افغانستان کي شڪست، سريلنڪا سپر فور ۾ پهچي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا، افغانستان کي 2 رنز تان شڪست ڏئي سپر فور لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. افغانستان ۽ نيپال ايشيا ڪپ کان ٻاهر ٿي ويا آهن. جڏهن ته پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا سپر فور ۾ پهچي ويا آهن. گروپ سطح جو آخري ميچ اڱاري تي لاهور ۾ افغانستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏيو ويو. سريلنڪا اڳ ۾ کيڏندي 50 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 291 رنز ٺاهيون. جنهن ۾ ڪسال مينڊس 92، پاٿم نسانڪا 41 ۽ چيرث اسالنڪا 36 رنز ٺاهي نمايا رهيا. افغانستان ج گلبدين نائب 60 رنز ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون راشد خان 63 رنز تي 2 ۽ مجيب 60 رنز عيوض هڪ وڪيٽ ورتي. افغانستان جيڪڏهن 37.1 اوور ۾ گهربل اسڪور ڪري وڃي ها ته سپر فور لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهيو پئي پر 37.4 اوورز ۾ سڀ آئوٽ ٿي ويا. محمد نبي 65، حشمت الله 59 ۽ رحمت شاهه 45 رنز ٺاهيون. ڪوسن راجٿا 4، ڌننجايا ڊي سلوا ۽ دنٿ ويلالاگي ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو