ڇا مهانگائي  واقعي گهٽجي وئي؟

ڇا مهانگائي واقعي گهٽجي وئي؟

الله نواز خان
حڪومت پاران مهانگائي ۾ لاٿ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن. خوبصورت انگن اکرن سان ٻڌايو پيو وڃي ته مهانگائي گهٽ ٿي وئي آهي. هڪ رپورٽ موجب، جون 2026ع ۾ سالياني بنيادن تي مهانگائيءَ جي شرح گهٽجي 11.1 سيڪڙو تي اچي وئي، جڏهن ته مئي ۾ 11.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. عالمي بئنڪ پاران هن مالي سال ۾ پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ جي شرح تقريباً 3.0 سيڪڙو کان 3.4 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پنهنجي ناڻي واري پاليسي (مانيٽري پاليسي) ۾ وياج جي شرح 10.5 سيڪڙو تي برقرار رکي آهي ته جيئن معاشي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. اسلام آباد جي شمارباتي اداري موجب ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي مجموعي سالياني شرح 13.52 سيڪڙو تي اچي وئي. اهو به چيو ويو ته 23 شيون وڌيڪ مهانگيون ٿي ويون آهن.
مٿي ڏنل انگ اکر عام ماڻهوءَ لاءِ بي معنيٰ آهن. حڪومت کي اهو سوچڻ گهرجي ته هڪ عام ماڻهو پنهنجو گذران ڪيئن ڪري ٿو؟ عام ماڻهو وڏي مشڪل سان حالتن جو مقابلو ڪري رهيو آهي. بجليءَ کان سوا ٻيا بل به عام ماڻهوءَ جي ڳڻتيءَ ۾ مسلسل واڌ ڪري رهيا آهن. توانائيءَ جي وڌندڙ قيمتن ڪروڙين زندگين کي متاثر ڪيو آهي. رپئي جو ملهه مسلسل ڪربو پيو وڃي. صرف بجليء جو بل ڀرڻ به عام ماڻهوءَ لاءِ انتهائي ڏکيو ٿي چڪو آهي.
حڪومت جون دعوائون ته مهانگائيءَ جي شرح گهٽبي پئي وڃي، عوامي پد تي انهن دعوائن کي مڃڻ مشڪل آهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪمائي (آمدني) گهٽ ٿي وئي آهي پر شيون مهانگيون ٿي ويون آهن. ڪمائي ۽ قيمتن ۾ چٽي تفاوت جي ڪري عوامي بيچينيءَ ۾ تمام گهڻو اضافو نظر آيو آهي.
ٽيڪسن جي شرح ۾ واڌ انتهائي ڊيڄاريندڙ آهي. هر شيءِ مسلسل مهانگي ٿي رهي آهي. ڀاڄيون، داليو، گيهه، کنڊ سميت ٻيون کائڻ پيئڻ جون شيون تمام گهڻيون مهانگيون ٿي ويون آهن. مهانگائيء سان گڏ بيروزگاري (واندڪائي) به وڌي رهي آهي. بين الاقوامي صورتحال اثر انداز ٿي رهي آهي پر عوام کي جيئڻ جو حق به ملڻ گهرجي. هر پاڪستاني چاهي ٿو ته سندس گذران ڪجهه بهتر نموني ٿئي، سندس ٻار تعليم حاصل ڪري سگهن. جيڪي پڪا ملازم آهن يا مالي طور سگهارا آهن، اهي بهتر زندگي گذاري رهيا آهن، پر جيڪي ڏهاڙيءَ تي مزدوري ڪن ٿا، تن جو گذران انتهائي مشڪل سان ٿي رهيو آهي.
جن ماڻهن لاءِ گذران ڏکيو ٿي ويو آهي، تن لاءِ حڪومتي انگ اکر هڪ چٿر (مذاق) برابر آهن. ڪروڙين ماڻهن کي خوراڪ جي کوٽ جو سامهون آهي. خوراڪ کان سواءِ صاف پاڻي به ميسر ناهي. ڪروڙين ماڻهو بهتر علاج لاءِ تڙپي رهيا آهن. پاڪستان ۾ علاج انتهائي مهانگو ٿي چڪو آهي ۽ روزگار انتهائي مشڪل سان ملي ٿو.
حڪومت کي اهڙيون حڪمت عمليون (پاليسيون) جوڙڻ گهرجن جن سان ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال فوري طور تي بهتر ٿي سگهي. عام خاندان رات جو ان ڳڻتيءَ سان سمهي ٿو ته صبح جو ڇا کائبو؟ ماڻهو پنڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ هر شعبو زوال ڏانهن وڃي رهيو آهي. حڪمران دعوائون ڪندا آهن ته بهتريءَ طرف وڌي رهيا آهيون، پر حقيقت ان جي ابتي آهي. اڃا تائين اهڙو ڪو گهڙيل منصوبو ناهي ٺاهيو ويو جنهن سان ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ٿئي. دعوائن سان حقيقتن کي نٿو بدلي سگهجي. معاشي صورتحال بگڙجي رهي آهي، جيڪڏهن فوري طور تي سنجيده ڌيان نه ڏنو ويو ته مستقبل ۾ حالات تمام گهڻا خراب ٿي ويندا.
بين الاقوامي صورتحال به ملڪ جي معيشت تي تمام گهڻو اثر انداز ٿي رهي آهي. وچ اوڀر ۾ پکڙجندڙ ڇڪتاڻ ۽ ٻيا علائقائي حالات پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائي رهيا آهن. سياسي عدم استحڪام به ملڪي معيشت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي. انهن مسئلن جي باوجود معاشي صورتحال کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. ڪيترا ئي ملڪ پاڪستان کان به بدتر صورتحال جو سامهون ڪري رهيا آهن، پر اتي معيشت تمام بهتر آهي.
حڪومت ۾ شامل سڀئي ڌريون (اتحادي) گڏجي پاڪستان جي معيشت کي بهتر ڪري سگهن ٿيون. مخالف ڌر (اپوزيشن) سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. پاڪستان هن وقت حقيقي طور نازڪ موڙ تان گذري رهيو آهي، سڀ سياسي پارٽيون گڏجي بهتر رستو ڪڍي سگهن ٿيون. حڪمرانن جي مراعاتن ۾ مسلسل واڌ ڪئي پئي وڃي پر عام ماڻهوءَ لاءِ پريشانيون وڌايون پيون وڃن. حڪمران پنهنجي مراعاتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي هاڪاري پيغام ڏئي سگهن ٿا.
صنعت ۽ زراعت جا شعبا فوري ڌيان جا گهرجائو آهن. مهانگائيءَ جي مسئلي جي ڪري عوام حڪومت کان بدگمان ٿي رهي آهي. مهانگائيءَ جي ستايل عوام موجوده حڪمرانن مان بيزار ٿي چڪي آهي.
پاڪستان ۾ پونجي سيڙپڪاريءَ (سرمايه ڪاريءَ) جي سخت ضرورت آهي. پاڪستان ۾ موجود ناڻي وارن (سرمايه ڪارن) کي به گهرجي ته پاڪستان ۾ پونجي سيڙائين. بين الاقوامي طور تي به سيڙپڪارن کي سڏ ڏئي سگهجي ٿو. سعودي عرب، چين ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ يا سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي وٺندا. قرض به پاڪستاني عوام جو رت نچوڙي رهيا آهن. قرضن ۾ لاٿ لازمي طور ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ معيشت بهتر نه ٿي سگهندي. پرڏيهي ناڻي جو هڪ وڏو حصو وياج جي صورت ۾ هليو وڃي ٿو.
پاڪستان ۾ معدنيات کي به ڪم آڻي سگهجي ٿو. موجوده صورتحال ۾ معيشت کي سنڀالڻ انتهائي ڏکيو آهي پر انقلابي قدم کڻي صورتحال بهتر ڪري سگهجي ٿي. قرض وٺي معيشت کي بهتر نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي قرض وٺڻ ڪا وڏي ڪاميابي آهي. قرض جي رقم ۽ ملڪي وسيلن کي تعميري طور استعمال ڪيو وڃي ته پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿي سگهي ٿي. اڃا به ايتري دير ناهي ٿي جو سنڀالي نه سگهجي، ڪوشش سان حالات کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو