اخلاقيات ۽ مفاد پرستي

طفيل مگسي
“جڏھن باربرا برينڊن(Barbara Brandon ) کان هڪ شاگرد پڇيو.
“ان غريب جو ڇا ٿيندو ؟هن جواب ڏنو.جيڪڏھن تون ان جي مدد ڪرڻ چاهين ٿو ته توکي نه روڪيو ويندو“
دليل ۽ نتيجو.
اهي سمورا جواب هڪ ئي دليل جو حصو آھن.جيڪي ڪجه هن ريت ٿين ٿا.
1-هر شخص وٽ جيئڻ جي لاء صرف هڪ ئي زندگي هوندي آھي.جيڪڏھن اسان فرد جو قدر ڪريون ٿا ته پوء اسان کي هن ڳاله سان اتفاق ڪرڻ کپي ته ان جي زندگي جي اهميت سڀ کان وڌيڪ آھي.
2-اخلاقيات ايثار فرد جي زندگي کي ائين تصور ڪري ٿي ته ڄڻ اها ڪا اهڙي شيء آھي.جيڪا ٻين جي ڀلائي جي خاطر قربان ڪري سگهجي ٿي.ان ڪري اخلاقيات ايثار فرض جو قدر سنجيدگيء سان نٿي ڪري.
3-اخلاقي مفاد پرستي ۽ مطلب پرستي جيڪا هر فرد کي پنهنجي زندگي کي بنيادي اهميت ڏيڻ جي اجازت ڏيئي ٿي.فرد جو قدر سنجيدگي سان ڪري ٿي.حقيقت ۾ اهو اهڙو فلسفو آھي.جيڪو ائين سمجهي ٿو.
4-جيتوڻيڪ انسان کي اخلاقي مفادپرستي يا مطلب پرستي کي قبول ڪرڻ کپي.
اخلاقي مفادپرستي يا مطلب پرستي جي حلاف ٽي دليل.
اخلاقي مفاد پرستي گڏيل اخلاقيات جي خلاف آھي؛
اخلاقي مفاد پرستي يا مطلب پرستي کي عام طور تي عام فرد جي عقل کي چيلنج ڪرڻ واري نظريي جي طور تي پيش ڪيو وڃي ٿو.ان هوندي ان کي اسان جي عوامي اخلاقي سوچ جي حمايت سمجهڻ به ممڪن آھي.
ان جي تشريح ائين ڪئي وڃي ٿي ته عوامي اخلاقيات ڪجه قاعدن جي پيروي تي مشتمل آھي.اسان کي سچ ڳالهائڻ گهرجي.پنهنجن وعدن تي قائم رهڻ گهرجي.ٻين کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي وغيره وغيره.
پهرين نظر ۾ انهن فرضن ۾ ڪا به شيء گڏيل نظر نٿي اچي.اها محض قاعدن جو هڪ مجموعو معلوم ٿيندي آھي.مگر پوء به ان ۾َ اتحاد ممڪن آھي.اخلاقي مفاد پرست اهو چوندا ته اهي سمورا فرد ذاتي مفادن جي اصول کان ورتا ويا آھن.
اخلاقي مفادپرستي جي نظريي جي اهڙي سوچ ڪو انقلابي خيال ناهي.اهو عوامي اخلاقيات کي چيلنج نٿو ڪري.؟اهو نه صرف حيران ڪندڙ حدتائين ان تنظيم جي بهترين ڪوشش ڪري ٿو بلڪ مٿي پيش ڪيل فرضن جي جائز وضاحت به ميسر ڪري سگهي ٿو جيئن.
1-ٻين کي نقصان نه پهچائڻ جو فرض.جيڪڏھن اسان ٻين کي نقصان رسائڻ واريون حرڪتون ڪنداسين ته ٻيا ماڻھو به اسان کي نقصان پهچائڻ کان گهٻرائيندا.اسان جا دوست نه هوندا.اسان کان نفرت ٿيندن ۽ پاسو ڪيو ويندو.۽ جڏھن اسان کي مدد جي ضرورت ٿيندي.اسان کي مدد نه ملندي.جيڪڏھن اسان جا ڏوھ ڪافي سنجيده هجن ته شايد اسان جيل ۾ بند هونداسين.
جيتوڻيڪ سڀني کي نقصان نه پهچائڻ کان اسان جو پنهنجو فائدو هوندو آھي.
2-ڪوڙڳالهائڻ جو فرض.
جيڪڏھن اسان ٻين سان ڪوڙ ڳالهائينداسين ته اسان کي خراب ساک جا سمورا ٖ“اثر ڀوڳڻا “پوندا.ماڻھو اسان تي اعتماد نه ڪندا ۽ اسان سان مامرن کان پاسو ڪندا.جڏھن انهن کي احساس ٿيندو ته اسان انهن سان بي ايماني ڪئي آھي ته اهي اسان سان به بي ايماني ڪندا.جيتوڻيڪ اسان سچي ڳاله کان فائدو کڻون ٿا.
2-وفا واري وعدي جو فرض.
ٻين سان گڏيل مفادن جي انتظامن ۾ شريڪ ٿيڻ اسان جي پنهنجي مفاد ۾َ آھي.انهن انتظامن کان فائدو وٺڻ جي لاء اسان کي ٻين جي وعدن تي دارومدار ڪرڻ جي قابل ٿيڻ جي ضرورت آھي.ليڪن جيڪڏھن اسان پاڻ پنهنجن وعدن جي پاسداري جي اميد به مشڪل سان ئي ڪري سگهون ٿا.ان ڪري ذاتي مفاد جي مطابق اسان کي پنهنجن وعدن تي قائم رهڻ گهرجي.
ٿامس هوبس(Thomas Hobbies)ان دليل جي بنياد تي پيروي ڪندي هي تجويز ڪيو ته اخلاقي مفاد پرستي جو اصول هن سونهري اصول تي مشتمل هوندو آھي.
اسان کي ٻين سان ڀلائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻين جو اسان سان ڀلائي ڪرڻ جو امڪان بهتر ٿي سگهي.
ڇا اهو دليل اخلاقي مفادپرستي کي اخلاقيات جي هڪ قابل عمل نظريي جي طور تي ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب آھي؟
اها بهترين ڪوشش ٿي سگهي ٿي.باوجود ان جي ان سان گڏ ٻه سنگين مسئلا آھن.سڀ کان پهرين هيء ته دليل ان قدر ثابت نٿو ٿيئي.جيتري ته ان جي ضرورت آھي.
اهو نظريو صرف ايترو ظاهر ڪري ٿو ته عام طور تي سچ ڳالهائڻ.وعدي تي قائم رهڻ ۽ ٻين کي نقصان رسائڻ کان پاسو ڪرڻ ماڻھوء جي پنهنجي ئي مفاد ۾ ھوندو آھي.ليڪن ڪا صورتحال اهڙي به ٿي سگهي ٿي ته جڏھن ڪجه برو ڪرڻ .جيئن ڪنهن کي ماري وجهڻ ۾ اوهان جو مفاد هجي.جتي مفادپرستي اهو نٿي سمجهائي سگهي ته اوهان کي اهو برو ڪم ڇو نه ڪرڻ کپي.جيتوڻيڪ ائين محسوس ٿيئي ٿو ته ڪن اخلاقي فرضن کي ذاتي مفادن کان ڪڍي نٿو سگهجي.ٻيو فرض ڪيو ته ڏڪار کان ڇوٽڪاري جي لاء خيرات ڏيڻ ڪنهن نه ڪنهن ريت اوهان جي پنهنجي مفاد ۾ به آھي.مگر ان جو اهو مطلب قطعي ناهي ته ائين ڪرڻ جو اڪيلو سبب اهوئي آھي.هڪ سبب بکون ڪاٽيندڙ جي مدد ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو.اخلاقي مفادپرستي جو چوڻ آھي ته ٻين جي مدد ڪرڻ جو اڪيلو سبب ذاتي مفاد تي آھي.مگر حقيقت ۾ موجوده دليل منجهان ڪجه به ان جي حمايت نٿو ڪري.
2-اخلاقي مفاد پرستي بدعملن جي حمايت ڪري ٿي؛
مختلف اخبارن کان ورتل انهن بدعمل واقعن تي غور ويچار ڪيو؛
وڌ کان وڌ ڪمائڻ جي لاء هڪ دوا ٺاهيندڙ ڪمپني ڪينسر جي مريضن جي لاء گهٽ شدت جي دوائن( watered-down drugs) جا نسخا استعمال ڪرڻ.
هڪ نرس ايمرجنسي مريضن کي مارفين (Morphine ) جي بجاء ( Sterile)سئيون ان ڪري هڻي ڇڏيون ته جيئن اهو مارفين وڪڻي سگهي.
والدين پنهنجن ٻارڙن کي تيزاب پياري ڇڏيو ته جيئن اهو فارمولو ملڪ ڪمپني تي خطرناڪ کير جي وڪري ڪرڻ جو حرجاڻو داخل ڪري سگهي.
هڪ مرد نرس ٻن بيهوشُ مريضن سان ريپ ڪيو.
هڪ 73سالن جي شخص پنهنجي ڌيء کي 24 سالن تائين هڪ ته خاني ۾ قيد رکيو ۽ ڏاڍ سان ان کان پنهنجا پنج ٻار ڄڻايائين.
فرض ڪيو ته جيڪڏھن ڪو اهڙن عملن کان واقعي فائدو کڻي سگهي ٿو ته ڇا اخلاقي مفادپرستي اهڙن عملن جي منظوري نه ڏيندي؟ اهڙي نظريي کي رد ڪرڻ جي لاء اهوئي ڪافي محسوس ٿيئي ٿو.مگراهو اعتراض اخلاقي مفادپرستي ۽ مطلب پرستي سان گڏ ٿورو ٿو لڳي.ڇوته انهن عملن کي بداعمالي جي غير مفاد پرستي واري تصور کي فرض ڪري ٿو ۽ اخلاقي مفاد پرستي ناقابل قبول حد تائين درست آھي.
اهو دليل اخلاقي مفادپرستي جي ترديد ڪري ٿو.اهو دليل هن ڳاله جي ڪوشش ڪري ٿو ته ٻين جا مفاد اسان جي لاء ڇو اهم آھن.ليڪن ان دليل جي تجربي کان اڳ اچو ته اخلاقي قدرن جي باري ۾ عمومي نقط نظر تي ويچار ڪيون.اخلاقي نظرين جي هڪ ۾ اها ڳاله گڏيل آھي ته اهي ماڻھن کي ٽولن ۾ ورهائين ٿا.نسل پرستي ان جو چٽو مثال آھي.نسل پرست فرد .ماڻھن کي انهن جي نسل جي مطابق گروهن ۾ ورهائين ٿا ۽ هڪ نسل جي فلاح و بهبود کي ٻيئي نسل جي فلاح و بهبود جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميٿ سان ڪن ٿا.حقيقت ۾ هر ريت جا امتيازي سلوڪ يهود مخالفت(Anti-Semitism ) جنس پرستي.قومپرستي.نسل پرستي.عمر پرستي کان ئي ورتل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو