لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جولاءِ ۾ 3 ون ڊي ميچن کيڏڻ لاءِ هالينڊ جو دورو ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ون ڊي سيريز ٻه سال اڳ ڪورونا وائرس سبب غير معینہ مدت تائين ملتوي ڪئي وئي هئي پر هاڻي ٻئي بورڊ دوري لاءِ تيار آهن ۽ تاريخن جو اعلان جلد ڪندا.ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جولاءِ کان آگسٽ ۾ سريلنڪا ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻ واري آهي، ٽيم 27 آگسٽ کان سريلنڪا ۾ کيڏي ويندڙ ايشيا ڪپ ۾ شرڪت ڪندي، ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان بورڊ وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن، افغانستان کي پاڪستان ڪرڪيٽ جي ميزباني ڪرڻي آهي.










