ڀلاري رات جون ڀلايون

ڀلاري رات جون ڀلايون

مير ذوالفقار چانڊيو
اڄ پندرھين شعبان جي ڀلاري رات آهي ھن رات ۾ ٻانهن مٿان مالڪ جي مھربانين جا مينهن وسن ٿا گنھگارن جا گناھ ڌوپجن ٿا ھن رات کي شب برات سڏبو آهي برات جي معنىٰ آهي ڇوٽڪاري جي رات ھن ڀلاري رات ۾ انسان کي دنيا جي غمن پريشانين کان ڇوٽڪارو ملي ٿو جھنم جي باھ کان ڇوٽڪارو ملي ٿو ھي وڏين بزرگين ۽ ڀلائين واري رات آهي ھن رات ۾ تقديرن جا فيصلا لکيا ويندا آهن
پندرھين شعبان جا 4 نالا آهن
ليلت المبارڪة : برڪتن واري رات ڇو تہ ھن رات ۾ الله جي پاران پنهنجي ٻانهن مٿان برڪتن جو نزول ٿيندو آهي ھن رات ۾ زمزم جي پاڻي ۾ واڌارو ٿيندو آهي
ليلت البرآة: ڇوٽڪاري جي رات ڇو تہ ھن رات ۾ الله ڪريم پنهنجي ٻانهن کي جھنم جي باھ کان ڇوٽڪارو عطا ڪندو آهي
ليلت الصڪة : لک پڙھ واري رات
ڇو ته ھن رات ۾ ساري سال جا ليک لکيا ويندا آهن
ليلت الرحمة : رحمتن واري ڀلاري رات ڇو تہ ھن رات ۾ رب جي رحمتن جي ورھاست ٿيندي آهي
ھن رات ۾ پنج خاصيتون آهن
ھن رات ۾ لک پڙھ ٿيندي آهي
ھن رات ۾ عبادت ڪرڻ ٻين راتين کان عبادت ڪرڻ ۾ فضيلت واري آهي
ھن رات ۾ نزول رحمت ٿيندي آهي بخشش جو حصول ٿيندو آهي
ام المومنين حضرت عائشہ صديقہ رضي الله تعالىٰ عنھا فرمائن ٿيون مون نبي ڪريم صلى الله عليه وسلم کي فرمائيندي ٻڌو الله عزوجل ( خاص طور تي ) چار راتين ۾ ڀلائين جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي
1 قرباني واري عيد جي رات 2 عيدالفطر جي رات 3 شعبان جي پندرھين رات جو ان رات ۾ مرڻ وارن جا نالا ۽ ماڻهن جو رزق ۽ ( ان سال )) حج ڪرڻ وارن جا نالا لکيا ويندا آهن 4 عرفہ يعني 8 ۽ 9 ذوالحجہ جي وچين رات اذان فجر تائين
پندرھين شعبان جي رات ڪيڏي نازڪ آهي خبر ناهي ته ڪنهن جي قسمت ۾ ڇا لکيو وڃي ! افسوس ـ ـ ـ
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو لاپرواهيءَ ۾ پيل رھجي ويندو آهي ۽ ان جي باري ۾ ڪجھ جو ڪجھ ٿي چڪو ھوندو آهي
ڪتابن ۾ اچي ٿو ته ڪيترائي ڪفن ڌوپجي تيار رکيل ھوندا آهن پر ڪفن پائڻ وارا بازارن ۾ گھمي ڦري رھيا ھوندا آهن ڪيترائي ماڻهو اھڙا ھوندا آهن جو انهن جون قبرون کوٽيل تيار ھونديون آهن پر انهن ۾ دفن ٿيڻ وارا خوشين ۾ مست ھوندا آهن حالانڪا انهن جي موت جو وقت ويجهو اچي چڪو ھوندو آهي ڪيترن جي گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ وارو ھوندو آهي
پر گهر جي مالڪ جي موت جو وقت به ويجهو پھچي چڪو ھوندو آهي
آگآھ اپنی موت سے کوئی بشر نھیں
سامان سو برس کا ھے پل کی خبر نھیں

حضرت عائشہ صديقا رضي الله تعالىٰ عنھا کان روايت آهي نبي ڪريم صلى الله عليه وسلم جن فرمايو : مون وٽ جبريل عليه السلام آيو ۽ چيائين : ھي شعبان جي پندرھين رات آهي ھن رات ۾ الله تعالىٰ جھنم کان ايترن کي آزاد فرمائيندو آهي جيترا بني ڪلب جي ٻڪرين جا وار آهن ڪتابن ۾ لکيل آهي : بني ڪلب جو قبيلو عرب قبيلن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻڪريون پاليندو ھو افسوس ـ ـ ـ ـ ڪجهه بدنصيب اھڙا به آهن جن تي انهيءَ رات شب برات يعني ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جي رات بہ نہ بخشجڻ جي وعيد آهي ھن ڀلاري رات ۾ ڪافر ۽ عداوت رکڻ واري ۽ رشتو ٽوڙڻ واري ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪرڻ واري ۽ شراب جي عادي ڏانهن رحمت جي نظر ناهي فرمائيندو شب برآت تمام اھم رات آهي ڪنهن به صورت ۾ انھيء رات کي لاپرواهيءَ ۾ نہ گذارڻ گھرجي ان ڀلاري رات ۾ خصوصيت سان الله جي رحمتن جي ڇماڇم برسات ٿيندي آهي حضرت علي المرتضي شير خدا ڪرم الله تعالىٰ وجھ الڪريم کان مروي آهي جڏهن پندرھين شعبان جي رات اچي ٿي انهن ۾ قيام ( يعني عبادت ) ڪريو ۽ ڏينهن ۾ روزو رکو بيشڪ الله تعالىٰ سج لھڻ کان آسمان دنيا تي خاص تجلي فرمائيندو ۽ چوندو آهي : آهي ڪو مون کان معافي وٺڻ وارو آهي ڪو مغفرت گھرڻ وارو جو انکي بخشي ڇڏيان ھن ڀلاري رات جو ھڪ بھترين عمل آهي ته شب برات جي پندرھين رات ٻير جي وڻ جي ستن پنن کي پاڻي ۾ ٽھڪائي ( ضرورت موجب سادو پاڻي ملائي ڪري ) غسل ڪريو انشاء الله عزوجل سڄي سال جادو جي اثر کان محفوظ رھندو

پهنجو تبصرو موڪليو