تي غيرقانوني بندش به هنئي. هڪ ڀيرو وري انقلابين جي خلاف گرفتارين جي شيوعات ٿي ته حسن ناصر کي به گرفتار ڪيو ويو.۽ جنهن کي ڪميونسٽ پارٽي کان لاتعلقي اختيارڪرڻ جي لاء چيو ويو.جنهن جو ھن صاف انڪار ڪري ڇڏيو نيٺ 13نومبر 1955ع ۾ حسن ناصر کي پاڪستان کان ٻن سالن تائين جي لاء ملڪ بدر ڪيو ويو.جيڪو عرصو هن حيدرآباد دکن ۾ گهاريو.ڪامريڊ حسن ناصر 1957ع ۾ هندستان جي ساٿين جي منع ڪرڻ جي باوجود واپس پاڪستان اچي ويو ته جيئن محنت ڪشن انقلاب جو ڪم جاري رهي.هتي هڪ ڀيرو وري هن روپوشي جي عالم ۾ سرگرمين جي شروعات ڪئي.۽ اهو سمورو عرصو مزدورن جي وچ ۾ گهاريائين.ان زماني ۾ جڏھن نيشنل عوامي پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو ته پارٽي جي فيصلي جي مطابق حسن ناصر ان جو آفيس سيڪريٽري بڻجي ويو.1858ع ۾ ايوب خان جي مارشل لا لڳي ۽ وري هڪ ڀيرو وڏي پيماني تي انقلابين جي خلاف ظلم وستم جو سلسلو شروع ٿي ويو.ڪافي انقلابي گرفتار ٿي وياجڏھن ته ڪافي روووش ٿي ويا.جن ۾ حسن ناصر کي6آگسٽ1960ع ۾ ڪراچي منجهان گرفتار ڪيو ويو ۽ ھن کي لاهور جي بدنام زمانه شاهي قلعي ۾ منتقل ڪيو ويو.مغل دور ۾ تعمير ٿيڻ وارو شاهي قلعو سدائين کان انقلابين ۽ باغين جو زندان ۽ مقتل رهيو آھي.انهيء جاء تي انگريزن آزادي جي پروانن کي مسلسل قيد ڪري انهن تي ظلم وستم جا وهاڙڪيرايا هما.مگر اهوئي ئي اهڙو مقام آھي جنهن کان آزادي جا سپوت ۽ انقلابي سرخرو ٿي نڪتا.ڪڏھن پنهجن پيرن تي ته ڪڏھن سوليء تي سرفراز ٿيا.انهن ۾ ڀڳت سنگه کان وٺي ڪري سڀاشچندر بوشجا ساٿي جي پرڪاش نارائن.بابا کورک مک سنگه ۽ حسن ناصر جهڙا انقلابي شامل آھن.جيڪڏھن ورهاڱي کانپوء انگريزن جي ئي تربيت يافته ماڻھن ان قلعي کي انهن ئي مقصدن جي لاء استعمال ڪيو ته هتي انقلابي روايتن جو تسلسل ڪامريڊ حسن ناصر به پنهنجي آدرش جي لاء پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ويو.ان اذيت خاني ۾ ڪامريڊ حسن ناصر تي بدترين تشدد ڪيو ويو.جنهن جي نتيجي ۾ ھو 13نومبر 1960ع ۾ قيد جي دوران شھيد ٿي ويو.سرڪار هن جي موت کي خودڪشي نالو ڏيڻ جي شرمناڪ ڪوشش پڻ ڪئي.مگر ان ۾ کيس کي ناڪامي ملي ۽ نامرادي جي علاوه ڪجه به ڪم نه آيس.هن جي شهادت کانپوء هن جي امڙ زهره علمدار حيدرآباد دکن کان هن جو لاش وٺڻ جي لاء پاڪستان آئي.ان سلسلي ۾ به بي حيائي ڏيکاري وئي.۽ جڏھن هوء ھتي آئي ته سندس پٽ جي لاش غائب ڪري ڪنهن ٻيئي جو لاش ھن جي سامهون رکي ڇڏيو ته جيئن پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ سندن ڪوڙ جو ڀانڊو نه کلي وڃي.مگر انهن سامراجي پٺوئن ۽ محنت ڪشن جي دشمنن جي ڪوڙ جو ڀانڊو ته هڪ عرصو اڳ ئي وچ چونڪ تي کلي چڪو هو.ائين حسن ناصر جيڪو هن ڌرتي جي مزدورن .هارين ۽ مظلوم انسان جي زندگي ۾ انقلاب برپا ڪرڻ آيو هو.ان ڏوه جي پاداش ۾ سوليء جو سينگار بڻجي ويو.بقول چليء جي عظيم انقلابي شاعر ڀابلونرودا جي لفظن ۾ “مان تنهنجي ڪاري ٻاجهري جي ناني جو هڪ ڳپو آھيانٗ.تنهنجي ڳچيء جو هڪ هار بڻجي ويو آھيان“

پهنجو تبصرو موڪليو