ڪراچي سان ٿيل ڪلورن جي ڪهاڻي ۽ تاريخي پسمنظر

ڪراچي سان ٿيل ڪلورن جي ڪهاڻي ۽ تاريخي پسمنظر

ميرن پنهنجي دور ۾ ڪراچي جي ڳڻپ ڪرائي هئي. هنري پوٽنجر مطابق 1809ع ۾ ڪرايل ڳڻپ موجب ڪراچي جي آبادي 5600 هئي. ان کانپوءِ ٻي ڳڻپ 1813ع ۾ ٿي ۽ ان وقت گهر شماري پڻ ڪئي وئي، جنهن موجب آبادي 13000 هئي ۽ 250 گهر هئا. ان دوران شهر کان ٻاهر ٻهراڙيون الڳ هُيون ۽ انهن جي الڳ سڃاڻپ هئي. ڪئپٽن هارٽ موجب 1839ع ۾ ڪراچي جي آبادي 13850 هئي. انگريزن جي قبضي وقت ڪراچي جي آبادي 14000 هئي. انگريزن 1856ع ۾ ڳڻپ ڪرائي. انُ مُطابق 48421 هئي، جنهن ۾ ڪراچي ڪوٽ کان ٻاهرين علائقن کي به شامل ڪيو ويو هو، انگريزن جي قبضي وقت ڪراچي شهر جيڪو صرف 33 ايڪڙن تي مشتمل هو سو 1861ع ۾ 14 ميلن تي ڦهلجي ويو. ان دوران ايران جا بلوچ مزدوري لاءِ ڪراچي ڏانهن آيا جيڪي لياري ۾ اچي آباد ٿيا. 1872ع ۾شهر جي آبادي 56753 هئي. 1881ع ۾ ڪراچي جي آبادي 73560 هئي. ڏهن سالن کانپوءِ 1891ع ۾ آبادي 105199 ٿي وئي. 1901ع جي ڳڻپ موجب آبادي 136297 هئي. 1931ع کان 41ع تائين ڪراچي جي آبادي ۾ 44.9 سيڪرو واڌ ٿي. ورهاڱي وقت ڪراچي جي آبادي 436887 هئي. شهر جي پکيڙ 233 چورس ڪلوميٽر هئي. اردو ۽ هندي ڳالهائڻ وارن جو تناسب 6.3 هو. ورهاڱي کانپوءِ 1951ع ڌاري ڪراچي جي ڪل آبادي 1086590 هئي. ياد رهي ته ورهاڱي وقت ڪراچي جي اڌ آبادي ٻه لک جي لڳ ڀڳ سنڌي هندو لڏ پلاڻ ڪري هندستان هليا ويا. هندستاني پناهگيرن جي ڪٽڪن جي ڪري ڪراچي جي آبادي ۾ زبردست واڌ ٿي. 1959ع ۾ هي شهر 3000 چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙجي ويو.

1957ع ۾ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وئي. جنهن ترقي جي نالي ۾ ڪراچي جي اصلوڪن ماڻهن جي ڳوٺن جي تباهي ڪري ڇڏي، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هن اداري جي ٺهڻ سان ئي غيرقانوني آيل پناهگيرن کي منظم طريقي سان آباد ڪيو ۽ انهن کي سموريون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون.1972ع ۾ ڪراچي جي آبادي ۾ 15 لکن جو واڌارو ٿيو. هن جو ڪارڻ بنگلاديش مان بهارين جي وڏي تعداد ۾ اچڻ، جنهن ڪري ايشيا جي سڀ کان وڏي غيرقانوني ڪچي آبادي به هتي ٺهي. ٻيو سبب ون يونٽ دوران پنجاب ۽ سرحد مان به لڏ پلاڻ ٿي.1951ع ۽ 1972ع دوران ڪراچي جي آبادي ۾ 217 سيڪڙو واڌارو ٿيو.1998ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي جي آبادي 9802134 ٿي وئي. سيپٽمبر 2004ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم هڪ قرارداد ذريعي سمورن غيرقانوني طور آيل پناهگيرن کي سڃاڻپ ڪارد جاري ڪرڻ لاءِ بل پاس ڪيو، جنهن جي ايم ايم اي ۽ ق ليگ جي سنڌي ميمبرن پڻ حمايت ڪئي، نتيجي طور لکين غيرقانوني آيل ڌاريا سڃاڻپ ڪارڊ ملڻ سان ڪراچي جا شهري ٿي ويا، ان ۾ بهاري، بنگالي، هندستان مان آيل پناهگير ۽ افغانين وڏي انگ ۾ فائدو حاصل ڪيو ۽ ڪراچي جي شهريت جا حق حاصل ڪرڻ کانسواءِ روزگار جي وسيلن کان وٺي سياسي، سماجي معاملن تي به حاوي ٿي ويا ۽ سنڌي جيڪي ورهاڱي تائين مڪمل اڪثريت رکندڙ هئا سي ڌارين جي لوڌن ڪري اقليت ۾ تبديل ٿي ويا. (ياد رهي ته کوکراپار مونابائو ٽرين جي اڪثر قومپرستن حمايت ڪئي هئي سواءِ ڊاڪٽر قادر مگسي جي ترقي پسند پارٽي جي). 2006ع دوران انڊيا مان آيل ان ٽرين ذريعي اڪثر هندستاني ڪراچي ۾ رهي پيا، اها سرڪاري پڌرائي هئي. صرف 59 سالن ۾ سنڌي ماڻهن جي مرضي ۽ منشا خلاف رٿابندي ۽ ڏاڍ مڙسي سان ڪراچي جي آبادي ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي. امن جو شهر جنهن جا رستا، روزانو پاڻي سان ڌوپيا هجن اتي انهن غيرقانوني ماڻهن جي اچڻ سان ڪراچي مقتل گاهه بڻيل آهي. هر ماڻهو هر گهر هيسيل، دٻيل رهي ٿو، روڊ ۽ رستا اڄ به ڌوپجن ٿا پر بيگناهه انسانن جي رت سان. جنرل مشرف جي اقتدار ۾ اچڻ ڪري بلدياتي نظام ۾ تبديلي آندي وئي، ان نئين نظام مطابق هيٺين سطح تي اختيار ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، جنهن مطابق ناظم سسٽم متعارف ڪرائي وڏين آبادين کي ورهائي ماڻهن کي گهر جي دروازي تائين انصاف پهچائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. سڄي سنڌ ۾ ته پراڻا ضلعا ٽوڙي نوان ضلعا ٺاهيا ويا پر ڏيڍ ڪروڙ جي شهر ڪراچي کي سٽي حڪومت نالي ٺاهيو ويو، جنهن ڪراچي جي پکيڙ وڏي هئڻ ڪري پري وارن علائقن جي ماڻهن تائين رسائي نه هئڻ باوجود حصن ۾ ورهائڻ بجاءِ ان کي سٽي حڪومت ۾ تبديل ڪيو ويو. مُشرف پنهنجي اتحادي تنظيم کي تحفي ۾ سڄو شهر حوالي ڪري ڇڏيو. پنجن ضلعن ۾ ورهايل ڪراچي کي هڪ ڪيو ويو ويو. ان جا جيڪي منفي نتيجا سامهون آيا، ان تي اڳتي هلي بحث ڪريون ٿا ته سٽي حڪومت جي نالي ۾ ڪراچي جي ترقي جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن جي مرضي ۽ منشا کانسواءِ انهن جي زمينن، ڳوٺن ۽ ٻين وسيلن تي ڪيئن راتاها لڳا آهن. ايندڙ ڏهن سالن ۾ سوا ڪروڙ جو اضافو ٿيندو ۽ اهي ماڻهو ڪٿان ايندا اهو طئي آهي ته هندستان، افغانستان، بنگلاديش، مطلب ته سڄي سائوٿ ايشيا مان لڏ پلاڻ ڪري ڪراچي ايندا ۽ اهو انگ وڌي به سگهي ٿو، ورهاڱي کان وٺي ڌارين جي اچڻ جو اهو سلسلو هڪ لمحي لاءِ به بند ناهي ٿيو، نتيجي طور جڏهن ڏيڍ ڪروڙ جي آبادي ۾ صرف 18 ٽائون ۾ 3 ٽائون جا ناظم مقامي ماڻهو آهن ته پوءِ جڏهن سوا ڪروڙ جو اضافو ٿيندو ته پوءِ ڇا ٿيندو، اهو طئي آهي ته اهڙي صورتحال ۾ آئنده هڪ به مقامي ماڻهو نه ناظم ٿي سگھندو ۽ نه وري ايم پي اي يا ايم اين اي. ڪراچي سٽي سرڪار جو چوڻ آهي ته جمشيد ٽائون، لياقت آباد ٽائون ۾ ماڻهن جي اڪثريت رهي ٿي، اتي ڳتيل آبادي آهي، جنهن ڪري انهن کي به اتان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو، جن لاءِ 2 ملين يعني 20 لک گھر به ٺاهيا ويندا، جيڪي سستي اگھ تي غريبن کي ڏنا ويندا، ان کان علاوه شهر جي ڪاروباري حلقن جي شڪايت تي سمورن هول سيلرن کي شهر مان ٻاهر منتقل ڪيو ويندو. ڪراچي جي آبادي جي واڌ جي ڪري ڪراچي جي پکيڙ ۾ به اضافو ڪيو ويندو ۽ ان لاءِ ڪراچي جي پسگردائي مقامي ماڻهن جي سروي زمينن تي غير قانوني قبضو ڪيو پيو وڃي. ڳوٺاڻن کي ايم ڊي اي ذريعي هيسائي دٻائي زمينون خالي ڪرويون پيون وڃن ته جيئن   لاءِ ڌارين جي آبادي کي محفوظ ڪرڻ ۽ ڪراچي جي پسگردائي ۾ سنڌين جي افرادي قوت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ غير قانوني طور آيل سمورن پناهگيرن کي ڪنهن مخصوص جڳهه تي رهائي ووٽ جي طاقت ۽ اڪثريتي تناسب سان سنڌين کي ڪراچي ۾ هميشه لاءِ اقليت ۾ تبديل ڪري سگھجي.ان لاءِ رهائشي اسڪيمن لاءِ بن قاسم ٽائون، گڏاپ ٽائون، ڪياماڙي ٽائون ۽ ڪورنگي ٽائون جي آبادي ۾ اضافو ٿيندو، انهن چئني ٽائون ۾ سنڌي اڪثريت ۾ رهن ٿا، انهن جي اڪثريت ٽوڙڻ لاءِ اسڪيمون جوڙيون پيون وڃن. مثال طور (1) بن قاسم ٽائون جي موجوده آبادي 480854 اهي، جيڪا ڏهن سالن ۾ وڌي 2153553 ٿي ويندي. اها تقريباً 348 سيڪڙو واڌ هوندي. (2) گڏ1پ 439674 مان وڌي 2638044 ٿي ويندي يعني 600 سيڪڙو واڌارو. (3) ڪياماڙي 583640 جيڪا 1923912 ٿي ويندي 230 سيڪڙو واڌ سان. (4) ڪورنگي 829813 مان وڌي 1825489 ٿي ويندي يعني 120 سيڪڙو واڌ. مطلب ته صرف سنڌين جي اڪثريتي علائقن ۾ 6645791 ماڻهن جو اضافو ٿيندو، جيڪا 100 سيڪڙو ڌارين جي آبادي هوندي، ان وڌندڙ آبادي جو دٻاءُ صرف سنڌي Area Based ڏانهن آهي، مختلف اسڪيمون جوڙي ان ۾ ماڻهن کي آباد ڪيو ويندو. ٽيسر ٽائون (2) هلڪاڻي اسڪيم (3) هاڪس بي اسڪيم (4) اسڪيم 33 (5) ايم ڊي اي اسڪيم گھگھر ڦاٽڪ (6) شاهه لطيف ٽائون (7) اسڪيم 42 (8) اسڪيم 25-A (9) اسڪيم 43 (10) اسڪيم 45. بحريا ٽائون مٿين اسڪيمن ذريعي سموري غير قانوني بادي کي رهايو ويندو، ان لاءِ مٿين اسڪيمن جي ڪجھ علائقن ۾ شاندار انفرا اسٽرڪچر جوڙيو ويو آهي، انهن اسڪيمن لاءِ تقريباً هڪ لک ايڪڙ زمين جي والار ڪئي پئي وڃي. ان کانسواءِ گڏاپ ٽائون ۾ 7000 ايڪڙن تي مشتمل ٻه نوان ايئرپورٽ ٺاهيا پيا وڃن. انهي کان علاوه 9000 ايڪڙ زمين ڪراچي جي ڪاروباري ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ هول سيل مارڪيٽ کي ٻاهر ڪڍڻ جي رٿا بندي ٿي آهي. 9000 هزار ايڪڙ زمين ٽرانسپورٽ اڏن، ڪارخانا، ڪٻاڙخانه، سلاٽر هائوس، سمال انڊسٽري، فنانس ادارا وغيره لاءِ ڦٻائڻ جي رٿا آهي. ايجوڪيشن سٽي جي نالي ۾ 9000 ايڪڙ زمين ديهه چوهڙ ۾ پلان ڪئي وئي آهي، جيڪا پرائيويٽ ادارن ۽ سرڪار جي گڏيل سهڪار سان جوڙي ويندي. ياد رهي ته ڪراچي جي سمورن پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي مڙهيل آهي ۽ انهن کي صلاح ڏني ٿي وڃي ته اوهين پنهنجن علائقن ۾ داخلا وٺو. ان ڪري اها ڳالهه بلڪل چٽي آهي، ايجوڪيشن سٽي ڌاري آبادي لاءِ جوڙي پئي وڃي. تقريباً 29800 ايڪڙ زمين ڪراچي شهر مان هول سيل مارڪيٽون منتقل ڪرڻ ۽ شهرين لاءِ وڌيڪ قبرستان جوڙڻ لاءِ حاصل ڪئي پئي وڃي. ان زمين جو اڪثر حصو گڏاپ ٽائون، بن قاسم ٽائون، ڪياماڙي ٽائون، ڪورنگي ٽائون ۽ لانڍي ٽائون جي 48 ديهن ۾ آهي، سڄي ساري زمين سنڌي ماڻهن جي مالڪاڻي زمين آهي. ان کان علاوه ديهه کديجي ۾ 9000 ايڪڙ زمين ڊفينس هائوسنگ اسڪيم کي سستي اگھ تي ڏني وئي آهي. سٽي ڊسٽرڪٽ حڪومت ڪراچي اهو طئي ڪيو آهي ته هر سال هڪ لک گهر ٺاهي بي پهچ ماڻهن کي ڏنا ويندا. جنهن مطابق 75سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي کي فراهم ڪبا، جڏهن ته 25 سيڪڙو خوشحال ماڻهن کي وڏي رقم تي ڪمرشل پلاٽ ڏنا ويندا. جيئن ته پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته 1957ع ۾ KDA جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌين جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا. سنڌين جا ڳوٺ ڊاهي ۽ ان جي بر عڪس ڌارين جون آباديون ٺهيون، انهن کي پڪو ڪيو ويو، کين سموريون بنيادي سهولتون فراهم ٿيون.(ڪراچي بابت هي اهم تحرير واٽس ايپ گروپ تي سرڪيوليشن دوران ملي جنهن ۾ لکندڙ ۽ ڪنهن اخبار ۾ شايع ٿيڻ جو ڪو حوالو نه هو. اسين مضمون جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا…ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو