آئين سان تاريخي/ترميمي کلواڙ ۽ عام چونڊون۔۔!!

رحمت الله ٻرڙو
گذريل ڏينهن سينٽ مان هڪ اڪثريت راء سان قرارداد منظور ٿي آھي ته اليڪشن کي وقتي طور ملتوي ڪيو وڃي ڇوته هڪ ته ملڪ ۾ انتهائي سخت سرد موسم آھي ۽ ٻيو ته دهشتگرديء جي ڪري به سيڪيورٽي الرٽ به آھن !!
اهڙي قسم جي قرارداد سينيٽر دلاور خان پيش ڪئي آھي جنهن جي مخالفت نواز ليگ جي سينيٽر پڻ ڪئي آھي. مجموعي طور موجود سينٽ اجلاس جي ميمبر مان هڪ مخالفت ڪئي باقي 14 ميمبرز قرارداد جي حق ۾ حمايت ڪندي حمايت ڪئي ۽ ايئن اها سينيٽر دلاور خان پاران پيش ڪيل قرارداد پاس ڪئي وئي!!!
آيل خبرن موجب پيپلز پارٽي،نواز ليگ،پي ٽي آئي، جماعتي اسلامي،کان ويندي ڪجھ پارٽين جي قيادتن سينٽ قرارداد واري عمل جي مٿين دل سان نندا ڪئي آھي جيڪا ڪافي ناھي. ھاڻي سوال اھو اھم آھي ته اھو سب ڪجھ ٿئي ڇو ٿو ۽ ڪري ۽ ڪرائي ڪير ٿو؟
جڏھن اسان ان سوال جو جواب ڳولھينداسين ته اسان کي پنھنجي ماضيء جي پنھنجي آئيني، پارلياماني،عدالتي،حڪومتي،سياسي توڻي ڊڪٽيٽرشپ جي آئين سان کلواڙي عملن کي ڏسڻو پوندو. ڳالھ فقط اليڪشن ٿيڻ ۽ نہ ٿيڻ جي ناھي،ڳالھ اقتدار ۾ ڪير اچي ۽ ڪير نہ اچي واري ورجاءَ جو فيصلو پڻ اھميت وارو آھي جيڪو پڻ ھي سينيٽ وارا عمل ڪرائي ٿو جنھن جي قانونن توڻي آئيني ڪا خاص حيثيت ناھي!!
ڇو ته ھڪ ته سينيٽ جو آئيني طور ڪورم پورو نہ ھو،جيڪو ھجڻ قانونن ۽ ايوان جي روح موجب ضروري آھي. پر ھتي اھڙن جھموري روح جي ابتڙ ڪڌن عملن کي جتي اسانجي اڄ جي سياسي ۽ جھموري قيادتون آھن پر پنھنجي ماضيء ۾ ليئو پائي ڏسن ته ھنن اقتداري لالچ يا حوس ۾ ڊڪٽيٽرن جي چوڻ تي ملڪي آئين سان ترميمن يا ڊڪٽيٽرز جي منشا واري آئيني گھرجن کي سپورٽ ڪئي آھي ڪنھن کي شڪ ھجي يا اعتراض اسانجي ڳالھ سان ته پنھنجو اقتداري،سياسي ۽ پارلياماني ماضي جاچي ڏسن؟؟
اھڙي ئي نموني ۾ اسانجون عدالتون يا ججز پنھنجو عدالتي تواريخي ماضي کڻي ڏسن 1973جي آئين سان ضياء مارشلا ۽ پرويز مشرف مارشلا جو پارلياماني دور سب جي سامھون آھي ؟؟
انھن ٻنھي ڊڪٽيٽرشپ جي دؤر حڪومت ۾ ايوانن يا اسيمبلين مان آئيني ترميمي بلز يا قراردادن جي نالي تي آئين سان اھا ڪھڙي منشا مرضي يا مزاق ناھي ڪئي جتي ھنن جو مفاد ھو، اھو مفاد انھن حالتن موجب ھجي يا نہ پر ھنن جي خواھشن موجب ھو ته اھو ٿيو پئي جنھن جو شاھد اڄ جو سينيئر سياستدان خود آھي ۽ جي وسري ويو اٿن ته تاريخ جو ھڪ دفعو وري مطالعو ڪري ڏسن. اسان پنھنجي مضمونن ۾ اڳي بہ لکي چڪا آھيون تہ دنيا نيوورلڊ آرڊر مان نڪري نيوورلڊ ڊس آرڊر واري حالت مان گذري رھي آھي جتي جيئن ٿئي پيو اھو ڄڻ ته پنھنجي من ماني وٽان پيو ٿئي!!
جنھنجي ڄڻ ته دنيا جي ڪنھن بہ عالمي سفارتي،سماجي ترقي،جھموري قدرن جي اخلاقي توڻي يو اين او چارٽرڊ جي ڪا اھميت ناھي رھي. اوھان ڏسو اسرائيل جي جارحيت، اوھان ڏسو يوڪرين مٿان حملا، اوھان ڏسو عالمي داداگيرن جون دنيا جي اسرندڙ ملڪن سان ارھ زورايون. اوھان کي ڪٿي بہ عالمي سماجي معاھدن، سفارتي اخلاقيات يا وري اقوام متحده جي معاھدن جي ڪا بہ پرواھ ناھي رھي.!!؟؟
اھڙي ئي نموني دنيا آھستي آھستي جيئن گلوبل وليج واري تصور ۾ سلھاڙجي پئي ۽ انھن جا مفاد برابريءَ جي بنياد تي ھجن پيا يا ٽڪرائجڻ پيا ته اتي انھن جون سرمائيداراڻي اثر سبب يا وري مفادن تحت پاليسيون تبديل ٿين پيون.جنھن سبب ڏتڙيل آفريڪي ملڪن جي لڪل معدنياتي زخيرن کان ويندي پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جا اھم معدني زريعا ھجن يا وري زميني زرعي ٽارگيٽ آھي انھن جن جو ٽارگيٽ ٿين ٿا.اوھان جي آزاد ڪشمير کان ويندي جمون ڪشمير توڻي سنڌ جي سامونڊي وسيلن کان ويندي زرعي ڪارپوريٽ فارمنگ جا ٽارگيٽ عالمي سرمائيدار طبقي جي منصوبابندي جا اثر ٿا لڳن جنھن سان اسانجو مفاداتي طبقو بہ ٻڌل آھي!!
ان لاء ھنن کي گھڻو ڪجھ ڪرڻو آھي جنھن لاء ھو اسان جي سياست،پارليامينٽ کان ويندي اقتداري ايوانن تائين گھڻو ڪجھ تبديل ڪرڻ پويان ماضيء کان وٺي لڳل آھن. جنھنجو اثر جنرل ضياء جي مارشل کان تيزيءَ سان ڊوڙندو اچي ھن ھائبرڊ انفارميشن ٽيڪنالوجي کان ٿيندي انفارميشن انٽيليجنسي تائين پھتو آھي. جنھن ۾ يا جنھن جي بنياد تي گھڻو ڪجھ عوام،ملڪن ۽ دنيا جي ڪمزور طبقن سان ٿي سگھي ٿو جيڪو ڪجھ ٿيندي نذر بہ اچي ٿو پر قدرن کان پري بيٺل سماج جا فرد پاڻ بچائڻ واري انفرادي سوچ جي وائڙائپ پڻي ۾ اچي پنھنجي گڏيل مفادن کان پري پري ٿيندي نذر اچن ٿا جنھن سبب ھي سب ڪجھ اسان سان ٿي رھيو آھي. ھاڻي ھنن ملڪي حالتن ۾ ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اسان جي سپريم ڪورٽ ۽ ھائي ڪورٽ جي سبني ججز کي گڏجي يڪراءِ ٿي ڪري ملڪ جي آئين سان ٿيل ترميمي مذاقن کي جيڪي خصوصي طور جنرل ضياء جي ڊڪٽيٽرشپ ۾ ٿيا ۽ پرويز مشرف جي حڪومتي دؤر ۾ پڻ ترميمن سان کلواڙ ٿيا کي واپس ڪرائڻو پوندو.چاھي اھي آئين ۾ ٿيل ترميمون ان وقت جي ربڙاسٽيمپ اسيمبلين مان ڇو نہ منظور ٿيل ھجن.ممڪن آ ته اسان جا ملڪي ۽ ادارتي احساس رکندڙ عدالتي توڻي ادارتي سربراھ ان ڳالھ تي فڪرمند بہ ھجن . پر جي اھڙي ڳالھ ھو محسوس ڪن ٿا ته ان کي فوري عملي صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ته جيئن ملڪ توڻي ادارتي بگاڙ واري صورتحال ۽ عوامي اھنجن توڻي تڪليفن کي فوري طور حل ڪري سگھجي.ان کان علاوھ اسانجي ملڪي سياسي قيادتن،ملٽري بيوروڪريسي ،سول بيوروڪريسي کان ويندي ڪاروباري ۽ مختلف مذھبي حلقن کي ملڪ ،قوم توڻي ادارن جي بھترين لاء ھڪ ھنڌ گڏ ٿي فڪرمند ٿي و پوندو ۽ ملڪ جي 1973واري متفقه ائين کي اصلي صورت ڊيڻ لاء ھڪ ٿي پوندو ته جيئن اسان جو ملڪ يا قيادتون ملڪي اھم مسئلن جو حل ۽ عالمي چئلينجز کي سولائيء سان منھن ڏئي سگھن. جيڪڏھن اھڙين ڳالھين تي فوري طور عمل نٿو ٿئي ۽ سياسي توڻي ملڪي ادارتي قيادتون چڙواگيء جو شڪار پنھنجي اقتداري ۽ مفاداتي بنيادن تي رھيون پوء اسان جو مستقبل وڌيڪ چئلينجز کي منھن ڏئي نہ سگھي.

پهنجو تبصرو موڪليو