ڪاش خواب حقيقت بڻجي وڃن!

ڪاش خواب حقيقت بڻجي وڃن!

ليکڪ امين ميمڻ

زندگي هر روز  نوان خواب ڏيکاريندي آھي پر انهن خوابن مان ڪجھ اهڙا به هوندا آهن جن کي ساڀيان ڪرڻ لاء انسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو آھي. ان جي اهائي جستجو هوندي آھي ته ڪنھن به ريت پنهنجا اهي خواب پورا ڪريان خواب ان نظرئي ان سوچ جي عڪاسي ڪندا آھن جن کي اسان حاصل ڪرڻ چاهيندا آھيون ماهرن مطابق انسان جنهن شيءِ جي باري ۾ گهڻو سوچيندو آھي اڪثر ڪري اها شيء ان جي خوابن ۾ ايندي آھي۔ اهو ضروري ناهي ته اسان جيڪو خواب ڏسون اهو ساڀيان ٿئي پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته اسان خواب ڏسڻ ئي ڇڏي ڏيون۔ خواب صرف اهو ناهي جيڪو ننڊ ڪرڻ کان پوء بند اکين سان ڏسبو آھي۔  ڪجھه خواب کليل اکين سان به ڏسبا آھن ۔  هاڻي پڙهڻ وارن جي دل ۾ ضرور اهو سوال پيدا ٿيو هوندو ته ڀلا کليل اکين سان به خواب ڏسبا آھن؟؟ ۔ ته انهن کي ٻڌائيندو ھلان ته ها بلڪل کليل اکين سان به خواب ڏسبا آھن زندگي ۾ ڪجھ اهڙيون شيون به  هونديون آھن جن کي حاصل ڪرڻ هڪ خواب جيان هوندو آھي ۔جنهن جو تصور هو صرف پنهنجي سوچن ۾ ئي ڪندو آھي۔ 

ڪنهن شخص ڪيتري نه خوبصورت ڳالهه ڪئي آھي ته ڪجهه ڪري سگهجي يا نه۔۔۔ پر خواب ڏسڻ ته پنهنجي وس ۾ آهن۔۔ پر ان ڳالھ جو مطلب اهو ناهي ته توهان خواب ڏسي يا ڪنهن شيءِ جو سوچي بس چپ ڪري ويهي رهو هرگز نه ….. اصل جدوجهد ته ان کان پوء جي آھي ۔ ته توهان پنهنجي ان خواب جي ساڀيان لاء ڇاٿا ڪيو پنهنجي منزل تي پهچڻ لاء ضرور لاها چاڙها ايندا ڪڏهن ڪو حوصلا افزائي ڪندو، ڪڏهن ڪو اهڙي ته تنقيد ڪندو جو دل ئي ٽٽي پوندي پر مايوسي کي ڪفر سمجهي اڳتي وڌڻو پوندو ۔ ڪنهن ڀلي ماڻهوء ڪيترو نه ڀلو چيو آهي ته خواب ڏسندا رهو ڇو ته ترقي جو ڏاڪو خوابن جي رستي تي آهي منهنجي به اکين ۾ ڪجھ ٽٽل خواب آھن۔ درد دل ۾ دفن آھن ۽ مان هن معاشري ۾ ڪشڪول کڻي نڪتل هڪ اهڙو فقير آھيان جنهن کي خير ۾ صرف محبت ٿي گهرجي منهنجو اهوئي خواب آھي ته منهنجي سنڌ پهريان وانگر امن، محبت ۽ خوشحالي واري ڌرتي ٿئي. جتي نوجوان نسل نشي کي ڇڏي علم طرف راغب ٿئي استاد جيڪي ٻارن جي مستقبل جا امين ھوندا آھن انھن جي عظمت بلند ۽ بالا ٿئي  غلاميءَ جا سمورا ڪوٽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري پون معاشري مان ويساھ گهاتيون ۽ نفرتون ختم ٿين اسان جو نوجوان اجاين ڪمن کي ڇڏي تاريخ جي تھن ۾ لڪل عروج ۽ زوال جا راز پروڙي پنھنجي مستقبل لاء راھون تلاش ڪري ، نياڻين جو ادب ۽ احترام هجي، جتي قانون امير ۽ غريب لاء برابر هجي،طبقاتي ويڇا ۽ طبقاتي فرق فنا ٿي وڃن، دولت جي نشي ۾ رشتن جي سڃاڻپ ختم ٿئي,شراب خوري، جوا، زنا خوري، وياج خوري وغيره جو خاتمو ٿي وڃي جتي ڪا سنڌ جي نياڻي ام رباب جيان انصاف لاء در در جا ڌڪا نه کائي، عدالتن مان ناانصافيءَ بجاء انصاف ملي، اسپتالن مان غريب کي ڌڪن بجاء درد جي دوا ملي جتي معصوم ٻارڙن سان ريپ، زيادتي ۽ بي حسيءَ جا ڪيس نه ٿين جتي رشوت جي بازار گرم نه ھجي  ھن عظيم ڌرتيءَ مٿان پاپ جا اڏا ، شراب جا گتا، جوا جا اڏا ڌاڙيلن ۽ پاٿاريدارن جا مڪروھ عمل ،رھبر جي روپ ۾ رھزنيون، ظلم ڏاڍ ۽ جبر جا سمورا ڪم ختم ٿين، امام بارگاھن مسجدن مندرن چرچن ۽ ڪليسائن مان انسانن کي ورهائڻ بدران محبت جون صدائون گونجنديون رھن ھي تيز تير بڙڇيون ڀالا تلوارون بندوق بم ۽ ٻئي بارود جي بدبوء جو خاتمو اچي وڃي ھر نام نھاد مڪارن چالبازن جون سڀ سازشون ناڪارہ بڻجي وڃن جيڪي انسانيت جو ناحق خون وھائي رھيا آھن ڪوئل جي ڪُو ڪُو تي پابندي نه ھجي  ڌرتيء مٿان رڇ ڪتي جي ويڙھ، ڪڪڙن ڪبوترن ۽ تترن جي ويڙھ کان وٺي انسانن جي وحشي ويڙھاندن تائين سڀ ناسور ختم ٿي وڃن لساني مذھبي علائقائي تفرقا ختم ٿين جھالت بک بدحالي بيروزگاري محرومي ۽ مفادن جي ويڙھ جو خاتمو ٿئي لالچ حرس حسد ۽ بدنيتيءَ جو زوال اچي ۽ ان جي جاء محبت ھمدردي احساس قرباني ۽ خدمت والاري . صحافت جي نالي تي ستمگري نه ٿئي بليڪ ميلنگ ۽ بي رحميءَ جي بازار گرم نه ھجي ميڊيا معاشري جو شفاف آئينو ھجي جنهن ۾ معاشرو پنھنجو ظاھر ۽ باطن ڏسي سگهي ماحولياتي آلودگي ڪنھنجي ٽھڪن جو خون نه ڪري منھنجي ڌرتيءَ کي سرسبز ۽ شاداب ڪندڙ سنڌو درياهه موجون ھڻي وھندو رھي پر شايد منهنجي ان خواهش مونکي سڀ کان وڏو ڏوهاري ڪري ڇڏيو آھي ۽ مان ازل کان ابد تائين انهن انيڪ محبتن، خواهشن ۽ پنهنجي خوابن جو ڏوهاري رهندس.

پهنجو تبصرو موڪليو