چائيلڊ ليبر جو مسئلو ۽ سنڌ 

چائيلڊ ليبر جو مسئلو ۽ سنڌ 

حسين آزاد
 انساني سماجن ۾  گهڻيون خاميون ۽ ڪوتاهيون رهن ٿيو پر ڪي ڪي خاميون ۽ ڪوتاهيون اهڙيون آھن جو سماج جي آئده کي کوکلو ڪري ڇڏين ٿيون ۔ جيڪڏهن رياست انهي خامين طرف توجھ نٿي ڏي ته ايندر نسل گهڻي ڀوڳنائن مان گذرندو آھي جنهنڪري سماج بيمار ٿي پوندو آھي ۽ بيمار سماج جي شعوري سطح ترقي يافته سماجن کان گهڻي هيٺين سطح تي هوندي آھين ۔۽ سماجن جي ترقي جي ڊوڙ ۾ سماج خود ڊپريشن جو شڪار ٿي ويندو آھي ۽ اهي سماج  احساسي ڪمتري احساسي محرومين  جو شڪار ٿين ٿا ۽  نه صرف انهن جي مادي ترقياتي جي رفتار گهٽجي وڃي ٿي پر انهن جي ذھني روحاني ثقافتي ترقي تي هاڃيڪار اثر پون ٿا جنهن سبب ڪري سماج جي مجموعي تخليقي صلاحيتون متاثر ٿي پون ٿيون ۔۽ اهو سماج هن جديد دور جي هر شعبي جي ڪامپيٽيشن دور ۾ پوئتي رهجي ويندو آھي ۽ نتيجن ٻين سماجن جو محتاج رهي ٿو ۔ اڄ به جتي ۽ جنهن رياست جو سماج تعليم يافته تخليقي ذھن تيار ٿين ٿا اتي تخليقون ۽ نئي ٽيڪنالاجي عروج تي آھي اتي سندن سوچ ۽ سمجھ ساڃاھ احساساتي حس  به وڌيڪ هوندي آھي نه صرف ايترو پر سندن ثقافت به بيمار سماجن تي غالب اچي ويندي آھي ۽ مغلوب قوم غالب قومن جي ثقافت جي نقل ۽ غلامي ڪندي آھي جيئن هن وقت مغرب جي ثقافت مشرق تي غالب رهندي پئي اچي جنهن ۾ لباس کان ويندي کاڌي پيتي تائين نقل ڪيو  ٿو ۔ بهرحال ڳالھ جي سنڌجي سماج آھي جتي  لکين سنڌ جي ٻارن  جو پورهيو ڪرڻ جو انڪشاف، ٿيو  آھي ۔ 28 سالن بعد سنڌ جي ليبر کاتي، يونيسيف ۽ بيورو آف اسٽيٽڪس پاران ڪيل سروي ۾  حقيقتون سامهون آيون آھن ۽ سروي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي  ويو آهي ته سال 2022ع کان 2024ع تائين ڪيل سروي موجب صوبي ۾ 16 لک ٻارڙا پورهيو ڪن ٿا، 10 سالن کان 17 سالن تائين جي عمر وارا 8 لک ٻارڙا خطرناڪ حالتن ۾ ڪم ڪن پيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته محنت مزدوري ڪندڙ ٻارڙن جي اسڪولن ۾ حاضري واري شرح به ڇرڪائيندڙ آهي، محنت ڪندڙ رڳو 40.6 سيڪڙو ٻارڙن جي اسڪولن ۾ حاضري لڳي ٿي!  رپورٽ موجب ته قمبر ضلعو چائلڊ ليبر جي حوالي سان سڀني کان اڳتي آهي ، جتي چائلڊ ليبر جي شرح  30.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ اها شرح 29 سيڪڙو، شڪارپور ۾ 20.2 سيڪڙو ۽ ٽنڊومحمد خان ۾ 20.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، سروي ۾ ڪراچي ڊويزن ۾ چائلڊ ليبر جي شرح سڀني کان گھٽ رڪارڊ ڪئي وئي،  جتي رڳو 2.38 سيڪڙو ٻارڙا پورهيو ڪن ٿا. ان حوالي سان ليبر کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته 14 کان 17 سالن تائين جون ڇوڪريون هفتي ۾ 13.9 ڪلاڪ گھريلو ڪم ڪن ٿيون، جنهن ڪري انهن لاءِ تعليم جو سلسلو جاري ڪرڻ مشڪل بڻيل آهي. ليبر کاتي جي اختيارين موجب ته 1996ع جي مقابلي ۾ صوبي ۾ چائلڊ ليبر جي مجموعي شرح ۾ 50 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي، پر ڪئي ضلعن جي صورتحال ڳڻتي واري آهي. ٻئي طرف ليبر کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد علي شاھ چيو آهي ته چائلڊ ليبر جو تعلق غربت سان آهي، 37.7 غريب گھراڻن ٻڌايو ته سندن گھٽ ۾ گھٽ هڪ ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهي، رپورٽ ۾ چيو ويوآهي  ته  پورهيو ڪندڙِ 20.1 سيڪڙو ٻارڙا ڊپريشن  جوشڪار  ٿين ٿا. جيڪڏهن سچ چئجي ته آئون سمجهان ٿو ته اهيا سروي به اڻپوري آھي ڇاڪاڻ اسان جي سنڌ جي اسڪولن جي ٻارن جي داخلا ۽ حاضري جو رجسٽر کڻي ڏٺو وڃي ته اسڪولن ۾ رهندڙ غير حاضر شاگردن جو تعداد اندازن ففٽي پرسن کان به مٿي رهندو آھي ان کان سواء اڻ داخل ٻارن جو ريشو به تمام گهڻو آھي ۽ ڊراپ آئوٽ ريشو به وڌيڪ بهيندو ۔ اهي سڀ ٻار ڪنهن نه ڪنهن سستي اگھ تي مزدوري ڪن ٿا ۔ ٻھراڙين جي ٻار جي دنيا ئي پنهنجي آھي جتي تمام گهڻي غربت آھي ۽ زرعي سماج آھي جتي تقريبن مڊل ڪلاس کان وٺي هاء اسڪول جي سطح تائين جا شاگرد اسڪول ٽائيم کان پوء زمين جي ڪم  مال چارڻ گهر مال جو گاھ ڪرڻ ۽ ٻين ڪمن سان جڙيل هوندا آھن۔ جيڪو به سئون سڌو ليبر چائيلڊ ۾ شامل آھي ان کان سواء گهرن جي صفائي ڪرڻ وڏن واپارين وٽ سستي اگھ تي دڪانن تي ڪم ڪرڻ ميڪينڪ جي دڪانن ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ هوٽلن تي سڀ کان وڌيڪ ننڍا ٻار ڪم ڪندي ملن ٿا جنهن جو سبب غربت کان سواء مائيٽن جي ذھني غربت ۽ حڪومت جي بيحسي شامل آھي ۔ جيڪڏهن اڃان به سروي کي ڳوٺن جي سطح تائين کڻي اچجي ته ڪيترا ئي انڪشاف ٿي سگهن ٿا ۽ مٿين فگر 16 لک کان گهڻي مٿي پهچي سگهي ٿي پر ان کي هڪ پاسي رکي صرف 16 لک تي سوچجي ته ڪنهن به رياست لاء هي هڪ وڏو چيلنج آھي ته جتي انساني حقن جي چارٽر ۾ عورتن جا حق آھن , بيمارن جا حق آھن, پوڙھن جا حق آھن , اتي معصوم ٻارن ۽ نابالغن جا به حق آھن ,  انهن جي حق تلفي ۾ مائيٽن کان ويندي سرڪار تائين ۽ سوسائٽي جي اسٽيڪ هولڊرن تائين سڀ جا سڀ ذميوار آھن ۔ننڍي عمر جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پهري ڳالھ ته تعليم جو پورو حق آھي جيئن ٻين سڌريل سماجن ۾ هوندو آھي ۔ ۽ بعد ۾ سندن خواڪ لباس ۽ خوشين ۾ شموليت هر ٻار جو حق آھي , پر اسان جي سنڌ جهڙي پٺتي پيل سماجن ۾ صرف اميرن جا ٻار اهي حق ماڻي سگهن ٿا , باقي غريب جو ٻار ته سوچي به نٿو سگهي ۔ غريب جو ٻار جيڪڏهن اسڪول ۾ به پڙھي ٿو ته کيس گهر جي گذر سفر جو گهڻو اونو رهندو آھي ,جنهن جي ڪري سندس تعليم ڏانهن ڌيان گهٽ پر گهر ۾ بيٺل بک تي ٻڪرين  جي چارڻ مال جي گاھ جو فڪر گهڻو هوندو آھي ۔ ڇاڪاڻ سندسى مائيٽ به تعليم کان وڌيڪ ٻڪرين ۽ رڍن ۽ ٻئي مال جي چارڻ , گاھ ڪرڻ , زمين جو ڪم ڪرڻ لاء تنبهي وڌيڪ ڪندو آھي, جنهڪري سندس اسڪول ۾ به سوچ ۽ ڌيان جو مرڪز گهر رهندو آھي جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آھي ته امتحانن ۾ صرف ڪاپي ئي ڪري پاس ٿي سگهي ٿو باقي رزلٽ  ڊبل زيرو ئي رهي ٿي ۔ سنڌي ماڻهن لاء روزگار هڪ الميو رهيو آھي, خصوصن ٿرپار ڪر ضلع ۽ پوئيتي پيل ضلعن جهڙوڪر سجاول بدين وغيره روزگار جا وسيلا گهٽ ھئڻ ڪري ڪيتريون ئي سماجي برايون جنم وٺي رهيو آھن ۔ آڪڙا , پرچي ,جووا ۽  منشيات جو عروج آھي, جنهن ۾ ننڍي عمر جا ٻار پڻ شامل آھن ,جن جو وات گٽڪي مين۽ پڙي , پان , مائو مان سڄو ڏينهن ڀريو پيو آھي ۽ اهي ننڍي عمر جا هجن يا وڏي عمر جا هجن انهن کي اٽي ۽ ماني کان وڌيڪ نشي پتي جي هوندي آھي, گهر ۾اٽو نه آھي ته مڙو ئي خير آھي , پر نشو لازمي کپي ۽ انهي نشي جي پورت  ڪرڻ لاء ننڍو ٻار به ڪا نه ڪا مزدوري ڪري شام جو مليل پئيسن مان نشو وٺي واپرائي ٿو ۔ ھتي هڪ افسوس جي ڳالھ ته جنهن ٿرپارڪر  ضلع ۾ روزگار جا وسيلا گهٽ آهن اتي ليبر چائيلڊ جو ريشو قمبر  شهداڪوٽ کان گهٽ آيو آھي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو سماج ۾ رياست جو انهي پاسي ڌيان نه ڏيئڻ ڪري قمبر جيئن ٻيا ضلع به ٻارن جي مزدوري جي معاملي ۾ ڏينهان ڏينهن صورت حال خراب ٿيندي رهندي ۽ اهو ٻار جنهن کي تخليقي صلاحيتن ۽ اعلا تعليم شعور سان ڀرپور ڪري هن سماج لاء ڪارائتو فرد بنائجي پر اهو حڪومتي ناقص پاليسن سبب ذھني ۽ فني طور اپهانج ٿي رهيو آھي ۔تنهنڪري سماج ۽ سوسائٽي نظر رکندڙن ۽ اختيارين  کي انهي پاسي ڌيان وڌيڪ ڏيئڻ ۽ نيون پاليسون ٺاهڻ جي ضرورت آھي ۔

پهنجو تبصرو موڪليو