ڪپتان کي به سابق صدر ياد آخر ڇو

ڪپتان کي به سابق صدر ياد آخر ڇو

تحرير زوار حسين شاهه

پاڪستان جي سياست جو ابو جناب سابق صدر پاڪستان آصف علي زرداري جنهن کي سڄي دنيا سڃاڻي ٿي خاص طور سياست ۾ ان جو تمام وڏو رتبو ان ڪري به آهي جو هي  ڪنهن به سياستدان کي آرام سان خريد ڪري سگهي ٿو جنهن ڪري نه صرف عالمي دنيا پر پاڪستان ۾ ان جو تمام وڏو نالو آهي ، سياست جو بي تاج بادشاه پڻ سڏيو ويندو آهي ڪيترائي ڪارنامه اسان جي اڳيان آهن  هڪ طرف اهو لقب ته ٻئي طرف ڪرپشن جا ڪيترائي الزام  جن کي به هو بهترين نموني سان منهن ڏيئي رهيو آهي ، جڏهن ته هن وقت به ڪيترائي ڪرپشن مني لانڊرنگ جعلي بيڪ اڪائونٽس جا الزام آهن جنهن کي به هو منهن ڏيئي رهيو آهي يارنهن سال وڏي ازيت مان گذارڻ بعد به جناب آصف علي زرداري مٿان ڪو به ڪرپشن جو الزام ثابت نه ٿيو  جڏهن ته هن وقت به هو سياست ۾ بهترين ڪردار ادا ڪري پيو ، جڏهن ته هن وقت جي وزيراعظم جناب عمران خان جي انٽري کان بعد سخت مقابله نظر ۾ اچي رهيا آهن ڪير ڪامياب آهي ڪير ڪامياب نه ان بابت  اسان تبصرو سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن کان بعد ئي ڪري سگهنداسين هن وقت به ڪپتان بمقابله آصف علي زرداري جاري آهي ، منهنجي نظر ۾ مان سمجهان ٿو ته ڀلي جو ڪپتا ن آهي پر پوء به تجربو ڀلي آصف علي زرداري صاحب وٽ هجي پر جهڙي ريت پاڪستا جي تاريخ ۾ ڪپتان راند پيو کيڏي اسان پهريان ائين ڪڏهن ناهي ڏٺو اها حقيقت آهي جنهن کي لڪائي نه ٿو سگهجي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪي قومون اخلاقي قدرن ۽ انصاف کي وڃائي ڇڏين اهي تباهه ٿي وڃن ٿيون، بدعنوان عنصر پنهنجي ناجائز دولت جي زور تي غير قانوني ذريعن ۽ مني لانڊرنگ سان پئسي جي منتقلي روڪڻ لاءِ نظر رکندڙ ادارن کي ڪمزور ڪن ٿا، بدقسمتي اها آهي ته اهڙا عنصر معاشري ۾ ڪرپشن کي قابل قبول بڻائي ڇڏين ٿا، پوءِ ”کائي ٿو ته لڳائي به ٿو“ ۽ ”هڪڙو زرداري سڀني تي ڀاري“ جا نعرو هنيا وڃن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڱاري ڏينهن ٿيو. اجلاس جي آغاز تي وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ جي موجوده اليڪشن جهڙي طرح تي سڀني جي سامهون آهي، آئون ڪابينا جي سامهون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جي جوڙيل پينل جي رپورٽ ”فيڪٽ آئي“ رکي رهيو آهيان، اها رپورٽ اسرندڙ ملڪن ۽ غريب ملڪن لاءِ وڏي خوفناڪ آهي، هن رپورٽ موجب هر سال غريب ملڪن مان هڪ هزار ارب ڊالر غير قانوني مني لانڊرنگ جي ذريعي امير ملڪن ۾منتقل ٿين ٿا. هڪ رپورٽ موجب غريب ۽ اسرندڙ ملڪن مان بدعنواني جي ذريعي 7 هزار ارب ڊالر چوري جو پئسو انهن ملڪن ۾ پيل آهي، انهن سڄي معاملي ۾ حڪمران اشرافيه ملوث آهي. وزيراعظم چيو ته غريب ملڪن جا نواز شريف ۽ زرداري چوري جو پئسو ٻاهر موڪليندا آهن ته انهن کان پهرين سمورا اهي ادارا جن کي مني لانڊرنگ ۽ غير قانوني ذريعن سان پئسي جي منتقلي تي نظر رکڻي آهي انهن کي ڪمزور ڪن ٿا، هي اهڙا ميگا پراجيڪٽ کڻي اچن ٿا جن جي عوام کي ضرورت ناهي هوندي پر انهن ۾ ڪڪ بيڪس وڌيڪ هوندا آهن، انهن بدعنوانين جي ڪري ملڪ قرضي ٿي وڃي ٿو ان جي قيمت مهانگائي جي ذريعي عوام ادا ڪري ٿو. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته بدعنوان عنصر ناجائز پئسي سان ميڊيا هائوسز ۽ ٻين ادارن کي خريد ۽ استعمال ڪن ٿا، ان جي سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي ته معاشري ۾ ڪرپشن کي سڀني جي لاءِ قابل قبول بڻايو وڃي ٿو پوءِ ڪرپشن کي خراب نٿو سمجهيو وڃي پر اها سوچ وڌي ٿي ته کائي ٿو ته کارائي به ٿو ۽ هڪ زرداري سڀ تي ڀاري جيڪو خريد ڪري ٿو اها سياسي بصيرت تصور ڪئي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته قوم جي اخلاقيات ختم ٿي وڃي ٿي ته اهو سڀ کان وڏو نقصان هوندو آهي، اها قوم پوءِ انصاف نٿي ڪري سگهي جنهن قوم ۾ اخلاقي قدر نه هجن اتي طاقتور کي اين آر او ۽ غريب کي سزا ڏني وڃي ٿي، انصاف ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿي وڃن ٿيون. هن چيو ته حديث جو مفهوم آهي ته ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿيون جتي غريب ۽ امير جي لاءِ انصاف جا معيار ڌار ڌار هجي.  هن چيو ته جنهن قوم ۾ اخلاقي معيار نه هجي اها ڪڏهن انصاف نٿي ڪري سگهي. جرمني ۽ جاپان تباهه ٿي ويا هئا پر ٻئي پنهنجي پيرن تي بيهي رهيا. وزيراعظم چيو ته سڀني کي خبر آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ کلي عام پئسو هلندو آهي، هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال تي اڳڀرائي جو هر اجلاس ۾ جائزو وٺندس، جنهن طريقي سان تازي سينيٽ اليڪشن ٿي ان کي اسان وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون. اسان کي هڪ شفاف نظام آڻڻو آهي، ان کان اڳ ڪابينا اجلاس جي شروعات قران پاڪ جي تلاوت سان ٿي، وفاقي وزير پير نور الحق قادري تلاوت ڪئي  سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کان اڳ وڏي پئماني تي سياسي رابطن ۽ سياسي جوڙ توڙ جو سلسلو جاري آهي، ڪالهه بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد سان گڏ حرن جي روحاني پيشوا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل،گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي سربراھ پير پاڳاري سان ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ فنڪشنل ليگ سنڌ جو صدر  سيد صدرالدين شاھ راشدي ايم پي اي نندڪمار گوڪلاڻي سميت ٻيا اڳواڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، سينيٽ چونڊن ۽ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سينيٽ چونڊن ۾ جي ڊي اي سان پيش ايندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته افسوس آهي جو سينيٽ چونڊن ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي ٿيندي آهي، ڄام ڪمال چيو ته اسان جي قومي سياست جي بدقسمتي آھي جو ماڻھو شارٽ ڪٽ ۽ سائيڊ ڪٽ جي چڪر ۾ رھندا آھن. ان موقعي پير پاڳاري چيو ته اسان ڪنھن منصب ۽ عھدي جي لالچ کانسواءِ سدائين قومي مفاد ۽ فيڊريشن جي مضبوطي لاءِ سياست ڪئي آھي، موجودہ حڪومتي اتحاد ۾ به ان ئي اصول جي بنياد تي شامل ٿيا آھيون، موجودہ حڪومت جي اتحادي جماعت جي حيثيت سان سندس حمايت جاري رکنداسين، ٻنھي پارٽين جي اڳواڻن ملڪ خاص طور سنڌ جي مسئلن ۽ ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پر هڪ عرض مان ڪندس ته جڏهن ته جتي به ڪو جلسو هجي تقرير هجي يا گڏجاني هجي جتي ٻين جا نالا ڪپتان صاحب بار بار کڻندو اتي جيڪڏهن آصف علي زرداري کي ياد نه ڪري ته اهو جلسو مڪمل نه  هوندو اها گڏجاڻي اهم هوندي سينيٽ چيئرمين لاء جتي آصف علي زرداري بهترين راند پيو کيڏي اتي  ڪپتان به پنهنجا بهترين رانديگر ميدان ۾ لاٿا آهن  ڏسڻو اهو آهي ته ڪامياب ڪير ٿو ٿئي برحال مان سجهان ٿو ته ڪپتان عمران خان جو بار بار سابق صدر آصف علي زرداري صاحب کي ياد ڪرڻ ۾ به ڪو خاص مقصد هوندو پر سوال اهو آهي ته پوء به هو  ان کي آخر گهڻو ياد ڇو ٿو ڪري ،،،؟             

.

پهنجو تبصرو موڪليو