پي سي بي پاران آفريدي کي ٽيسٽ ٽيم مان ٻاهر ڪرڻ جو فيصلو

پي سي بي پاران آفريدي کي ٽيسٽ ٽيم مان ٻاهر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي کي هاڻي ٽيسٽ ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔
پي سي بي لاهور ۾ 49 رانديگرن کي ڪيمپ لاءِ دعوت ڏني آهي، جن مان 22 رانديگر ٽيسٽ ڪيمپ لاءِ ۽ 27 رانديگر ون ڊي ۽ ٽي 20 ڪيمپ لاءِ چونڊيا ويا آهن۔
وائيٽ بال ٽيم جو ڪيمپ 18 سيپٽمبر تائين جاري رهندو، جڏهن ته ريڊ بال رانديگرن جو ڪيمپ 10 جولاءِ تائين هلندو۔ ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ امڪاني طور ڪيمپ 15 جولاءِ کان شروع ٿيندو۔
پي سي بي جي ٿنڪ ٽينڪ شاهين آفريدي کي ٽيسٽ ڪيمپ لاءِ نه چونڊيو
پي سي بي جي ٿنڪ ٽينڪ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي کي ٽيسٽ ٽيم جي ڪيمپ ۾ شامل نه ڪيو آهي۔ سندس نالو وائيٽ بال ڪيمپ جي 27 رانديگرن ۾ شامل آهي ۽ اميد آهي ته هو 15 جون تي ڪيمپ ۾ رپورٽ ڪندو۔
خيبر ايجنسي سان تعلق رکندڙ 26 ورهين جي شاهين آفريدي ڊسمبر 2017ع ۾ ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ پنهنجو پهريون ٽيسٽ ميچ نيوزيلينڊ خلاف ابوظهبي ۾ کيڏيو هو۔ سندس آخري ٽيسٽ مئي 2026ع ۾ بنگلاديش خلاف ميرپور ۾ ٿيو۔
هن 34 ٽيسٽ ميچن ۾ 1,114 اوور اڇلايا، 3,545 رنسون ڏئي 126 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن۔
شاهين پنهنجو آخري ٽيسٽ بنگلاديش خلاف کيڏيو، جتي پاڪستان کي ميزبان ٽيم هٿان 104 رنسن تان شڪست آئي۔ ان ميچ جي پهرين اننگز ۾ هن 31.1 اوورن ۾ 113 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ 16 اوورن دوران 54 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون۔
ان کان پوءِ سيلهٽ ۾ ٿيل ٻئي ٽيسٽ ميچ لاءِ تيز بالر خرم شهزاد کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو ۽ شاهين کي ڊراپ ڪيو ويو۔
بنگلاديش جي دوري دوران شاهين آفريدي جي بالنگ رفتار تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي۔ لاهور قلندرز لاءِ 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ رفتار سان بالنگ ڪندڙ کاٻي هٿ جو فاسٽ بالر، بنگلاديش جي دوري دوران بمشڪل 134 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بال ڪرائي سگهيو هو۔
شاهين آفريدي، جنهن صرف 17 سالن جي عمر ۾ ڪي آر ايل لاءِ راولپنڊي خلاف پنهنجو پهريون فرسٽ ڪلاس ميچ کيڏيو هو، بابت بورڊ کي سخت خدشا آهن ته هو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ نٿو کيڏي۔ بورڊ جو خيال آهي ته چار ڏينهن واري ڪرڪيٽ کيڏڻ کان سواءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سندس بالنگ ۾ بهتري جا امڪان گهٽ آهن۔
انهن خدشن کي نظر ۾ رکندي هاڻي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ون ڊي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي کي مستقبل ۾ ٽيسٽ ٽيم لاءِ نه چونڊيو ويندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو