رياض ابڙو
ڪراچيءَ شهر جي دُنَ واريون سيٽون پي پي يا غير ايم ڪيو ايمي مائينڊ سيٽ وارين پارٽين جي لاءِ کٽڻ مشڪل رهندو آيو آهي يا کڻي ناممڪن به رهندو آيو هجي يا ڪنهن دور ۾ ايم ڪيو ايمي مائينڊ سيٽ کانسواءِ ان وچ وارن ڳتيل يا ايم ڪيو ايم جي ڳَڙَهه وارن علائقن مان ڪنهن ٻي پارٽيءَ جي لاءِ قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جون سيٽون کٽڻ مشڪل يا ناممڪن هيو يا اتان ڪنهن ٻي پارٽي کي رڳو چند ووٽ ملڻ به مشڪل هيو، اهو تصور کان به ٻاهر هيو ته اتان ڪا ٻي پارٽي به کٽي سگهندي ان ڪري ته 1988 کان وٺي 2013 تائين جي سڀني عام چونڊن ۾ سواءِ ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ٻي پارٽي جو انهن علائقن ۾ جھنڊو ڦڙڪائڻ به ڏکيو هيو، ڀلجي ڪير اتي ڪو پمفليٽ، پينافليڪس، ڪا لغڙي به نه هڻي سگهندو هيو، مجال نه هوندي هئي ڪنهن جي ته ڀتين تي ڪا چاڪنگ به ڪري سگهن ان ڪري دهشت ۽ وحشت جو راڄ هيو، جهنڊن لاهڻ ۽ چاڙهڻ واري ڳالھه تان ايم ڪو ايمي مائينڊ سيٽ ڪيترائي ماڻهو ٽارگيٽ به ڪيا جنهن جي تفصيل هي پنا ئي ڀري ڇڏيندي يا انڊين فلم ”نايڪ“ جي سين وانگي صفا چپ لڳي پئي هوندي هئي جيئن ان فلم ۾ هڪ پوڙهو جڏهن ووٽ ڏيڻ نڪرندو آهي ته پوءِ ٻين کي به همت ٿيندي آ جيڪا ڪراچيءَ وارن جي همت 2018 واري اليڪشن ۾ نظر آئي يا ان فلم ۾ بيلٽ باڪس مٽائڻ واريون حرفتون به ڏسڻ وٽان آهن جن جي وڏي ٽيڪنڪ ڏيکاريندآ آهن يا ان کان اڳ ڀارتي متعدد فلمون به جيڪي بيلٽ باڪس واري مٽاسٽا واري حرفت سمجهائينديون آهن.
بهرحال، ايم ڪيو ايمي علائقن مان ڪنهن جي همت نه هوندي هئي ته ڪير ڪڇي به سگهي، ان ڪري جو اردو ميڊيا به يرغمال ۽ صحافي به يرغمال يا سواءِ انهن ايم ڪيو ايمي مائينڊ سيٽ جي ڪو احتجاج به رڪارڊ ڪرائي سگهندو هيو ۽ سڄي جو سڄو شهر ايم ڪيو ايم جي جهنڊن جي هوا ڏيندو هيو يا شهر کي جھنڊن ۽ لغڙين سان سينگاري ڇڏيندا هيا (اليڪشن ۾ ٽرانسپيرنسي هڪ الڳ موضوع آهي) پر 2018 وارين عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ نئين پاڪستان جي چڪر ڪراچي جي ايم ڪيو ايم جي سيٽن وارو سڄو سين ئي بگاڙي ڇڏيو جو ايم ڪيو ايم جنهن ايترين جنرل اليڪشنز کٽيون پر 2018 وارين چونڊن ۾ پاڻ ئي ٻهارجي وئي يا چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جو حشر ڏسڻ وٽان هيو ۽ ان کانپوءِ حشر اهڙو ٿين جو انهن دُنَ وارين سيٽن تان ايم ڪيو ايمي مائنڊ سيٽ به هارائي ويو ۽ نئين پاڪستان واري مائينڊ سيٽ کي جيت نصيب ٿي ۽ سڄو سين ئي ڦري ويو (پوءِ وري نفيسن سان جهڙي پي ٽي آءِ وارن ڪئي سا ڪنهن نه ڪئي جيڪا تاريخ جي پنن ۾ لکيل آهي) يا وري شهر جي ٿيندڙ سڀني عام چونڊن ۾ ڪنهن اميدوار جي مجال نه هوندي هئي ته اهي پينافليڪس تي يا ڪنهن پمفليٽ تي سواءِ ايم ڪيو ايم لنڊن واري اڳواڻ جي پنهنجي ايم ڪيو ايم جي اميدوار جي تصوير به هڻي سگهن.
پر هاڻي اين اي 245 واري عامر لياقت وري اهڙي سيٽ آهي جنهن تان سدائين ايم ڪيو کٽندي آئي هئي پر 2018 وارين عام چونڊن ۾ اها سيٽ پي ٽي آءِ کٽي وئي ۽ عامر لياقت ان سيٽ تان ڪاميابي ماڻي جيڪا يا ته عامر لياقت جي پنهنجي پوکي هئي يا نئين پاڪستان جي جوش ۾ اهي ووٽ عمران خان جي ڪري ڪراچيءَ وارن وڌا ۽ اها سيٽ به پي ٽي آءِ جي ٽوڪريءَ ۾ ئي پئي، پر هاڻي اها ڳالھه به واضع آهي ته جنهن پارٽي (ايم ڪيو ايم) سڄي عمر ڪنهن پارٽي سان ڪو چونڊ اتحاد نه ڪيو ۽ اڪيلي سر شهر جون وچ واريون سيٽون به کٽندي آئي يا جيڪا شهر جي ڪچين آبادين واريون سيٽون به کٽندي آئي هئي پوءِ ان ۾ ملير جون سيٽون به ڇو نه هجن يا سنڌي آبادي واريون سيٽون (پوءِ ووٽ کٽن واري حرفت ڀلي ڪهڙي به هجي) پر ڳالھه اها به آهي ته هاڻي ايم ڪيو ايم اڪيلي سِر پنهنجن ئي پراڻن تڪن مان ووٽ کڻڻ ۾ آزرت آهي، يا ماضيءَ ۾ 2008 وارين عام چونڊن دوران جيئن پي پي کڻي اي اين پي سان چونڊ اتحاد ڪيو به هيو ته جيئن رڳو ايم ڪيو ايم کي پوئتي ڌڪجي ۽ اي اين پي کي اڳتي آندو وڃي ته جيئن ايم ڪيو ايم جو زور ٽوڙي سگهجي (اهو چونڊ اتحاد بي بي صاحبا پاڻ پنهنجي هوندي ڪري وئي هئي ۽ ان ڪري 2008 وارين عام چونڊن جي نتيجي ۾ پٺاڻ آبادي جا ڪجهھ ماڻهو جنهن ۾ شاهي سيد به شامل هيو اهي سِينَ تي نظر ايندا هيا جو ذوالفقار مرزا سان گڏگڏ بيٺل نظر ايندا هيا).
پر هاڻي پٺاڻن جي ووٽ جي وفاداري به داوَ تي لڳي وئي آهي، ان ڪري جو پٺاڻ ووٽر هاڻي اي اين پي جا ووٽر سڏرائبا، پي ٽي آءِ جا ووٽر سڏرائبا، جماعت اسلامي جا ووٽر سڏرائبا، جميت العلماءِ الاسلام جا ووٽر سڏرائبا، ايم ڪيو ايم جي پٺيان لڳندا يا ڪجهھ ٻيو، ان ڪري جو انهن جي (اي اين پيءَ) جي پنهنجي سڃاڻپ ناهي رهي، هاڻي اي اين پي وارا پاڻ اڪيلي سِر ووٽ کڻي سگهندا يا ايم ڪيو ايم سان گڏجي اي اين پي به پنهنجن پنهنجن سياسي تڪن ۾ پنهنجي سياسي ”تابوت“ کي ڪلهو ڏئي اهو ثابت ڪندا ته انهن جي سياست هاڻي شهر جي لساني لڙَ ۾ دفن ٿي وئي آ يا هاڻي نه ٿي هلي سگهي، ان ڪري ته پٺاڻ ۽ افغاني ٻه الڳ الڳ شناختون رکندڙ آهن، ٻئي الڳ الڳ مائينڊ سيٽ رکڻ وارا به آهن ۽ بُرا پٺاڻ يا افغاني طالبان مائينڊ سيٽ وارا، پر ساڳي جاءِ تي ايم ڪيو ايم جو ووٽر به ورهايل آهي يا ايم ڪيو ايم کي ٺڳ ٿو سمجهي، اهي ان ايڪسٽريم ايم ڪيو ايمي ذهن تان ان ڪري ڦري ويا آهن جو انهن جو ووٽ به ورهايل آهي، اهي هاڻي شدت پسند ناهن رهيا جو جڏهن انهن 12 مارچ 2022 وارو ”رجيم چينج“ وارو سين ڏٺوسين تڏهن انهن شهر ان اندر بينر جي ٻولي لکي اهو پيغام ڏنو هين ته ”مهاجرون کو کتني پئيسون ۾ بيچ ديا“ هاڻي اهي ئي ووٽر ڪهڙو منهن کڻي وري ووٽ وجهندا يا انهن وڪائو سياستدانن جي ڳالھه ڪندا جو ڌوٻي جي ڪُتي واري ڳالھه ٻنهي پارٽين تي ٺهڪي ٿي، يا ڪو دور هيو جو شهر کي هڪ فون ڪال تي ڪنهن فلمي سين وانگي بند ڪرائڻ وارا 2018 وارين چونڊن ۾ پاڻ ئي ٻهارجي ويا يا آهستي آهستي انهن جي برف به ڳري وئي ۽ اهي جيڪي شهر جون سيٽون ٻهاري ويندا هيا، بيلٽ باڪس ڀري سوڀارا ٿيندا هيا اهي 2018 جي اليڪشن ۾ چند ووٽ مس کڻي سگهيا هيا يا ايم ڪيو ايمي مائينڊ سيٽ وارا پاڻ ئي ڪارنر ٿي ويا، ان ڪري ته انهن پاڻ 2018 وارين چونڊن کي فوج ۽ رينجرس جي موجودگيءَ ۾ چونڊن ڪرائڻ جي فرمائش ڪئي هئي، ان ڪري پراڻين حرفتن جي ڪري شيون انهن جي حق ۾ ممڪن نه ٿي سگهيون يا چونڊون فلمي سينن وانگي شفاف ٿي ويون، ان ڪري اها شدت پسند ايم ڪيو ايم به منظر تان کسڪي وئي، 2018 وارين چونڊن ۾ اهو به ڏٺوسين ته اين اي 249 تان جتان فيصل واڊوا قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي سوڀارو ٿيو هيو، ان کان پهرين اها سيٽ ايم ڪيو ايم وٽ هوندي هئي پر اتي وري 20 مئي 2021 ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ پي پي ٻهاري وئي جتان اي اين پي يا پي ٽي آءِ ۽ ٻيون شدت پسند پارٽيون به منظر تان غائب هيون ۽ پٺاڻ ووٽ وري پي پي جي بيلٽ باڪس ۾ آيو ۽ عبدالقادرمندو خيل کٽي ويو.
پر 2018 وارين چونڊن ۾ اين اين پي وري سين تان مورڳو ئي غائب ٿي وئي ۽ اي اين پي جي گم ٿي وڃڻ جي ڪري پي ٽي آءِ جي جهوليءَ ۾ پٺاڻ ووٽ آيو جو پي ٽي آءِ سيٽون ميڙي وئي. هاڻي به وري ائين ٿيندو جو اي اين پي جي اچڻ سان وري پٺاڻن جو ووٽ ورهائجي ويندو جن ۾ جميعت العلماءِ الاسلام ۽ پي ٽي آءِ پاڻ به حصو ڳنڍينديون، ان ڪري جو پٺاڻ هڪ جاءِ تي مرڪز جي سياست ۾ به شامل آهي ته ٻئي پاسي صوبائي سياست ۾ به حصو وٺي ٿو، ان ڪري هاڻي وري عام اليڪشن يا بي ڊي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جو پٺاڻ ووٽ به داوَ تي لڳي ويندو يا اهو مثال وٺون ته جيئن 18 جون 2022 ۾ اين اي 240 واري سيٽ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اميدوار پهرين نمبر تي آيو ۽ ٽي ايل پي جو اميدوار ٻئي نمبر تي آيو جنهن رڳو 11 ووٽن تان هارايو (ٽي ايل پي وري ڳڻپ وارو ڪيس ڪورٽ ۾ ڪري ڇڏيو آهي) ايم ڪيو ايم حقيقي ٽئين نمبر تي آئي، پي پي چوٿين نمبر تي آئي ۽ پي ايس پي پنجين نمبر تي نظر آئي جنهن مان واضع هيو ته پي ٽي آءِ جي رينڪنگ پنجين نمبر تي به ناهي يا پي ٽي آءِ جو ڪو اميدوار فارم ڀرائڻ ئي نه آيو، جنهن مان ثابت هيو ته پي ٽي آءِ هاڻي رڳو ڪي پي ڪي ۾ ئي رهجي ويندي، ڪراچي مان به ٻهارجي ويندي يا پٺاڻ ووٽ وري ورهائجي ويندو.










