ڊي ڪي مري ڪنگ ڪرڪٽ ڪلب جي سوڀ

ڊي ڪي مري ڪنگ ڪرڪٽ ڪلب جي سوڀ

نوشھروفيروز (ڊ ر)دريا خان مري سپر ليگ ڪرڪيٽ ۾ اڄ سخت مقابلو ڊي ڪي مري ڪنگ جي رانديگرن ۽ ڊي ڪي مري سلطان جي کلاڙين وچ ۾ ٿيو، ڊي ڪي مري ڪنگ جي رانديگرن سخت مقابلي کان پوء سوڀ حاصل ڪري ورتي۔ ڪراچي مان پروفيسر حسين بخش چنه پاران ڊي ايس ايل کي ڦل سپورٽ ڪري ھر ٽيم لاء ڪيش انعام ڏنا رانديگرن ۾ سرھائي۔ ڊي ڪي مري سلطان جي ڪپتان جاويد مري ٽاس کٽي پھريان بينٽگ جو فيصلو ڪيو سلطان جا بيٽسمين ڊي ڪي مري ڪنگ جي بالرن سامھون بيھي نه سگھيا ۽ نمبر وار ھڪٻئي جي پويان پويلين ويندا رھيا ۽ مقرر 10 اوور ۾ سموري ٽيم 104 رنسون ٺاھي مخالف ٽيم جي رانديگرن کي 105 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو سلطان ٽيم جو ڪيپٽن جاويد مري 46 رنسون ٺاھي نمايان رھيو ۔ ڊي ڪي مري ڪنگ جي بالر وقار مري 3 اوورن 31 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون۔ جوابي بيٽنگ ۾ ڊي ڪي مري ڪنگ بيٽسمين ساجد سيال بھترين بيٽنگ جو مظاھرو ڪيو ۽ آل رائونڊر وقار مري 3 بالن تي 3 ڇڪا ھڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري راند پنھنجي نالي تي ڪري ورتي۔ ان موقعي تي پروفيسر حسين بخش چنه پاران رانديگرن کي ڊي ايس ايل ڪرڪيٽ ۾ ڦل سپورٽ ھر روز ونر ٽيم لاء ڪيش انعام ڏئي ڊي ايس ايل سپورٽ ڪري اھم ڪردار ادا ڪيو ـ ڊي ايس ايل جي رانديگرن چيو ته پروفيسر حسين بخش چنه ھر روز ونر ٽيم لاء انعام ڏئي ڊي ايس ايل ليگ کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو