ادريس لغاري
دنيا ۾ جتي جتي به جمهوري نظام۽ ادارا مضبوط آهن ۽ عوام باشعور ۽ پنهنجي حقن کان آگاهه آهي ته اتي باقاعده پوليٽيڪل آڊٽ ٿيندي آهي. چونڊ وڙهندڙ شخص يا پارٽيون پنهنجي ووٽرن ۽ عوام سان جيڪي واعدا ۽ وچن ڪندا آهن، انهن تي پوري ريت عمل پڻ ڪيو ويندو آهي، ڇو ته انهن کي خبر هوندي آهي ته سڀاڻي ان جو انهن کان سخت پڇاڻو ٿيندو ۽ سڄو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو. ائين اسان ڪيترن موقعن تي ڏٺو آهي ته ڪا پارٽي يا ان پارٽي جو صدر يا وزيراعظم ڪنهن به ريت عوام جي اميدن تي پورو نه لهندو آهي يا پنهنجي منشور ۾ پيش ڳالهين تي عمل نه ڪري سگهندو آهي ته اهو ميڊيا تي اچي پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري عوام کان ان ڏوهه جي معافي وٺندو آهي. اهو سڀ ڪجهه صرف ئي صرف پوليٽيڪل آڊٽ جو نتيجو آهي. جيڪڏهن انهن ملڪن ۽ خطن ۾ پوليٽيڪل آڊٽ جو ڪلچر نه هجي ها ته هوند اتي به اهڙو ظلم ٿيندو رهي ها، جيڪو گذريل پنجهتر سالن کان اسان وٽ پاڪستان ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي.
بدقسمتي سان نه پر هڪ وڏي ۽ ڊگهي رٿابندي تحت اسان جهڙن علمي، فڪري، سياسي ۽ تاريخي طرح پٺتي پيل خطن ۽ سماجن ۾ پوليٽيڪل آڊٽ جهڙي ڪلچر جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي. هر طرف کان سڀ وسيلا استعمال ڪري ان کي اسرڻ نه ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو ۽ تاريخي ڪم ٿيو آهي. هن رياست، رياستي ادارن ۽ ان جي اتحادي وڏين سياسي پارٽين ۽ انهن جي ليڊرن جي پوري ڪوشش رهي آهي ته هن ملڪ جو عوام ڪنهن به طرح سياسي سمجهه کان وانجهيل رهي ۽ هڪڙي قسم جي جهالت واري جهان ۾ قيد و بند هجي.
اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ سياسي پارٽيون ۽ انهن جا ليڊر بس هڪڙا مسيحا لڳا پيا آهن ۽ ائين ٻڌايو ۽ محسوس ڪرايو ٿو وڃي ته انهن “مسيحائن” سان ڪهڙا ليکا! هن ويچاري جيڪا قرباني ڏني، اها صرف ئي صرف توهان لاءِ هئي. بس هڪڙو ووٽ آهي اهو هن کي ڏئي ڇڏيو. پوءِ ڇا ٿيندو آهي جو هر دفعي چونڊن وقت وڏا ۽ پرڪشش نعرا نظر ايندا آهن ۽ ڪي به سوال جواب نه ٿيندا آهن. مثال طور اسان پيپلز پارٽي کي ٿا ڏسون، جنهن جو 1967ع ۾ بنياد پيو ۽ ان کي ٺهندي 56 سال ٿي ويا آهن. انهن 56 سالن ۾ هو ڇهه دفعا اقتدار ۾ آئي آهي. سڀ کان پهرين ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پورا پنج سال اقتدار ۾ رهيو ۽ ان کانپوءِ وري بينظير صاحبه ٻه دفعا وزيراعظم ٿي ۽ ٻنهي دورن کي ملائينداسين ته اهي به تقريبن پنج سال ٿي ويندا ۽ 2008ع کان وٺي 2023ع تائين لڳاتار سنڌ ۾ پندرنهن سال حڪومت ڪئي آهي. انهن 56 سالن مان 15 سال اها وفاق ۾ حڪومت ۾ رهي آهي ته وري پورا 25 سال سنڌ ۾ حڪومت ڪئي آهي. هاڻي اها پيپلز پارٽي ٻڌائي ته انهن 25 سالن ۾ سنڌ ۾ جيڪو هن جي منشور جو مشهور ۽ بنيادي نعرو “اٽو، لٽو ۽ اجهو” آهي، ان تي پنهنجي 25 سالن جي حڪومت ۾ ڪيترو عمل ڪيو آهي؟ سنڌ جي ماڻهن کي انهن 25 سالن ۾ “اٽو، لٽو ۽ اجهو” مليو آهي يا انهن جي برعڪس انهن کان گهڻو ڪجهه کسيو ويو آهي؟
اهو ته ٿيو عوام سان عذاب، پر ان سان گڏ پنهنجي صوبي سنڌ ۽ ان جي عوام جا ڪيترا معدني ۽ معاشي وسيلا اقتدار کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف ادارن ۽ ڌرين کي ڀڳڙن مٺ ڏئي پاڻ فائدا حاصل ڪيا. ساڳئي وقت سنڌ ۾ جيڪي پيپلز پارٽي جون مخالف جماعتون آهن، اهي ٻڌائين ته انهن جو جيڪو به منشور رهيو آهي، ڇا ان مطابق انهن سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي يا صرف ئي صرف اقتدار جا مزا وٺي مال ميڙي پنهنجا گهر ڀريندا رهيا؟ جيڪڏهن گذريل 75 سالن کان سنڌ ۾ جيڪي به اقتدار ۾ رهيا ۽ انهن صرف ئي صرف عوام جي ڀلي، ان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪيو ته پوءِ ٻڌايو ته سنڌ ۾ هن وقت ايتري غربت، بيروزگاري، جهالت، بيماريون، مهانگائي ڇو آهي؟ روز ماڻهو پنهنجن معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڇو ٿا ڪن؟ هر طرف مايوسي ڇو آهي؟ سڀ ادارا ڇو تباهه ٿي ويا آهن؟ سنڌ جي تعليم ڇو تباهه آهي؟ سنڌ ۾ صحت جي صورتحال ايتري ڇو خراب آهي؟ ميرٽ جي لتاڙ ڇو آهي؟ ٿوري مينهن پوڻ سان سڄي سنڌ ڇو ٻڏي ٿي وڃي؟ عوام کي نه صرف اربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو ته پر انهن جا ته اجها به لڙهي ويندا آهن ۽ اهي بي يارو مددگار ٿيو پيا هلندا آهن. واهن، ڪئنالن، سم نالن، ۽ ڊرينيج جي صفائي لاءِ جيڪي اربين رپيا اڃن ٿا، اهي ڪيڏانهن وڃن ٿا؟ پر ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين، انهن جي نمائندن ۽ اڳواڻن کان پڇڻ جو رواج ئي نه رهيو آهي، انهن کان پوليٽيڪل آڊٽ تحت پڇاڻو ٿيو ئي ناهي، تنهن ڪري اهي هر دفعي چونڊ وقت وڏا ۽ پرڪشش نعرا هڻي گم ٿي ويندا آهن ۽ پويان عوام وري نئين سر پيو عذاب کي منهن ڏيندو آهي.
هاڻي جڏهن کان سوشل ميڊيا جو دور آيو آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ ماڻهن ان پليٽ فارم تي پنهنجي علائقي ۽ تڪ جي مسئلن کي پڻ کڻڻ شروع ڪيو آهي ۽ سوين ماڻهو پنهنجي علائقي ۽ تڪ جا مسئلا نه صرف اتي رکن ٿا پر ساڳئي وقت پنهنجي تڪ ۽ علائقي جي ايم اين اي يا ايم پي اي کان ان بابت پڇاڻو پڻ ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي شروعات ته 2013ع جي چونڊن وقت ٿي هئي ۽ 2018ع جي چونڊن وقت به ڪيترا اهڙا ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا، جن ۾ ڏٺو ويو ته ماڻهو پنهنجي علائقي جي نمائندي کان سخت سوال پڇي رهيا هئا. پر هن دفعي 2024ع ۾ ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان گذريل مهيني کان وٺي سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ ماڻهو خاص طور تي پنهنجي تڪ جي ايم پي اي يا ايم اين اي کان سوال پڇي رهيا آهن، خاص طور تي انهن کان، جيڪي گذريل ڪيترن سالن کان اقتدار ۾ رهيا آهن. جنهن ۾ گهڻي قدر سوال پنهنجي ذاتي ڪمن ڪارن يا علائقي ۾ ڪم نه ٿيڻ جي حوالي سان ڪري رهيا آهن ۽ ان بابت ئي پڇا ڪري رهيا آهن. يا جن نمائندن پنهنجي ووٽرن سان جيڪي وعدا ڪيا هئا، انهن واعدن متعلق ئي پڇي رهيا آهن ۽ ان سان گڏ اهي ويڊيوز به نمائندن کي ڏيکاري رهيا آهن، جن ۾ ووٽرن سان واعدو ڪيو ويو هو ته چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ توهان جا هي هي ڪم ڪيا ويندا پر اهي نه ٿي سگهيا ۽ ان تي ماڻهن جو هجوم سوال ڪري ٿو ۽ سوشل ميڊيا تي ان کي سوين هزارين ماڻهو ڏسن ٿا. اهڙي قسم جي ڪلچر يا پوليٽيڪل آڊٽ جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ ٿيندي. ڇو ته گهٽ مان گهٽ اسان جو ماڻهو هاڻي ايڏي جرئت ۽ همت سان پنهنجي تڪ ۽ علائقي جي اميدوار کي جوابدار سمجهي ان کان سوال ڪري ٿو.
ان کي پنهنجا واعدا ۽ وچن ياد ڏياري ٿو. ان کي پنهنجي علائقي سان ٿيل ناانصافي متعلق پڇي ٿو. ان کان پنهنجي علائقي ۾ آيل ٻوڏ ۽ ٻئي عذاب جو نه صرف سبب پڇي ٿو پر ان عذاب واري گهڙيءَ ۾ توهان اسان عوام ڏي لڙي به نه آيا، اهو به پڇي ٿو. هاڻي جڏهن اهو پوليٽيڪل آڊٽ وارو ڪلچر سوشل ميڊيا تي شروع ٿيو آهي ته اهو هاڻي ڪنهن به صورت ۾ بند نه ٿيندو ۽ ڏينهون ڏينهن ان ۾ تيزي ايندي. جيتوڻيڪ هن وقت عوام جي گهڻائي صرف پنهنجي تڪ ۽ علائقي جي مسئلن متعلق لاڳاپيل نمائندي کان پڇي ٿي پر اها هڪ ڏينهن انهن کان اهو به پڇندي ته توهان اسان سان واعدو ڪريو ته سڀاڻي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ يا قومي اسيمبليءَ ۾ ويندا، اتي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مفادن خلاف ٿيندڙ ڪنهن قانوني سازي جو حصو نه ٿيندا؟ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف عوام جو آواز بڻجي پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندا؟ سنڌ جي معدني وسيلن کي تين وال ٿيڻ نه ڏيندا؟ سنڌي عوام جي گذر جي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ نه ڏيندا؟ سنڌ ۾ ميرٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا؟ سنڌ جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ادا ڪندا؟ ڪارونجهر جو تحفظ ڪندا؟ سچ ته عوام جي اهڙي قسم جي پڇاڻي، جرئت ۽ همت کانپوءِ هي هر وقت اقتدار ۾ رهندڙ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ايترا ته خوفزده ٿي ويا آهن، جو جتي وڃن ٿا اتي چون ٿا ته مهرباني ڪري جيڪي سوال ڪرڻا آهن اهي ڪريو، جيڪو چوڻو اٿو اهو چئو، پر مهرباني ڪري سوشل ميڊيا تي اسان کي ائين عوام آڏو خوار نه ڪريو. ڪيترن موقعن تي ڏٺو ويو آهي ته ماڻهن کان انهن جا موبائيل ڦريا ويا آهن ۽ انهن کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون آهن. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي اسان جو اقتدار پرست اشرافيه طبقو پوليٽيڪل آڊٽ کان ڪيترو پري ڀڄي رهيو آهي، پر هاڻي اهڙو هٿيار هر هنڌ عوام جي هٿ ۾ آهي ۽ احتساب جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ وقت جي گذرڻ سان گڏ يقيني طرح تيزي ئي ايندي ويندي!
هي آرٽيڪل پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو
اداري جو هن آرٽيڪل سان متفق هجڻ ضروري ناهي










