طفيل مگسي
ڪجه ڏينهن کان هر پاسي احتساب جو پڙاڏو گونجڻ لڳو آھي.جنهن کي تبوتار ڪرڻ جي لاء بزنس ڪميونٽي سان گڏ خاص ملاقاتن جو سلسلو پڻ جاري آھي.ليڪن ان ڳاله کي هاڻي راز ۾ رکڻ جي ڪا ضرورت ناهي رهي ته اهي ملاقاتون ڪير ڪري رهيو آھي.
اهو به پتو پئجي رهيو آھي ته ملڪ ۾ سخت کان سخت احتساب ٿيڻ وارو آھي.جنهن ۾ ڪنهن کي به ڪنهن قسم جي رعائيت ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿيئي.مقصد ته احتساب جو دائرو نهايت ڪشادو بڻايو پيو وڃي ۽ اھي به خبرون عالم آشڪار ٿي رهيون آھن ته ملڪ ۾ ھر قسم.جي چوري ڪرڻ وارو جو گهيراءڪيو ويندو ۽ انهن کي احتساب جي پڪڙ ۾َ آندو ويندو. ايستائين ته زمينن تي قبضا ڪرڻ کان وٺي هرقسم جي اسملنگ جي خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.ٻاھرين ڪرنسي سميت اناج گڏ ڪرڻ وارن جي خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي. سياستدانن کان عوام جي پئسن جو حساب ورتو ويندو.ڪاروباري طبقي کان ٽيڪسز جو حساب ورتو ويندو.۽ انهن جي گهپلن تي انهن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ بيهاريو ويندو ۽ ان کان عوام.کي فائدو رسايو ويندو. بيشڪ مٿيون سموريون ڳالهيون سون جهڙيون آھن.مگر افسوس ته احتساب جو اهو نعرو هن ملڪ جي عوام.جي لاء ڪو نئون ناهي. ڇوته قوم.گذريل دورن کان گهٽ ۾ گهٽ چئن ڀيرن کان به وڌيڪ سخت احتساب کان گذري چڪي آھي.۽ بعد ۾ ھر ڀيري ائين ئي ٿيو آھي ته سياستدانن کي ئي ملڪ به سنڀالڻو پيو آھي ۽ احتساب ڪرائڻ واري جي ساک به بحال ڪرائڻي پئي آھي.
هن وقت واري دور ۾ ڪنهن کان ڪا شيء ڳجهي يا لڪل ناهي رهي.ڇاڪاڻ ته ميڊيا جي ترقيء ملڪ ۾ رهڻ وارن کير پياڪ ٻارن کي به نرم و سخت مداخلت جي تشريح سمجهائي ڇڏي آھي. کير جي سنڀال تي ٻلو ويهاري ڇڏجي ۽ کير جي غائب ٿيڻ تي ٻلو ئي گگر وارن کان وڃائجي ويل کير جو حساب وٺڻ شروع ڪري ته اها وڏي تعجب جي ڳاله ٿيندي.ڇوته سوال سنڀال ڪرڻ واري کان ڪيو ويندو آھي.پاڪستان جيڪو الله ميان جي سرسبز پک آھي.جنهن جي هيٺان کان مٿي تائين سڀ ڀيل ڪري رهيا آھن.مگر احتساب جي لاء صرف سايستدانن ۽ عام عوام کي ئي ڳڻيو وڃي ٿو.۽ ملڪ جي حقيقي طبقي (يعني جنهن جي هٿ ۾ ڏنڊو يا بندوق آھي)کي مٿاهون سمجهي ڪري پڪڙ يا حساب کان آجو ڇڏيو وڃي ٿو. اسان نهايت بهترين روايتن جا امين ماڻھو آھيون ۽ اسان هينئر تائين پنجهتر سال جي پراڻين روايتن کي به بحيثيت ورثي جي زنده رکي ڇڏيو آھي.اسان اڄ وقت جي ضرورت جي مطابق ماڻھن تي فتوي ڏئي ڇڏيون ٿا ۽ اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته اسلام جي نالي تي قائم ٿيڻ وارو ملڪ پنهنجي سڀ کان خاص هٿيار کان فائدو حاصل نه ڪري سگهيو؟
الحمد الله اسان طالبان.جماعت اسلامي.تحريڪ لبيڪ جهڙين ناياب ۽ نادار اثاثن جا مالڪ آھيون.جن کي اسان موقعي جي مناسبت سان استعمال ڪندا رهون ٿا.ان کان کانسواء قوم.کي وڌڌيڪ ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي لاء فرقه پرستي ۽ لسانيت کان به مالا مال آھيون.جتي جنهن به شيء جي ضرورت آھي.ان جو ٽپو هڻي ڇڏيون ٿا.جڏھن ته سياسي ڪيسن جي ڇڙھي ته پنهنجي ئي جاء تي آھي. اسان وٽ سياستدانن کان اڄ به کن بل ۾ اربين روپيا ملي وڃن ٿا.گڏ ئي هيرا و جواهر به ملي وڃن ٿا.مگر مون کي حيرت انهيء ڳالھ جي آھي ته جانچ جي دوران نوٽن سان ڀريل لانچن سميت سون جو پليٽون ڪيڏانهن غائب ٿي وڃن ٿيون؟گذريل هڪ اڌ ھفتي ۾ نقلي خبرن جي وسيلي اسان اٽڪل چار سو ارب روپين جي رڪوري حاصل ڪري چڪا آھيون.اسان جي ميڊيا اسان سان ٻٽ بيٺي آھي.هتي هر وقت اهوئي تاثر گردش ڪندو رهندو آھي ته سياستدان صرف ملڪ کي ڦرڻ جي لاء اچن ٿا.اصل ته اسان آھيون .جنهن کي ڏک جانان(قوم) ساڻو وپريشان ڪري رکيو آھي.۽ اسان ئي اهي آھيون ته ان درد جي دوا به ڪنداسين.
اسان پنهنجي سٻاجهڙي قوم جي ڪهڙي جهڙي تعريف ڪيون .سبحان الله نهايت صابرين و شاڪرين ماڻھو آھيون.هرحال ۾ ايڊجسٽ ڪري ڇڏين ٿا.ڏسو جناب ڳاله اها آھي ته دنيا صرف عارضي زندگي جو نانء آھي ۽ آخرت جا مامرا نهايت ئي تڪليف ڏيڻ وارا آھن.ان ڪري اسان هينئر کان ئي قوم کي دوزخ ۾“ايڊجسٽ“ٿيڻ جي عادت وجهي رهيا آھيون ته جيئن دوزخ جي باه کين کي گهڻي تڪليف نه ڏئي سگهي. اهي سمورا ڪم اسان ان ڪري ڪري رهيا آھيون ته جنهن کير کي اسان سڃاڻون ٿا ان جي گمشدگي جو سوال اسان کان نه ڪيو وڃي.نه ئي ڪنهن جو ڌيان اسان ڏانهن وڃي.ايترو ئي پنهنجو خواب آھي. بدبخت قسمت ته هينئر ائين ممڪن باهي رهيو.قوم ڄاڻي چڪي آھي.جنهن جو ڪم انهيء جي جي تحت اوهان ڪم جي مامرن کي جيستائين مستقل مزاجي سان گڏ ڪم ڪرڻ نه ڏينداسين اهي عوام جي اميدن جي مطابق نتيجا نه ڏئي سگهنداسين.ان لاء اهڙا مرحلا بار بار ايندا ويندا رهندا.مگر حالتون ساڳيون ئي رهنديون .گذريل 77 19ع کان وٺي احتساب ته ٿيندو رهيو آھي.پر انهيء احتساب جو مال غنيمت ڪيڏانهن غائب ٿي ٿي وڃي ٿو؟اها ڳاله اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آھي .
