ليکڪ طفيل مگسي
چين ۽ روس جيڪي نهايت تيزي سان اڀري ڪري تمام وڏي خطري جي شڪل اختيار ڪري رهيا آھن.ان مسئلي يورپ جو ننڊون ئي حرام ڪري ڇڏيون آھن ته ڪئين انهن ٻنهي ملڪن جي وڌڙ طاقت کي هڪ خاص حد تائين محدود ڪري سگهجي ٿو.ايستائين ته يورپ انهن وڌندڙ ٻنهي ملڪن جي طاقت واري خوف کان ڪمپرسي جو شڪار تي رهيو آھي. چين ۽ روس جهڙن ملڪن سان منهن ڏيڻ جي لاء بهترين حڪمت عملي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ؟ انهن کي چيلينج ڪرڻ.انهن سان ٽڪر کائڻ .انهن کي خاص حد تائين روڪي رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ؟ ڇا صرف معاشي مامرن ۾ ڪو وڏو قدم کڻي ڪري انهن ٻنهي طاقتن کي دٻائي سگهجي ٿو؟ يا پنهنجي مرضي جي جو بڻائي سگهجي ٿو؟ اهي سمورا سوال يقينن ويچار طلب آھن.ڇاڪاڻ ته انهن جي درست جواب جي شڪل ۾ ئي يورپ جي لاء پنهنجي طاقت کي برقرار رکڻ جو ڪو گس ملي سگهي ٿو. امريڪا .يورپي يونين ۽ برطانيا چين کي روڪڻ جي لاء جيڪي اقتصادي پابنديون هنيون هيون انهن کي چيني قيادت هڪ ڌڪ ۾ رد ڪري ڇڏيو آھي.برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن چين واري مامري تي ڪجه گهڻو ئي جذباتي ڏيک ڏيئي ٿو.چيني قيادت به محسوس ڪري ٿي ته جيڪڏھن هو گهربل حد تائين جذباتي نٿو ٿيئي ۽ ڪنهن به قدم جو فورن جواب نه ڏنائين ته هن جو اڳتي وڌڻ مشڪل ٿي ويندو ۽ اھوئي سبب آھي ته چين ڪنهن به قدم جو فوري جواب ڏيڻ ۾ سستي يا ڍر نٿو ڪري.
چين جي صوبي سنڪيانگ جي مسلمانن جي حقن جي خلاف ورزين وارن الزامن جي بنياد تي ڪميونسٽ پارٽي جي چئن هيٺين درجي جي عهديدارن کي مقرر ڪري انهن کي مغربي دنيا جي دورن کان روڪيو ويو آھي ۽ مغرب ۾ ملڪيتون رکڻ تي پڻ پابندي وڌي وئي آھي.
ان جي بدلي ۾ چين به مغربي دنيا جي قانون ٺاھيندڙن کي پاڻ وٽ اچڻ کان روڪي ڇڏيو آھي.جنهن ۾ برطانيا جي دارلعلوم پرڏيهي مامرن جي ڪميٽي جو سربراه .جرمن پارلامينٽ جو ميمبر ۽ فرانس جو سوشلسٽ پارليماني ميمبر پڻ شامل آھن. انهن قدمن جي جواب ۾ فرانس چيني سفير کي احتجاجن گهرايو ته جيئن ان کان مختلف مامرن تي وضاحت طلب ڪئي وڃي. جيڪي ڪجه چين ۽ مغربي دنيا ۾ ٿي رهيو آھي.ان سان چين ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ سرمائيڪاري جي معاهدي جي واڌ جا باقاعده امڪان محدود ٿي رهيا آھن. 2020ع جي پڇاڙي تائين ان معاهدي کي ڌرين جي لاء غير معمولي ڪاميابي قرار ڏنو ويو هو.مگر هينئر مامرو بگڙجي چڪو آھي. چين هينئر تائين يورپي ملڪن جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا آھن.اهي درست ثابت ٿيا آھن. ڇوت برطانيا.فرانس ۽ جرمني کي محسوس ٿيو آھي ته انهن کي خطرناڪ حالتن ۽ واقعن جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.ٻي پاسي امريڪا هينئر تائين اهوئي ثابت ڪيو آھي ته هو ڇين جي مامري ۾ چٽي اپروچ اپنائڻ چاهي ٿو.امريڪي صدر جوبائيڊن چين ۽ روس جي حوالي سان ڪا به ڳالھ لڪ ۾ ناهي ڪئي.هن ٽي وي تي روسي صدر پيوٽن کي قاتل سڏيو آھي ۽ چيني صدر شي جي پنگ کي دوکيباز پڻ قرار ڏنو آھي. امريڪا جي پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ جي حوالي سان سوچڻ وارن جي پليٽ فارم“دي اٽلانٽڪ ڪائونسل“ هاڻي “لانگر ٽيلي گرام“ڇاپيو آھي.جنهن۾ چيو ويو آھي ته جيڪڏھن چين ۽ روس سان بهتر طور تي منهن ڏيڻو آھي ته جاپان.آسٽريليا ۽ ڀارت سان تعلقات کي مضوطي ڏيڻي پوندي گڏ ئي گڏ هن ڳالھ تي پڻ زور ڏنو ويو آھي ته جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جا اختلاف گهٽائڻ ۽ تعلقات بهتر بنائڻ تي پڻ ڌيان ڏيڻ کپي ته جيئن اهي ٻئي ملڪ گڏجي مغربي دنيا جو عمومي ۽ واشنگٽن جو خاص طور تي ساٿ ڏين.ان کان علاوه “دي اٽلانٽڪ ڪائونسل “جي انهيء مضمون ۾ امريڪا تي زور ڏنو ويو آھي ته اهو روس سان مامرا درست ڪرڻ تي ڌيان ڏيئي.اهو سڀ ڪجه حقيقت ۾ ان لاء آھي ته چين ۽ روس ۾ حڪومت ئي نه بلڪ حڪومتي نظام کي به تبديل ڪيو وڃي.اهو سڀ ڪجه باقاعده جنگ جي اعلان کان ڪجه وڌيڪ مامرو ناهي چو ت گهيراء ته هونئن به تنگ ڪيو پيو وڃي. يورپ جي لاء پريشانيون ئي پريشانيون آھن.برطانيا.فرانس.جرمني ۽ ٻيون يورپي طاقتون پريشاني جو شڪار آھن.اصل ۾ حقيقت اها آھي ته چين هينئر انهن جي لاء امريڪا کان وڏي منڊي آھي.ايڪويهين صدي ۾ جرمني جي ٻن چانسلر گيرها شروڊر ۽ اينگلا مرڪل جهموريٿ کي واڌ ڏيڻ جي لاء لبرل نظام جي وڏي آئيڊل کي چين ۽ روس جي لاء برآمدات وڌائڻ تي قربان ڪري ڇڏيو. پولينڊ جي سابق پرڏيهي وزير ۽ سابق دفاع جي وزير راديڪ سڪورسڪي جيڪو هينئر پارليمان جو ميمبر آھي.ويجهڙائي ۾ هڪ مقالو ڇاپيو آھي ته جنهن ۾ ھن ڳالھ تي زور ڏنو ويو آھي ته يورپي يونين کي چين جي طرفان هلائڻ واري غلط بياني واري مهم ۽ مڙھيل بيانن جي خلاف سخت مزاحمت ڪرڻ کپي. راديڪ سڪورسڪي جو ڳاڻيٽو يورپ جي قانون سازن ۾ ٿيئي ٿو.جيڪو پرڏيهي پاليسي ۽ چين سان تعلقات جي حوالي سان غير معمولي بيباڪي تي مشتمل خيالن جو مالڪ آھي.ان جو هي به چوڻ آھي ته يورپي يونين جي ڪميشن2019ع ۾ چين کي مختلف معاشي مفادن جو مالڪ هئڻ جي باوجود هڪ سٺو شريڪدار قرار ڏيڻ وارو جيڪو موقف اپنايو هو.اهو هينئر تائين بيڪار ٿي چڪو آھي ۽ چين کي هڪ ڪٽر دشمن جي طور تي ڏسڻ گهرجي. مغربي طاقتون چين جي پاليسي ۾ ظاھر ٿيڻ وارين تبديلين تي ڳوڙھي نظر رکيون پيون آھن.انهن جي خيال ۾ چين هوريان هوريان پنهنجين پاليسين ۾ اهڙيون تبديليون آڻي رهيو آھي.جن کي ڪنهن به طور تي قبول نٿو ڪري سگهجي.هو ڪنهن به مامري ۾ پوئتي هٽڻ تي تيار ناهي.هن جي ڀرپور ڪوشش آھي ته ڪنهن نه ڪنهن طور تي معاشي مامرن کي وڌ کان وڌ مفادن جي نقطي نظر کان يقيني بنائڻ وارو رستو ورتو وڃي.هو بنيادي حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان يورپ وامريڪا جي تنقيد کي ڌيان جي لائق ئي نٿو سمجهي.هانگ ڪانگ ۽ تائيوان جي حوالي سان هن جيڪو رويو اختيار ڪيو آھي.ان کان اندازو هڻي سگهجي ٿو ته هو هاڻي ڪنهن به سطح تي ويڙھ وارو چيلينج قبول ڪرڻ جي لاء پڻ تيار آھي.ڪافي ملڪن ۾ ميگنٽسڪي قانون هاڻي چيني رهواسين تي لاڳو ٿين ٿا ۽ انهن قانونن جو بنيادي مقصد اهو آھي ته انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ٻين ڏوھن جي بنياد تي چين ۽ روس جي ناپسنديده شخصيتن کي مغربي ملڪن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي.انهن ئي قانونن جي مدد سان روسي صدر پيوٽن جي اهڙن ايجنٽس جي امريڪا ۾ داخلا بند ڪئي وئي آھي.جيڪي اهم شخصيتن تي قالاڻا حملا ڪن ها.ساڳيوئي مسئلو برطانيا جو پڻ آھي.
هڪ اهم سوال هي آھي ته ان طرح جي قدمن سان مغربي يونين جو ڪجھ ڀلو ٿيندو يا چين کي نقصان پهچي سگهندو.اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو.
ليڪن اڄڪله دنيا ۾ ميڊيا جي محاذ تي ويڙھ کي تيز ڪرڻ واري خيال کي ساراهيو پيو وڃي.جڏھن ته امريڪا ۽ روس جي وچ ۾ اھا ويڙھ ڪجه عرصي کان جاري آھي.مگر ان ۾ اھا تيزي ناهي آئي.جنهن جي باري ۾ ماڻھو سوچي رهيا هئا.هاڻي ائين لڳي ٿو ته امريڪا قيادت سوشل ميڊيا جي ذريعي ڪجه ڪرڻ جو ارادو رکيو آھي.آثار هن ڳالھ جا آھن ته روسي صدر ولاديمر پيوٽن ۽ ان جي دوستن کي بحيثيت خاص نشاني تي ورتو ويندو ته جيئن روس کي وڌ کان وڌ جارح ثابت ڪجي.اهو سڀ ڪجھ ان ڪري ضروري سمجيو پيو وڃي ته هينئر تائين پيوٽن انهيء محاذ تي غير معمولي نوعيت جي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. هتي هي سوال به پنهنجي جڳه تي خاص اهميت رکي ٿو ته ڇامغربي ۽ خاص ڪري يورپي جهموريتون ايتريون ئي بيوس ٿي ويون آھن ؟ ڇا اهي هاڻي چين جي خلاف ڪجه به ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن رهيون؟هڪ اهم رٿ اها آھي ته روس ۽ چين جا جيڪي سياستدان غير معمولي اثر ورسوخ جا مالڪ آھن ۽ پاليسين جي جوڙجڪ ۽ تهذيب تي اثر انداز ٿين ٿا.انهن جي خلاف سوشل ميڊيا تي منظم مهم هلائي وڃي.چين ۽ روس جا جيڪي سياستدان مغربي جهموريت جي خلاف غلط بياني تي مشتمل سوشل ميڊيا مهم هلائڻ جا ذميوار آھن.انهن کي خاص طور تي نشانو بنائڻ جي رٿ پيش ڪئي وئي آھي.
چين ۽ روس هينئر تائين ڇاپي مارن جهڙو انداز اختيار ڪيو آھي.هاڻي مغربي دنيا ۾ اهو به انداز اپنائڻ جي ڳالھ ڪئي پئي وڃي.جيتوڻيڪ اها ويڙھ ميڊيا جي محاذ تي وڙھي ويندي.امريڪا ۽ يورپ ۾ اھا خواهش تيزي سان وڌي رهي آھي ته اهڙا ماهر تيار ڪيا وڃن .جيڪي سوشل ميڊيا تي چين ۽ روس جي اڻوڻندڙ سياستدانن جي خلاف وڌ کان وڌ مواد پيش ڪري ان مواد ۾ روسين ۽ چينين کي نشانو بڻايو وڃي. مغرب ۾ چيني صدر چن جي پنگ جي خلاف ميڊيا مهم جي ڳالھ تي وڏو زور ڏنو پيو وڃي ۽ عام خيال اهوئي ئي آھي ته شي جي پنگ خاص آمراڻو انداز اختيار ڪري پاڻ وٽ جهموريت جي واڌ ويجھ واري رستي کي محدود ڪري ڇڏيو آھي.امريڪا ۽ دورپ چاهين ٿا ته چين ۾ لبرل ڊيموڪريسي کي هٿي ڏني وڃي.شي جي پنگ غير معمولي آمراڻي انداز سان گڏ مامرن کي هلايو آھي.اهڙي صورتحال ۾ اهو لازم ٿي ويو آھي ته ان جي خلاف به سوشل ميڊيا تي طاقتور ترين مهم هلائي وڃي. هاڻي هڪ اهم سوال هي آھي ته ڇا يورپي يونين ۾ برطانيا وٽ ايتري طاقت آھي ته چين ۽ روس جي خلاف ميڊيا تي ڪا طاقتور مهم هلائي سگهن.هينئر تائين واري تجربي کان هي ڳالھ نهايت چٽي ثابت ٿي چڪي آھي ته انهن ٻنهي وٽ مامرن کي بگڙجندو ڏسي ڪري هٿ مهٽڻ کانسواء ڪو رستو ناهي رهيو.جنهن جو بنيادي سبب اهو آھي ته جرمني کي گڏ کڻڻ کانسواء ڍنگ سان ڪجه به ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو. جڏھن ته جرمن وارو مامرو اهو آھي ته ان جون سموريون اسٽيبلشمينٽ پارٽيون چاهين ٿيون ته في الحال چين ۽ روس جي مامرن ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي ۽ ڪو به اهڙو قدم نه کنيو وڃي جيڪو سڌوسنئون ٽڪراء ڏانهن وٺي وڃي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته يورپي يونين ۽ برطانيا کي في الحال روس ۽ چين جي خلاف ڪا خاص مدد نٿي ملي سگهي.برطانيا ۽ باقي يورپ جيان جرمني کي به پنهنجا معاشي مفاد عزيز آھن.ان ڪري هو چين سان ائين ڪجھ به ڪرڻ نٿو چاهي جنهن سان هن جي برآمدات متاثر ٿيئي ۽ سرمائيڪاري کي هاڃيو رسي. هن وقت جرمني قيادت جي ڪوشش آھي ته معاشي مامري کي سياست جي قربان گاه تي قربان نه ڪيو وڃي.سياسي نظام جي آئيڊيلز کي مضبوط بنائڻ جي نالي تي معاشي مامرن کي بربادي ڏانهن ڌڪڻ جي ڪا به ڪوشش جرمن قيادت کي نٿي سونهين. صورتحال جي نزاڪت کي ڏسندي اهو اندازو هڻڻ مشڪل ناهي ته يورپي يونين ۽ برطانيا کي هينئر ڪجه ٻيو سوچڻو پوندو.ڇاڪاڻ ته اهي جرمني جي رحم وڪرم تي چين ۽ روس جي خلاف ڪا وڏي مهم نٿا هلائي سگهن.ان ڪري هنن ٻنهي کي امريڪا سان گڏجي ڪري ئي ڪجھ ڪرڻو پوندو.امريڪا انهن جو ساٿ ڪيستائين ڏئي سگهي ٿو.امريڪا جون پنهنجيون مشڪلاتون ۽ مجبوريون آھن.امريڪا ۽ يورپ کي هن وقت چين ۽ روس جي خلاف جيڪي ڪجه به ڪرڻو آھي.ان ۾ دانشمندي جي دامن کي به ناهي ڇڏڻو.محض جذبات جي وهڪري ۾ وهي ڪري ڪجه ڪرڻ سان اهڙيون خرابيون پيدا ٿي سگهن ٿيون .جن تي ڪنٽرول ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ نه رهندو.










