افغانستان کي 89 رنز تان شڪست، بنگلاديش سپر فور ۾ پهچي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي گروپ سطح جي چوٿين ميچ ۾ بنگلاديش 89 رنز تان افغانستان کي شڪست ڏئي سپر فور لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. بنگلاديش ٽاس کٽي 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 334 رنز ٺاهي افغانستان کيِ پهاڙ جيڏو ٽارگيٽ ڏنو آهي. جواب ۾ افغانستان جي ٽيم 44.3 اوورز ۾ 245 تي ڍير ٿي وئي. ابراهيم زردان 75، رحمت شاهه 33، حشمت الله 51 ۽ راشد خان 24 رنز ٺاهي نمايان رهيا. تسڪين احمد 4، شرف الاسلام 3، حسن محمود ۽ مهدي حسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ بنگلاديس جي اوپنر مهدي حسن (112) ۽ نجم الحسن شانتو (104) سينچريون مڪمل ڪيون. اوپنر محمد نعيم 28، مشفق الحسن 25، شڪيب الحسن 32 رنز ٺاهي نمايا رهيا. فضل الحق فاروقي ۽ راشد خان هڪ هڪ اوور ميڊن ڪرايو پر فاروقي 6 اوورز ۾ بنا وڪيٽ 53 رنز ڏنيون، جڏهن ته راشد خان 10 اوورز ۾ بنا وڪيٽ 66 رنز ڏنيون. مجيب 10 اوورز ۾ 66 رنز ۽ گلبدين نائب 8 اوورز ۾ 58 رنز ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو